مئل معاملي کي ٻيهر اٿاري آخر ڪنهن جي جنگ وڙهي رهيا آهيو؟: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽ: آزاد لال حسين) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مورو وارو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، ماحول کي خراب ڪرڻ لاءِ ڪجهه ماڻهو گڏ ٿي ويندا آهن، سڀني کي خبر آهي ته انهن جا  سڳا ڌاڳا ڪنهن سان ملن ٿا، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڪنهن جو گهر ساڙي ڇڏجي، اها ڳالهه ڪيئن قبول ڪري سگهجي ٿي؟ اهي ڪير هئا جن گهرو وزير جو گهر ساڙيو؟ هڪ مئل معاملي کي ٻيهر اٿاري، اوهين آخر ڪنهن جي جنگ وڙهي رهيا آهيو؟ پاڻي جو مسئلو حل ڪيو ويو آهي، احتجاج ڪندڙن کي ڪو استعمال ڪري رهيو آهي، سنڌ حڪومت پنهنجي پاسي کان ڪوشش ڪئي ته وارثن سان رابطو ڪرڻ بعد تدفين عمل ۾ آندي وئي، هن چيو ته منشيات بابت اسان اڃا تائين ڪو قانون نه ٺاهي سگهياسين، مان اتفاق ٿو ڪريان ته منشيات نوجوانن کي تباهه ڪري رهي آهي، اها ڳالهه ڪابينا ۾ اٿارينداسين ۽ قانون سازي طرف اڳڀرائي ڪنداسين، هن چيو ته لوڊ شيڊنگ هڪ وڏو مسئلو آهي، اسان وفاق سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهيون ته حيسڪو کي ٽيڪ اوور ڪيو وڃي، بجلي جا ادارا ٽيڪ اوور ڪري پبلڪ پارٽنرشپ تحت هلايا ويندا، ان کان اڳ بلديه ٽائون واري علائقي ۾ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊزيز (SICVD) اسپتال جو افتتاح ڪندي مراد علي شاهه چيو ته SICVD هاڻي دنيا جو سڀ کان وڏو دل جي بيمارين جو نيٽ ورڪ بڻجي ويو آهي جيڪو 10 مڪمل دل جا اسپتال ۽ 29 چيسٽ پين يونٽ (CPU) سڄي صوبي ۾ هلائي رهيو آهي، هي نيٽ ورڪ سالياني ٻن ملين کان وڌيڪ مريضن کي مڪمل طور تي مفت علاج فراهم ڪري ٿو جنهن ۾ اوپن هارٽ سرجري، اسٽروڪ انٽروينشن، ٻارن جي دل جون سهولتون ۽ هنگامي اينجيوپلاسٽيز شامل آهن، ان موقعي تي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.