جنگين کي ورجائڻ جي ڪا ضرورت ناهي

تحرير: وسعت الله خان

جنگ مختصر هجي يا ڊگهي، اها سياست ۽ جرنيلي کي اڳيان ۽  عوام کي پوئتي وٺي ويندي آهي. جنگيون ملٽري انڊسٽريل ڪمپليڪس، ڪميشن ايجنٽن ۽ هٿيارن جي سوداگرن  لاءِ آڪسيجن آهن، ۽  ٻين ڪروڙين ماڻهن لاءِ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ آھن. چوندا آھن اڳوڻي زماني ۾ جنگين وڙهڻ لاءِ ھٿيار ٺاهيا ويندا هئا ۽ هاڻي هٿيارن وڪڻڻ لاءِ جنگيون  ايجاد ٿينديون آهن.جيڪڏهن توهان اهڙا سياستدان آهيو جن کي اقتدار ۾ رهڻ جو تھ خبط آهي پر عوام کي سواءِ دلاسن ۽ ڏٽن،جي  ڪجهه به خاص  حاصل ناهي، تھ ڪرسي تي ويٺي رھڻ جو سڀ کان مختصر رستو، اندروني ڇڪتاڻ ۽  توريل تڪيل جنگي ماحول برقرار رکڻ آهي.

ماڻهن جو ڌيان جڏھن حب الوطني، قرباني، قومي غيرت ، مادر وطن جي ھڪ ھڪ  انچ  زمين جي حفاظت ۽ سامھون واري کي عبرت جو نشان ٺاھڻ  وارن نعرن تي ڄمائي رکو ۽ پنهنجو ڪم سڌو ڪريو.ڪو عقلمند کان وانجھيل جيڪڏھن  پڇي ته، تعليم، صحت،روزگار. اجھو،چوڻ ٻڌڻ جي آزادي سميت آئيني حقن جي ڪيستائين اميد رکون ؟ اھڙي  بيوقوفاڻي سوال جو ھڪ ئي تير ھدف کي ُڇنھندڙ جواب آھي ته ملڪ زندگي ۽ موت جي ڪنڌي تي بيٺو آهي ۽ توکي عين ان  وقت تعليم ۽ ٻين حقن  جو راڳ  ُسجھيو آھي.

ملڪ  رھندو تھ اھو سڀ ٿيندو نھ ! توکي تھ اھو مطالبو ڪرڻ گھرجي تھ هن وقت  معيشت جي سڄي ڌارا دفاع  طرف موڙي ڇڏيو ۽ پاڻ جھڙن کي  به سمجهائڻ گهرجي ته ڪو مطالبو،ڪا خواھش، ڪو حق، ڪا به آزادي ملڪ جي سالميت کان مٿي ناهي. اسين (يعني عوام) گاهه چرنداسين،پر ُجهڪينداسين ڪونه. (يعني پهرين جنگ ڪرڻ لاءِ گاهه، پوءِ جنگ جي اثرن کي ختم ڪرڻ لاءِ گاهه ۽ پوءِ ھڪ  ٻي ممڪنھ جنگ جي تياري لاءِ گاه)

جنگ ننڍي هجي يا وڏي، هي گيم گھڻي نازڪ آهي. هٿ ۾ رهي ته  انعام،اڪرام، علائقا ۽ منصبن جي برسات. بي قابو ٿي وڃي ته انفرادي ۽ اجتماعي زوال. مثال جي طور 1965 ۽ 1971  جي نتيجي ۾ ايوب خان ۽ يحيٰ خان جو زوال ۽ 1999  جي نتيجي ۾ پرويز مشرف جو عروج ۽ سويلينز  جو زوال در زوال. نه ته ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ڪجهه ڪري سگهي، نه ئي آئين جي شق ڇھھ ڪنهن ڪم آئي ۽ نه ئي ميثاق جمهوريت ِڀت بڻجي سگهي. هاڻي  تھ اھي سڀ چونچلا ماضي جو حصو آهن، حال ُپرعزم  آهي ۽ مستقبل روشن.

پاڪستان اڀياس مطابق ايوب خان جي قيادت ۾ 1965ع جي جنگ  فيصلائتي  طور تي کٽي وئي ھئي. پر هي ڪهڙي  فتح هئي، جنهن جي قيمت جي طور تي صنعتي ترقي پٽڙي تان اھڙي لٿي جو  وري ساڳي رفتار تي اچي نھ سگھي. ان جنگ دوران  جيڪا ايمرجنسي لاڳو ٿي سا ايندڙ ويهن سالن تائين جاري رهي.سن  1973ع جي آئين  نافذ ٿيڻ جي  12 سالن کانپوءِ محمد خان جوڻيجو کي اھا ايمرجنسي ھٽائڻي پئي. ڪجهه سياڻا چون ٿا ته 1971 جي جنگ کان پوءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان چونڊون کٽندڙ اندراگانڌي  جيڪڏھن 1975 ۾ ايمرجنسي نھ لڳائي ھا، ته بنا رڪاوٽ ايندڙ ٻن چونڊن تائين حڪومت ڪري سگهي پئي. پر هاڻي هندستان ۾ به زمانو  بدلجي ويو آهي.ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ بدران ان کي هڪ رولر ڪوسٽر  جي شڪل ڏني وئي آهي.

پهرين عالمي جنگ آمراڻي۽ فاشسٽ تجربي کي مضبوط ڪيو. پر ٻي عالمي جنگ جي خوفناڪ نتيجن جي روشني ۾، مغرب وارن ۽ جپان وارن تباهي کي جمهوري ۽ معاشي سڌارن لاءِ سونهري موقعي طور استعمال ڪيو ۽ رک مان ترقي پيدا ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي.گرم جگن جي جاءِ تي سرد جنگ جي تصور ورتي.ان دوران ھڪ ٻئي کي ھيٺ ۽ گھٽ ڏيکارڻ جي لاءِ جتي نيٽو ۽ وارسا پيڪٽ وجود ۾ آيا،اتي يورپي يونين ۽ ويٽنام جي جنگ  جي اثرن مان سبق سکندي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ آسيان جي اقتصادي اتحاد جنم ورتو.

ٻي عالمي جنگ جي فاتحن هٿيارن جي سرٽوڙ ڊوڙ ڀلي ڊوڙي ھجي، پر ان ڊوڙ کي ھڪ  ٻي سڌي جنگ ۾ تبديل ڪرڻ جي بدران،نادان رياستن کي شطرنجي مھرا بڻائي پنھنجا پنھجا قومي ۽ بين الاقوامي مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.انهن طاقتن  هٿيارن جي منڊي تي ڪنٽرول ضرور برقرار رکيو، پر هڪ ٻئي تي پنهنجون بندوقون خالي ڪرڻ بدران، انهن انهن کي بيوقوف ملڪن کي وڪرو ڪيو ۽ پوءِ انهن مان پنهنجو ئي ڪم ڪڍرايو ۽ ڪڍرائي رهيا آهن.

سوال ھي آهي ته انھن مثالن مان هندستان ۽ پاڪستان 78 سالن ۾ ڇو سبق  نه سکي سگهيا. اهي اڃا تائين ٻنهي عالمي جنگين جا لاٿل ساڳيا ويس وڳا  ڇو پائڻ تي  ضد ڪن ٿا، جيڪي انهن جنگين جي مرڪزي ڪردارن 80 سال اڳ اڇلائي ڇڏيا.شايد اسين،پڙھيل لکيل ڏکڻ ايشيائي، پڻ ان ناخواندھ نفسيات جا مسلسل اسير آھيون تھ ”مڙس تھ ڦڏو نھ تھ جڏو“. دشمني بھ اها جيڪا ٻين جي نڪ گسائڻ  جي چڪر ۾ نسل در نسل پنهنجا ئي ٻچا ڳڙڪائيندي رھي آھي.ڀلي نڪ اونچي رکڻ ۽ ٻين جي وڍڻ جي لاءِ زمين، گهر ۽ نسلن جو مستقبل  ئي ڇو نھ گروي رکرائڻو پوي.

هن خطي  1947 کان وٺي ھن وقت تائين رت ئي ڏٺو. لاشن تي سرحدون وجود ۾ آيون، پوءِ بھ سڪون ناهي. درياءَ ورهائجي ويا، پوءِ اندر ٿڌو ناھي ٿيو،پنھنجو  پاڻ سان بھ جنگ ۽ هڪ ٻئي سان بھ جنگ. هي آھي ھن وقت تائين جي ڪمائي اسان جي ٽن نسلن جي.لڳاتار جنگين کان ڏنگيل دنيا سمجھي ٿي ته جنگ قومي مقصد حاصل ڪرڻ جو آخري حربو هجڻ گهرجي. ان جي ابتڙ اسان جي  خطي ۾ جنگ جي صنعت بنيادي مسئلن جي اڪسير سمجهي وڃي  ٿي.

چين جي جنگي ماھر، سن زو ٻه ، اڍائي هزار سال اڳ چيو ھو تھ بهترين جنگ اها آهي جيڪا ڇيڙڻ کانسواءِ  کٽي وٺجي. اڄ جي چيني قيادت انهيءَ ئي اصول تي عمل ڪري رھي آھي.چين سان جڙيل ڏکڻ ايشيا ۾ چو طرف ميڊ ان چائنا جي شين جو ڍڳ ملندو سواءِ سن زو. جي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.