سنڌ ٻيهر سخت گرمي جي لپيٽ ۾ آهي، جتي گرمي پد زندگي لاءِ خطرناڪ حدن تائين وڌي رهيو آهي. اڪثر ڪري 50°C کان به مٿي محسوس ٿئي ٿو . عالمي گرمي ھاڻ وڏي حقيقت آھي، ۽ ھر ايندڙ سال پوئين سال کان وڌيڪ گرم آھي۔ اسان وٽ به هنگامي الرٽ ۽ ردعملي قدمن جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو. اسڪول بند ڪيا وڃن ٿا، صحت جون هدايتون جاري ڪيون وڃن ٿيون، ۽ عارضي امدادي ڪيمپون ٿوري وقت لاءِ ڏسڻ ۾ ايندڙ ڪجهه ڪم ڪن ٿيون. سمجھڻ گھرجي ته گرمي جون اهي شديد لهرون تعداد ۽ پنھنجي شدت جي حساب سان وڌي رهيون آهن . ۽ سنڌ ۾ وري وري ايندڙ ۽ ٻِڙ ٻيگھي مچائيندڙآفتن ۾ گرمي جي لهر به هڪ اهم ۽ وڌندڙ آفت بڻجي چڪي آهي . جيڪا موسمي بحران جي هڪ واضح نشاني آهي.
هڪ اهم سوال اڀري ٿو: ڇا اسان پائيدار لچڪ / ريزيلينس پيدا ڪرڻ لاءِ ڪي گھربل يا واسطيدار ڪم ڪري رهيا آهيون، يا اسان رڳو هڪ وڌندڙ زخم تي عارضي پٽيون ٻڌي رهيا آهيون؟ موسمي لچڪ (Resilience) جو سادو مطلب آهي ته ڪنهن به ڏکئي وقت، آفت يا موسمي تبديليءَ جي اثرن کي برداشت ڪرڻ، ان مان جلدي سبق سکي ٻاهر نڪرڻ، ۽ مستقبل ۾ اهڙين حالتن کي اڃا به بهتر نموني منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ کي ۽ پنهنجي سماج کي تيار ۽ مضبوط ڪرڻ جي صلاحيت ھجڻ آھي.
ڪڙو سچ اھو آهي ته الرٽ، جيتوڻيڪ تڪڙي حفاظت ۽ اُپاءُ لاءِ انتهائي ضروري آهن، پر اهي ڪا جامع رٿابندي ناهن. وقتي طور تي گرمي جي شدت ۾ قائم ڪيل ايڊهاڪ ڪميٽيون اڪثر ڪري موسم جي ٿڌي ٿيڻ کان به اڳ ٿڌيون ٿي وڃن ٿيون. جيڪڏهن سنڌ کي پنهنجن ماڻهن، خاص ڪري پنهنجي سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقن، جيڪي وسيع غربت ۽ شهري گرمي جي ٻيٽن (urban heat island effect) جي مسئلن سان منھن ڏئي رهيا آهن، کي سخت گرمي جي وڌندڙ خطري کان حقيقي طور بچائڻو آهي، ته پوءِ هڪ بنيادي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: ردعمل واري هنگامي قدمن کان هٽي ڪري هڪ فعال، گهري جڙيل، ۽ نظام جي سطح تي موسمي لچڪ پيدا ڪرڻ جي سوچ اپنائڻي پوندي. هي رڳو وڌيڪ وڻ پوکڻ يا پاڻي ورهائڻ جو معاملو ناهي؛ هي بنيادي طور تي اسان جي منصوبابندي، حڪمراني، ۽ عمل ڪرڻ جي طريقن کي تبديل ڪرڻ جو معاملو آهي.
اصل مسئلو: طرز حڪمراني ۾ بھتري آڻڻ اڻٽر آھي
اچو ته کليل ڳالهه ڪريون. گرمي جي لهرن يا اهڙين ٻين موسي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيتري به سٺي نيت سان منصوبابندي ڪئي وڃي، اها ڪامياب نه ٿيندي جيڪڏهن ان جو بنياد سٺي حڪمراني، مڪمل شفافيت، ۽ سڀن لاءِ ساڳي جوابدهي تي نه هوندي. بهتر حڪمراني سمورن آفتن جي انتظام لاءِ اهم آهي ۽ ترقياتي عمل کي آفتن جي انتظام سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ پڻ لازمي آهي. گهڻي وقت کان، مختلف شعبن ۾ ترقياتي منصوبا، بشمول اهي جيڪي آفتن جي خاتمي لاءِ اهم آهن، ” ذاتي فائدن کي حاصل ڪرڻ“ (rent.seeking) ۽ بدعنواني سبب ڪمزور ٿيندا رهيا آهن، جنهن جو تجربو ڪيترن ئي شهرين کي آهي. جڏهن عوام جي ڀلائي لاءِ مختص ڪيل وسيلا ھیٺ مٿي ٿي ٿا وڃن ته پوءِ منصوبن جي پائيداري ۽ اثرائتي ھجڻ تي گھرا اثر پون ٿا. هي اهو اصل مسئلو آهي جنهن کي اسان کي نه رڳو تسليم ڪرڻ گهرجي پر فعال طور تي ان کي منهن ڏيڻ گهرجي، جيڪڏهن ختم نه ڪري سگهجي ته گهٽ ۾ گهٽ ان کي قابل انتظام سطح تي آڻڻ گهرجي. هي ملڪ ۽ صوبي کي اھنج مان ڪڍڻ لاءِ ۽ موسمي گير جي ناڪاري اثرن کي منھن ڏیڻ لاءِ اھم آھي۔ پنھنجي طرزحڪمراني ۽ انتظام ڪاري۾ جھول مڃڻ کانسواءِ بھتري جي ڳالھ ڪرڻ اجائي آھي
حقيقي طور تي گرمي کي برداشت ڪندڙ سنڌ لاءِ بنيادي شفافيت جي ضرورت آهي. تصور ڪريو ته ضلعي سطح تي گرمي جي شدت جي خاتمي جي منصوبن لاءِ مختص ڪيل هر رپيو. ٿڌيون پناهه گاهون ٺاهڻ کان وٺي صاف پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ تائين. عوامي طور تي ظاهر ڪيو وڃي: بجيٽ، خرچ، ٺيڪيدارن جا تفصيل، ۽ منصوبن جي پيش رفت جون رپورٽون عوام لاءِ دستياب هجن، مقرر ٿيل آن لائين پورٽلز ذريعي، جيڪي سول سوسائٽي جي شراڪت سان هلائجن. تصور ڪريو آزاد شهري نگران ڪميٽيون ۽ سماجي آڊٽ جا طريقا، جن ۾ سول سوسائٽي جي تنظيمن (CSOs) جي مضبوط شرڪت هجي، جيڪي انهن منصوبن جي جاچ ڪري سگھن! . هي ڪا ھوائي يا اڻ ٿيڻي ڳالھه ناهي؛ هي هڪ عملي ضرورت آهي ته جيئن زندگي بچائيندڙ عمل، پراجيڪٽ ۽ ڪم پنهنجا مقصد ساڀيان ڪندي فائدا ماڻهن تائين پهچائين، نه ڪي چند ماڻهن لاءِ ناجائز منافعن جو ذريعو ٿين.
شڪايتن کي ڏور ڪرڻ ۽ نبيرڻ مضبوط، پهچ وارا، ۽ وقتائتا طريقا قائم ڪرڻ گهرجن، جن ۾ ڪمزور طبقن لاءِ پهچ کي آسان بڻائڻ شامل ھُجي ۽ سول سوسائٽي/ڪميونٽي جون تنظيمون انهن طريقن جي اثرائتي نگراني ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن. هي اعتماد پيدا ڪرڻ ۽ يقيني بڻائڻ جو معاملو آهي ته عوامي فنڊ واقعي عوام جي خدمت ڪندي خرچ ٿين ٿا.
رڪاوٽون ختم ڪرڻ: گڏيل عمل جي طاقت
گرمي سميت ٻوڏ ۽ ٻين موسمي آفتن۾ جيڪي چيلينج پيش اچن ٿا، اهي ايترا پيچيده آهن جو ڪو به هڪ سرڪاري کاتو اڪيلو انهن کي منهن نٿو ڏئي سگهي. تنهن هوندي به، اسان اڪثر ڪري ھڪ عملي ادارتي گھاڙيٽو ڏسون ٿا جنھن ۾ ھر کاتو پنھنجي منھن ڪم ڪري ٿو ۽ ٻئي کي ويجهو اچڻ نه ٿو ڏي؛ هر کاتو پنهنجي دائري ۾ ئي پیو گھمندو آھي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪوششون ضايع ٿين ٿيون، وسيلا زيان ٿين ٿا، ۽ گڏيل فائدن جا موقعا وڃائجن ٿا. ان ڪري سھڪاري ڪم ۾ سمجھداري۽ پائيندار آھي۔
ان گڏ ڪم ڪرڻ واري گھاڙيٽي کي سمجھڻ لاءِ مثال ٿا وٺون، تصور ڪريو: هڪ ”لچڪدار اسڪولن جو منصوبو“ جتي تعليم کاتو اسڪولن جي عمارتن کي اهڙي طرح ڊزائين ڪري جو انهن ۾ اوچيون ڇتيون ۽ هواداريءَ جو مناسب بندوبست هجي ته جيئن قدرتي طور ٿڌ رهي؛ ٻيلو کاتو اتي وڏي پيماني تي وڻڪاري ڪري؛ توانائي کاتو پکن ۽ ڪولرن لاءِ مسلسل بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سولر پاور لڳائڻ ۾ مدد ڪري؛ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتو اسڪولن تائين پاڻي جا قابل اعتماد ڪنيڪشن فراهم ڪري، خاص ڪري جتي جر مٺو نه هجي؛ ۽ صحت ۽ سماجي ڀلائي جا کاتا اسڪولن ۾ صحت جا پروگرام شامل ڪن جن ۾ گرمي کان بچاءَ، او آر ايس جي فراهمي، ۽ صفائي جا سامان شامل هجن. اهم ڳالهه اها ته آبپاشي کاتي کي انهن پبلڪ هيلٿ اسڪيمن لاءِ پاڻي جي ذريعن جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ گهرجي! ھي ھڪ عام فھم مثال آھي جنھن مان سھڪاري رٿابندي ۽ عمل واضح ٿين ٿا!
هي رڳو فنڊ گڏ ڪرڻ جو معاملو ناهي؛ هي ماهراڻي صلاحيتن، اختيارن، ۽ لچڪدار سماجي بنيادي ڍانچي لاءِ هڪ گڏيل ويزن/شعور کي گڏائڻ جومعاملو آهي. صوبائي ۽ ضلعي سطح تي موسمي لچڪ لاءِ بااختيارڪاميٽيون قائم ڪرڻ گهرجن، جن ۾ سڀني لاڳاپيل سرڪاري کاتن ۽ سول سوسائٽي جي حقيقي، بامقصد، ۽ مختلف نمائندگي هجي. اهي ڪميٽيون اهڙي گڏيل منصوبابندي ۽ عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ انجڻ بڻجڻ گهرجن، رڳو رسمي سھڪار کان اڳتي وڌي ڪري حقيقي طور حل پيدا ڪن.
سول سوسائٽي: تبديلي لاءِ لازمي ڀائيوار ٿي سگھي ٿو
گهڻي وقت کان، سول سوسائٽي جي تنظيمن (CSOs). جن ۾ اين جي اوز، ڪميونٽي تي ٻڌل تنظيمون، علمي ادارا، ۽ شهري عمل جا گروپ شامل آهن. کي اڪثر ڪري غير اهم ڪردار طور ڏٺو ويو آهي ان کي تبديل ٿيڻ گهرجي. سول سوسائٽي هڪ لازمي ساٿي آهي، تبديلي آڻيندڙ اهم ڪردار آهي، ۽ سماج ۽ اڪثر ڪري پري رهندڙ رياستي مشينري جي وچ ۾ هڪ اهم پل آهي
CSOs جيڪو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ ڪرڻ گهرجن، اهي گھڻ طرفا آهن ۽ منصوبي جي هر مرحلي لاءِ لازمي آهن. اھي تنظیمون منصفانڻي موسمي پاليسين لاءِ زور ڀرين ٿيون ۽ يقيني بڻائين ٿيون ته سرڪاري واعدا عمل ۾ اچن. انهن جا بنيادي نيٽ ورڪ آگاهي ۽ معلومات وڌائڻ ۽ ڪميونٽي کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ اھم آهن، پيچيده موسمي معلومات کي مقامي طور تي سمجهھ ۾ ايندڙ پيغامن ۾ تبديل ڪن ٿا ۽ ڪميونٽيز کي مقامي عمل لاءِ بااختيار بڻائين ٿا. CSOs سڀني سطحن تي صلاحيتون وڌائي سگهن ٿيون، ڪميونٽي رضاڪارن کي گرمي جي جھٽڪي جي پهرين امداد جي تربيت ڏيڻ کان وٺي مقامي سرڪاري عملدارن کي شراڪتی منصوبابندي ۽ وسيلن جي انتظام ۾ مدد ڪرڻ تائين فعال ڪردار ادا سگھن ٿا۔
ان کان علاوه، سول سوسائٽي سماجي آڊٽ، بجيٽ جي جاچ، ۽ منصوبن جي عملدرآمد جي نگراني ۾ اڳواڻي ڪندي يا فعال طور تي حصو وٺندي، CSOs عوامي نگران طور ڪم ڪري سگهن ٿيون، ڪاميابين ۽ ناڪامين ٻنهي تي روشني وجھن سگھن ٿيون. اهي ٿڌ ۽ موافقت لاءِ تحقيق ۽ جديد، گهٽ خرچ وارا مقامي حل پيش ڪري سگهن ٿيون، جیڪي اڪثر ڪري مقامي علم تي ٻڌل ھوندا آھن. اهم طور تي، CSOs اڪثر ڪري پٺتي پيل ۽ ڪمزور طبقن جي آوازن جي نمائندگي ڪن ٿيون . ٻهراڙي جا غريب، شهري ڪچي آبادين جا رهواسي، عورتون، ٻار، ۽ بزرگ – يقيني بڻائين ٿيون ته انهن جون خاص ضرورتون وڏي منصوبابندي ۾ نظرانداز نه ٿين. هڪ بااختيار سول سوسائٽي، جنهن کي سڀني منصوبابندي ۽ نگران ادارن ۾ حقيقي ۽ بامقصد نمائندگي حاصل هجي، اها سرڪاري اختيار لاءِ خطرو ناهي پر ان جي اثرائتي ھجڻ لاءِ هڪ لازمي جزو آهي. (هلندڙ)