رپورٽن موجب حيدرآباد ۾ ٽيون ڏينهن آل سنڌ لائيرز ايڪشن ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ جي مختلف بار ايسو سئيشنز جا نمائندا شريڪ ٿيا. ان موقعي تي ڪراچي بار جي صدر ۽ لائيرز ايڪشن ڪاميٽي جي ڪنوينر ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ چيو ته ڌرتي جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهيون، سنڌ جي وسيلن جي بقا لاءِ جنگ ضرور وڙهنداسين. هن چيو ته سنڌو درياهه تي ڪوبه ڪئنال قبول ناهي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ کي به رد ڪيون ٿا. ان ڪري سنڌ حڪومت فوري طور تي سڄي سنڌ جي ماڻهن جي فيصلي کي مان ڏيندي ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ ڏنل زمينن جون ليزون رد ڪري . هن چيو ته سنڌ حڪومت 30 جون تائين ڪارپوريٽ لاءِ ڏنل ۽ تجويز ڪيل زمينون واپس نه ڪيون ته ٻيهر ڌرڻو هنيو ويندو. هاڻي هيءَ ڪاميٽي سنڌ حڪومت کي 30 جون تائين مهلت ڏئي ٿي ته اها ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين انيشيئٽو تحت ڏنل يا تجويز ڪيل سموريون زمينون، سياحتي مقام، جبل ڍنڍون ڍورا واپس ڪري ٻي صورت ۾ انتهائي قدم طور سنڌ وزيراعليٰ هائوس، سنڌ اسيمبليءَ يا ايم نائن موٽروي بند ڪري ڌرڻو هنيو ويندو. ان کان اڳ به ٻٻرلوءِ ڌرڻي جو هيرو عامر نواز وڙائچ ٻڌائيندو رهيو آهي ته حڪومت ڪئنالن تي اڃان ڪم ڪري رهي آهي ۽ اسان سان دوکو ڪيو ويو آهي.
اسان جو هيمشه کان ان حوالي سان اهو خيال رهيو آهي ته حڪومتن کي عوام جي نبض تي هٿ رکي سندس امنگن پٽاندڙ پاليسيون جوڙي ان تي عمل ڪرڻ گهرجي. جمهوري حڪومتن جي تقاضا به اها ئي هوندي آهي. اها به اصولي طور تي حڪومتن کي پنهنجي خوش قسمتي سمجهڻ گهرجي جيڪڏهن عوام حڪومت جي ڪنهن پاليسي کي رد ڪري ٿو. ان جو اهو فائدو ٿيندو آهي ته حڪومت کي عوام جي فيصلي، اعتراض يا ڪاوڙ جي خبر پئجي ويندي آهي ۽ پوءِ اها اهڙو حڪومتي فيصلو واپس ڪري عوام جي ڪاوڙ کان بچي سگهندي آهي پر ايئن اها حڪومت يا حڪمران ڪري سگهندا آهن جيڪي پاڻ کي عوام جو حقيقي نمائندو سمجهندا هجن، پاڻ کي حڪمران نه پر عوام جو خادم سمجهندا هجن ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ حڪومت ڪرڻ کي پنهنجو ايمان ۽ مقصد سمجهندا هجن. جن جو ڪم عوام جي خدمت ڪري کين خوش ڪرڻ هوندو آهي پر افسوس ته هتي عوام جي نالي تي صرف ووٽ وٺي اقتدار ماڻڻ هوندو آهي ۽ اقتدار ماڻڻ کان پوءِ وري انهن طاقتن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن جيڪي کين اقتدار ۾ آڻڻ يعني سليڪيٽ ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪندا آهن جنهن جو مثال سنڌو درياهه مٿان نون ڪئنالن اڏڻ ڪارپوريٽ فارمنگ وارا منصوبا آهن جن بابت مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ 2024 جي چونڊ مهم يا منشور ۾ ذڪر ئي نه ڪيو هو. تڏهن عوام کي اهو نه ٻڌايو ويو هو ته اسان حڪومت ۾ اينداسين ته سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال قائم ڪنداسين ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ غير آباد زمينون خردي ڪري ڪمپنين کي ڏينداسين. سو جڏهن انهن منصوبن بابت اوهان عوام کي اعتماد ۾ ئي نه ورتو هو ۽ نه ئي اهو عوام جو مطالبو هو ته پوءِ ڪنهن جي چوڻ تي اهي منصوبا شروع ڪيا؟
بهرحال جيڪو ڪجهه به هجي، عوام هاڻي جڏهن انهن منصوبن کي رد ڪري ٿو ته حڪومت جو فرض آهي ته اها عوام جي فيصلي ۽ موقف کي عزت ڏئي. پر هتي ابتو نظام آهي. عوام جي فيصلي ۽ موقف کي عزت ڏيڻ يا ان کي فيصلي کي تسليم ڪرڻ بدران الٽو ان جي زبان ڪاڪڙي مان ڪڍي اڇلائي، مٿن تشدد ڪري، انتقامي ڪارروايون ۽ ڪوڙا ڪيس قائم ڪري، گرفتاريون ڪري کين ئي تنگ ۽ پريشان ڪيو پيو وڃي ته اسان جي پاليسين ۽ فيصلن کي ئي قبول ڪيو وڃي. اها آهي جمهوريت ۽ اها آهي هتان جي عوامي حڪومت.!
سنڌو درياهه مٿان جڏهن پنجاب حڪومت نوان ڪئنال ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ته ٽن صوبن سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختون خواهه ۽ انهن صوبن جي عوام اڪثريتي طور تي ان منصوبي کي رد ڪيو ۽ ائين ئي ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف پڻ ٽنهي صوبن جي عوام سخت اعتراض واريو ۽ جڏهن ڪجهه نه ٻڌو ويو ته نيٺ سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي، سڀ قوم پرست جماعتون ۽ سنڌ جي هر مڪتبهءَ فڪر سنڌو درياهه کي زندگي ۽ موت جو مسئلو ۽ پنهنجي بقا جو ڪيس سمجهي ميدان تي نڪري آيا ۽ آخري مورچو وڪيل برادريءَ ٻٻرلوءِ کي بڻايو جنهن پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ کي ڪيترائي ڏينهن بند ڪرڻ جو انتهائي قدم کنيو جنهن سنڌ حڪومت ۽ وفاقي سرڪار کي مجبور ڪيو ته حالتن جي سنگينيءَ کي سمجهيو وڃي ۽ معاملي کي اتي ئي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي.
وڪيل برادري جو به اهوئي خيال آهي ته ڪئنالن جي معاملي کي صرف ٿڌو ڪرڻ تائين محدود ڪيو ويو آهي پر مڪمل طور تي ڪئنالن مان هٿ ناهي ڪڍيو ويو نه ئي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمينن کي رد ڪرڻ لاءِ اسان سان ڳالهايو ويو آهي. جيڪڏهن صورتحال ايئن ئي رهي ته اسان ٻيهر ڌرڻو ڏئي سگهون ٿا ۽ تحريڪ کي اتان کان وري شروع ڪري سگهون ٿا جتان ختم ڪيو هو.
وڪيل برادري ۽ عامر وڙائچ جي ان چتاءُ جي تقاضا اها آهي ته حڪومت وري پراڻي غلطي نه ڪري ۽ هاڻي ئي ان معاملي جو نوٽيس وٺي ان جو سنڌي عوام جي منشا مطابق ڪو حل ڪڍي ۽ ڪوشش ڪري ته معاملو وري ڇڪتاڻ ڏانهن نه وڃي ۽ نه ئي ڪنهن ڌر کي وري انتهائي قدم کڻڻو پوي. حڪومتن ۽ حڪمرانن کي گهرجي ته پنهنجي ڪيل ڳالهين، معاهدن ۽ واعدن تي عمل ڪن عوام سنڌو درياهه تي اڏجندڙ ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ وارن منصوبن کي جڏهن مڪمل طور تي رد ڪيو آهي ته ان کي ئي رد ئي قرار ڏنو وڃي. سو حڪومت کي گهرجي ته ڪئنالن ۽ ڪاپوريٽ فارمنگ خلاف وڪيل برادري جي سنڌ حڪومت کي ڏنل هڪ مهيني واري الٽيميٽم کي سنجيده وٺي سنڌ، سنڌي عوام ۽ وڪيل برادري جي بي چيني ختم ڪئي وڃي