ڏکڻ ايشيا هن وقت هڪ ڀيرو وري تڪراري ڇڪتاڻ جي آخري حدن تي پهتل آهي. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي تازي تقرير، جيڪا پهلگام دهشتگرد حملي کان پوءِ “آپريشن سندور” جي پسمنظر ۾ ڪئي وئي تنهن خطي ۾ بيچيني ۽ غير يقيني وڌائي ڇڏي آهي. مودي جو لهجو رڳو اشتعال انگيز نه هو، پر هڪ واضح پيغام به هو ته ڀارت ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو. هن جنگ بندي کي پاڪستان جي “درخواست” سان جوڙي، اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڀارت مٿانهين پوزيشن تي آهي. پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي.
پاڪستان ڀارتي جارحيت جو پورو تيار ٿيل جواب ڏنو. پھرين سٽ ۾ ھن جا پنج جھاز ڪيرائي وڌا۔ وري پاڪ فوج پاران جوابي ڪارروائي طور”آپريشن بنيان مرصوص“ جي شروعات ڪئي وئي. هڪ هم آهنگ، تيز رفتار ۽ اثرائتي فوجي مهم، جنهن ڀارت کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو. پاڪ فضائيه، زميني فوج ۽ بحريه مڪمل اتحاد سان جوابي ڪارروايون ڪيون ۽ هي واضح پيغام ڏنو ته پاڪستان امن جو خواهشمند ضرور آهي، پر پنهنجي خودمختياري تي ڪڏهن به سودو نه ڪندو.
اهو ذڪر ڪرڻ به ضروري آهي ته عالمي سطح تي ڀارت جي هڪ طرفي فوجي ڪاررواين تي سخت خدشا ظاهر ڪيا ويا، جڏهن ته پاڪستان جي ذميواراڻي ۽ متوازن رويي کي ساراهيو ويو. آمريڪا، چين، خليجي ملڪن ۽ گڏيل قومن يڪدم مداخلت ڪئي ۽ ڀارتي حڪومت تي جنگبندي لاءِ دٻاءُ وڌو. نتيجي ۾ ڀارت کي پاڻ جنگ بندي جي اپيل ڪرڻي پئي، جنهن کي هاڻ هو پاڪستان جي درخواست چئي رهيو آهي.
آپريشن بنيان مرصوص پاڪستان جي فوجي، سياسي ۽ قومي سگهه جو واضح اظهار هو. ان نه رڳو ڀارتي حملي کي روڪيو، پر هڪ مضبوط قومي بيانيو به قائم ڪيو: پاڪستان امن چاهي ٿو، پر ڪمزور ناهي. هي مهم قومي اتحاد، اداري جي هم آهنگي ۽ عوامي اعتماد جو مظاهرو بڻجي سامهون آئي.
هاڻي جڏهن ته پاڪستان عسڪري سطح تي ڪاميابي حاصل ڪري چڪو آهي، تنهن ڪاميابي کي ملڪ جي اندرين سڌارن ۽ ترقيءَ ۾ تبديل ڪرڻ لازمي آهي. ان لاءِ پاڪستان کي هيٺين اهم شعبن تي سنجيده ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي:
(1) معاشي استحڪام:
ملڪ کي اهڙي معاشي ماڊل جي ضرورت آهي، جيڪا پائيدار، برآمدات تي ٻڌل ۽ شراڪتي هجي. ان لاءِ ٽيڪس سڌارا، ڪاروباري ماحول ۾ سولائي، صنعتي ترقي، زراعت جي بهتري، مالي نظم و ضبط ۽ ڊجيٽل معيشت جي واڌاري کي اوليت ڏيڻ ضروري آهي. ٻاھران شين ۽ جنسن گھرائڻ تي مدار گهٽائڻ ۽ غير ملڪي ناڻي (ڊالر وغيره) جي ذخيرن کي وڌائڻ اڻٽر آهي.
(2)سياسي هم آهنگي:
ملڪ ۾ سياسي بيچيني ۽ ورهاست قومي سگهه کي ڪمزور ڪري رهي آهي. سڀني سياسي جماعتن کي اعتماد جي بحالي، مصالحت تي ٻڌل سياست، ۽ قومي ايجنڊا تي اتفاق جي لاءِ گڏ ويهي ڳالهائڻو پوندو. پارليامينٽ، عدالتن ۽ سول ادارن کي خودمختيار ۽ مضبوط بڻائڻ لازمي آهي.
(3) قومي يڪجهتي ۽ صوبائي خودمختياري:
سڀني صوبن لاءِ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ، خودمختياريءَ جو احترام، ۽ مڪاني حڪومتن جو مؤثر ڪردار ضروري آهي. بلوچستان، سنڌ، خيبر پختونخواهه ۽ گلگت بلتستان ۾ احساس محرومي کي ختم ڪرڻ لاءِ ترقياتي پيڪيجز ۽ سياسي نمائندگيءَ کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. خاص طور تي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ۽ ماحولياتي پائيداري بنيادي عنصر آهن.
(4)اندرين سلامتي:
دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ فرقيواريت سان منهن ڏيڻ لاءِ نيشنل ايڪشن پلان کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻو پوندو. پوليس ۽ انٽيليجنس ادارن کي جديد معيار تي آڻڻ، عدالتي نظام ۾ سڌارا، ۽ سرحدي تحفظ کي مضبوط ڪرڻ ضروري آهي.
(5)سفارتي سرگرميون ۽ عالمي ڪردار:
پاڪستان کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي کي وڌيڪ متحرڪ، متوازن ۽ مؤثر بڻائڻو پوندو. ڀارت سان سڀني سطحن تي لاڳاپا قائم رکڻ، مسئلو ڪشمير کي عالمي فورمز تي اجاگر ڪرڻ، ۽ عالمي برادري کي خطي ۾ امن لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ تي مڃاڻ اهم آهي. سفارتي بيانئي ۾ توازن، دليل ۽ حقيقت پسندي هجڻ گهرجي. پاڪستاني سفارتخانن کي بيروني ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي حقن ۽ مسئلن جو پڻ خيال رکڻ گهرجي. ھو پنھنجي خيال رکڻ ۾ پورا آھن
(6) دفاعي تياري:
پاڪستان کي پنهنجي دفاعي صلاحيت برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي هٿياربند فوجن کي جديد هٿيار، ٽيڪنالاجي ۽ تربيت مهيا ڪرڻي پوندي. ميزائل نظام، فضائي دفاع، سائبر سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس نيٽ ورڪ کي جديد بنائڻ سان قومي سلامتيءَ کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.
(7) اطلاعن/ابلاغ جي جنگ ۽ قومي بيانيو:
پاڪستان کي پنهنجي موقف کي عالمي سطح تي واضح، منطقي ۽ منظم طريقي سان پيش ڪرڻو پوندو. ڀارتي ميڊيا ۽ پروپيگنڊا مشينري جي مقابلي لاءِ پاڪستان کي سچ تي ٻڌل، مؤثر ۽ جامع اطلاعن جي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، جيڪا عالمي ميڊيا، سوشل ميڊيا ۽ سفارتي ذريعن ذريعي دنيا تائين پهچائي وڃي. ھن دفعي پاڪستان ميڊيا گھڻو بھتر ڪردار ادا ڪيو، پر اڃان گھڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آھي۔
آخر ۾ ڪجهه اهم جملا:پاڪستان ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته هو ڪنهن به جارحيت جو مؤثر جواب ڏيڻ جي سگهه رکي ٿو۔ ان جي بنيادي ترجيح هميشه امن رهي آهي. هن ڪاميابيءَ کي صرف فوجي فتح طور نه ڏٺو وڃي، پر ان کي هڪ نئين آغاز جي صورت ۾ سمجهڻ گهرجي پاڪستان کي هڪ مضبوط، خودمختيار، جمھوري ۽ ترقي يافته رياست بڻائڻ لاءِ.
اها ئي گهڙي آهي ته فوجي برتريءَ کي قومي استحڪام، اقتصادي بحالي، عوامي خدمت ۽ عالمي ساک ۾ سڌاري لاءِ استعمال ڪيو وڃي. اهو رستو ئي پاڪستان کي نه رڳو ڏکڻ ايشيا، پر سڄي دنيا ۾ هڪ ھاڪاري ۽ مؤثر ڪردار ادا ڪرڻ جي راھ تي آڻي سگهي ٿو.قومون اهي ئي ڪامياب ٿينديون آهن، جيڪي بحران مان سبق وٺنديون آهن ۽ ان کي اڳتي وڌنديون آھن . پاڪستان وٽ اڄ اهو ئي موقعو آهي۔