عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ مفاهمت جون ٿيندڙ ڪوششون

تحرير: انصارعباسي

خبرون آهن ته آمريڪا ۾ رهندڙ ڪجهه پاڪستاني ڊاڪٽر اڄ  وري پاڪستان آيا آهن. انهن جو مقصد عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ مفاهمت پيدا ڪرڻ آهي. اهي ان مقصد ۾ ڪامياب ٿي سگھن ٿا يا نه، اهو سڀ کان اهم ۽ بنيادي سوال آهي.اٽڪل ٻه مهينا اڳ پڻ پاڪستان ڪا آمريڪا ۾ رھندڙ ڊاڪٽر ۽ ڪاروباري ماڻهو آيا هئا. انهن اڊيالا جيل ۾ عمران خان ۽ اسلام آباد جي هڪ اهم سرڪاري عهديدار سان ملاقات ڪئي هئي. پر ان کان اڳ جو انھن ملاقاتن جي نتيجن جو انتظار ڪجي ھا،پاڪستان تحريڪ انصاف، جي ٻاھرين ملڪن ۾ رھندڙ ڪجهه يوٽيوبرز ۽ پارٽي جي سوشل ميڊيا، انهن ئي ڊاڪٽرن خلاف محاذ کڙو ڪيو ۽ انهن جي  ٽرولنگ ڪئي.

هاڻي وري ڪجهه ماڻهو پاڪستان  اچي چڪا آهن، پر اڃا تائين انھن جي عمران خان يا ڪنهن اهم سرڪاري عهديدار سان ملاقات  نھ ٿي آھي.تحريڪ انصاف جا اھي اڳواڻ  جيڪي ان معاملي کان باخبر آهن، اهي ھن ھفتي ڪجھ کڙتيل نڪرڻ بابت پراميد آهن.پر اصل سوال  ھڪڙو ئي  آهي ۽ ان جو تعلق صرف ۽  صرف عمران خان سان آهي: ڇا عمران خان  پنھنجي گذريل ٻن ،ٽن سالن جي سياست،جنهن جو نشانو فوج ۽ فوجي قيادت سان گڏ ملڪ جي معيشت کي  بڻايو آھي.اھو ڇڏڻ لاءِ تيار آھي يا نھ آھي ؟ هي اھو اهم سوال آهي، جنهن جو جواب ئي اهو فيصلو ڪري سگهي ٿو ته ڇا تحريڪ انصاف نارمل سياست ڏانھن موٽڻ چاھي ٿي يا مونجھاري جي ھن  ئي  حالت ۾ رهڻ چاهي ٿي، جنهن ۾ اها فوج ۽ فوجي قيادت سان وڙهڻ بھ چاهي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ انھن سان ڳالهائڻ لاءِ به بي چين  آهي.

عمران خان جي خواھش آھي تھ ھو  فوج سان ڳالهايون ڪري، پر ڇا اهو ممڪن آهي ته توهان فوج سان ڳالهائڻ بھ چاهيو ۽ ان سان گڏوگڏ فوج جي اعليٰ قيادت خلاف محاذ بھ کليل رکو.مان اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا اهو چئي چڪو آهيان ۽ هاڻي وري ان ڳالھھ تي زور ڏيڻ چاهيندس ته عمران خان کي ڪاوڙ ۽ نفرت جي بدران ٿڌي دل ۽ دماغ سان سوچي پنهنجو رويو تبديل ڪرڻو پوندو.

جيڪڏهن ھو انقلاب آڻڻ چاهي ٿو ته فيصلو ڪري وٺي تھ ھن جو رستو صرف ۽ صرف انقلاب آهي ۽ ان صورت ۾ فوج يا حڪومت سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي،ٿي سگهي. گذريل ٻن، ٽن سالن ۾ انقلاب جون ڪوششون بار بار ڪيون ويون آهن، پر نتيجو ڪجھ نھ نڪتو آھي.بلڪھ خود عمران خان ۽ سندس پارٽي لاءِ مشڪلات وڌيون آھن.جيڪڏهن مسئلو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻو آهي ته پوءِ خان صاحب کي پنهنجي ڪاوڙ ۽ لفظن تي ضابطو رکڻ کان علاوه پنهنجي سوشل ميڊيا، پرڏيهه ۾ رهندڙ اڳواڻن ۽ يوٽيوبرز کي به شٽ اپ ڪال ڏيڻي پوندي. ھڪ ئي وقت ۾ جيڪڏهن خان صاحب فوج سان ڳالهائڻ  جو خواھشمند بھ ھجي ۽ پنهنجي سوشل ميڊيا کي بھ خوش رکڻ جي ڪوشش ڪري ۽ انھن جي ٽرينڊز مطابق پنھنجي سياست  هلائي، تھ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.

پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ تازي جنگ ۽ پاڪستان جي شاندار فتح کان پوءِ،ھونئن ئي پاڪستان تحريڪ انصاف لاءِ آپشنز محدود  ٿي چڪا آهن. آمريڪا کان ايندڙ ڊاڪٽرن جي ڪوشش هڪ سٺو قدم آهي، پر مسئلو ان وقت تائين حل نه ٿيندو جيستائين عمران خان ڪو فيصلو نه ڪندو. ان حوالي سان تحريڪ انصاف جي قيادت کي  گھرجي تھ اھا ڊڄڻ بدران عمران خان سان اھي ڳالهايون ڪن جيڪي اھي پاڻ ۾ ڪن ٿا.يعني، ڳالھيون  حڪومت سان بھ ڪن ۽ جيڪڏهن ممڪن هجي ته فوج سان بھ ڳالهين جو دروازو بند نه ڪن. ان لاءِ ضروري آهي ته عمران خان پاڻ فوج يا فوجي قيادت خلاف بيان ڏيڻ کان رڪجي وڃي. پنهنجي سوشل ميڊيا، پرڏيهه ۾ رهندڙ اڳواڻن ۽ يوٽيوبرز کي به ائين ڪرڻ کان روڪي.انقلاب آڻڻ جون ڪوششون ٿي چڪيون، اسلام آباد تي چڙھائي جا تجربا بھ ڪيا ويا.رستن تي بھ اچي چڪا ۽ جلسا ،جلوس بھ گھڻا ئي ٿي چڪا، پر ڪو به فائدو نه ٿيو. سياست ۾ اختلاف رکو، پر سياست کي دشمني ۾ تبديل نھ ڪريو.پنهنجي سوشل ميڊيا جي بھ ذھن سازي ڪريو تھ اھا گاريون ڏيڻ،ڪوڙ ھڻڻ،بھتاڻ ھڻڻ ۽ نفرت کي ڇڏي ڏين.جيڪي اڳواڻ ۽ پارٽيون  پاڻ کي سڀ کان وڌيڪ مقبول سمجهن ٿيون، انهن کي قوم کي گڏڻ ۽ متحد ڪرڻ گهرجي، نفرت ۽ ورهاست جي سياست تي ڀاڙڻ نه گهرجي. عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جيترو جلد اهو سمجهندا، اوترو ئي انهن لاءِ بهتر هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.