شهيد الله بخش سومري جي شهادت:تاريخ جي آئيني ۾

تحرير: حسيب ناياب منگي

سنڌ جو اڳوڻو وزيراعظم (پريميئر) شهيد الله بخش سومرو پنهنجي وزارت عظميٰ جي ٻئين  دؤر جي خاتمي کانپوءِ پنهنجي شهر شڪارپور ۾ سماجي خدمتن ۽ عوام سان لهه وچڙ جي خيال سان اچي مستقل رهڻ لڳو. ڪن ماڻهن وٽس اچي دانهيو ته ”سنڌ واهه“ وٽ ڪو فقير اچي ويٺو آهي، سو عورتن ۽ مردن کي تعويذ ڏيئي شرعي رستي تان ڦيرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سو سومري صاحب ارادو ڪيو ته پنهنجن دوستن سان گڏجي ڏانهس ويندو ۽ کيس سمجھائيندو. 1943ع جو سال هو… مئي جي 14 ۽ جمادي الاول جي 11 تاريخ هئي، سومري صاحب کي جمعي جي نماز جو خيال به هو، مٿان وري گرميءَ جي موسم ۾ ڀينڊيون کائڻ جو شوق به هئس. سو سوير گهران نڪتو ۽ ڀينڊيون وٺي گهر آيو ۽ نيرن ڪري ٽانگي تي اڳيان ويٺو. هو سواريءَ دؤران شڪارپور مان شايع ٿيندڙ ”قرباني“ اخبار پڙهي رهيو هو. ساڻس گڏ وڏيرو نبي بخش ڦلپوٽو ۽ غلام رسول جھلڻ به هئا، جيڪي پٺيان ويٺا هئا. الله بخش سنڌ واهه تي ان فقير سان ملي کيس ڪجهه روپيا ڏئي اتان اٿي وڃڻ جو چوڻ لاءِ وڃي رهيو هو. ٽانگو شڪارپور ۾ نيو فوجداري روڊ وٽان جيئن گذرڻ لڳو ته لڪل قاتل نڪري آيا ۽ مٿس پستولن جا وارَ ڪري ڀڄي ويا. الله بخش سومري کي سيني ۾ گوليون لڳيون ۽ سندس واتان ”الله اڪبر!“ جو آواز بلند ٿيو. سندس ساٿين مان نبي بخش ڦلپوٽي کي به ڄنگهه ۾ هڪ گولي لڳي. پوليس واقعي واري هنڌ پهتي، پر تيستائين گھڻي دير ٿي چڪي هئي. زخمين کي شڪارپور جي وڏي راءِ بهادر اوڌوداس تاراچند اسپتال نيو ويو. جتي سنڌ جو سابق وزيراعظم، الله بخش سومرو شهيد ٿي ويو.

 شڪارپور ۾ سندس شهادت جي خبر جھنگ جي باهه جيان ڦهلجي وئي. سمورو ڪاروبار بند ٿي ويو. سرڪاري آفيسن ۽ اسڪولن توڙي ڪاليجن کي موڪل ٿي وئي. شڪارپور جو ناليوارو صحافي مسٽر رامچند ويرومل ڀوراڻي پيرين اگهاڙو روئندو پاڻ پٽيندو شڪارپور جي گهٽي گهٽيءَ ۾ ڊوڙندو نظر آيو. سندس وات تي اها وائي هئي ته: ”سُومرو نه ويو… سنڌ هٿن مان وئي!“ الله بخش سومري جي شهادت جي خبر ٻُڌي هر هنڌ روڄ راڙو شروع ٿي ويو. سوين ماڻهو سول اسپتال پهچي ويا. ريڊيو تان خبر نشر ٿي ته سموري سنڌ ۾ غم جي لهر ڇائنجي وئي. سول اسپتال شڪارپور مان سندس جسدِ خاڪيءَ کي هاٿيدر پهچايو ويو. شهيد جا ٻارڙا، گهر جا ڀاتي، خاندان وارا ۽ دوست ان کان علاوه بي پناهه محبت ڪندڙ هندو مسلم عوام جي اکين ۾ ڳوڙها هئا. مڙهه شاهي باغ نيو ويو. جتي سندس جنازي نماز ادا ڪئي وئي. سندس لاش مٿان شڪارپورين مولود پڙهيا. جنازي کي وري واپس هاٿيدر آڻي ”پنج پير مقام“ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

ان شهادت جي ٻئين ڏينهن سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ خبرن ۽ مضمونن سان گڏ سومري صاحب متعلق ايڊيٽوريلَ به شايع ٿيا. وارثن سان تعزيت جو سلسلو شروع ٿيو. شڪارپور مان شايع ٿيندڙ روزانه ”قرباني” اخبار ٻئي ڏينهن 15 مئي 1943ع  تي هن ريت خبر شايع ڪئي:

”شڪارپور (اسٽاف رپورٽر) اڄ صبح جو ساڍي اٺين بجي ڌاري فخرِ سنڌ مسٽر الله بخش ٽانگي ۾ چڙهي بيگاري واهه طرف وڏيري نبي بخش ۽ مسٽر غلام رسول جھلڻ ساڻ وٺي رڃي رهيو هو. ٽانگو جڏهن نئين فوجداري وٽان اڳتي وڌيو ته پاسي ۾ لڪي بيٺل پنجن بدمعاش روالورن سان مٿس خوني حملو ڪيو. کيس ٽي گوليون لڳيون. جن مان هڪ ڇاتيءَ ۾ لڳس ۽ جوان ڪري پيو، هاءِ گهوڙا شروع ٿي وئي ۽ بدمعاش پنهنجو ڪم پورو ڪري هڪدم رفو چڪر ٿي ويا. بروقت مسٽر الله بخش کي سول اسپتال ڏانهن کڻايو ويو. جتي پهچڻ سان سندس پران پکيئڙو پرواز ڪري ويو. بروقت سٽي ماجسٽريٽ اسپتال ۾ اچي پهتو، جنهن سول سرجن کان اچي اظهار ورتو. عام ماڻهو هندو ۽ مسلمان هزارن جي انداز ۾ خانبهادر جي خون جي خبر ٻڌي اسپتال ۾ اچي حاضر ٿيا آهن. ايتري ڀيڙ لڳي پئي آهي جو پير پائڻ جي جاءِ ڪانهي. خانبهادر جا ٻار ۽ عزيز اهڙي شير ۽ دلبر جي جدائيءَ ۾ زار زار روئي رهيا آهن. شهر سڄي ۾ حيراني، پريشاني ۽ بي آرامي ڦهليل آهي. سلامتي سنڌ اندر ختم ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن ڏينهن ڏٺي جو فوجداريءَ جي سامهون سنڌ جي سابق وزيراعظم جو خون ٿي سگهي ٿو ته باقي ڪير پاڻ کي سلامت سمجهندو؟ اڄ سڄي شهر ۾ مسٽر الله بخش جي خون تي روڊن تي ماتم متل آهي. سڀ اسڪول، ميونسپل ۽ ٻيون آفيسون بند ڪيون ويون آهن. مرحوم جي پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش سندس مائٽن جي حوالي ڪيو ويندو. مسٽر الله بخش جي قاتلن تي هندو مسلمان ڦٽڪار وجهي رهيا آهن.“

شهيد الله بخش سومري جي شخصيت تي انگريزيءَ ۾ پهريون ڪتاب لکندڙ مسٽر جڳت سنگهه برائيٽ پنهنجي ڪتاب ”انڊياز نيشنلسٽ نمبر وَن ــ مسٽر الله بخش“ ۾ لکي ٿو ته: ”فائر ٿيڻ کانپوءِ الله بخش جو ساهه جو سڳو ٽٽي پيو. ٻيو حملي آور به فائر ڪرڻ وارو هو، پر الله بخش جي ساٿين مان هڪ ٽپو ڏئي لٿو ۽ کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪيائين. قاتل هڪ اوچي ديوار ٽپي ڀڄي ويا ۽ گم ٿي ويا. ڄڻ ته اهي هوا ۾ تحليل ٿي ويا. پوليس ڀرسان موجود هئي پر اها ڪجهه به نه ڪري سگهي. صرف انهن جا پيرا کنيائون، جيڪي رُڪ جي ڳوٺ ڏانهن ويا ۽ اهڙيءَ ريت هڪ عظيم انسان جي زندگيءَ جي پڄاڻي ٿي. اهڙي هيبتناڪ خبر جهنگ جي باهه وانگر ڦهلجي وئي. سڄو ملڪ حيرت زده ٿي ويو. کيس سول اسپتال نيو ويو پر ڪنهن به قسم جي ڊاڪٽري مدد پهچڻ کان اڳ هو فوت ٿي چڪو هو. هن ڪوبه آخري بيان ڪونه ڏنو، ڪو ڏوهاري ڪونه پڪڙيو ويو، ڪابه گرفتاري ڪانه ٿي. سڄي دنيا حيران هئي مائن جي ڇاتين تي ستل ٻار به ڇرڪي پيا. هڪ عظيم قومپرست هڪ ڀاڙي جي بگيءَ اڳيان ڊهي پيو.“

مولانا ظفر علي جي اخبار ”زميندار“ ۾ سادن لفظن سان تمام وڏي ڳالهه شايع ٿي. لکيل هو: ” هيءَ هڪ ويڙهه هئي؛ دليل۽ گوليءَ جي وچ ۾.“

روزاني ”ٽربيون“ لاهور جي ايڊيٽوريل ۾ لکيو ويو: ”هي حادثو هڪ وڏي ذهن جو خاتمو هو. الله بخش جو قتل هڪ قومي حادثو آهي. اهو سنڌ لاءِ ڪو سٺو سنوڻ ناهي.“

شهيد الله بخش جي سياسي مخالف ۽ ان وقت جي وزير اعظم سنڌ، سر غلام حسين هدايت الله پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته: ”مونکي پنهنجي دوست ۽ ساٿي جناب الله بخش جي اوچتي ۽ دکدائڪ موت جو ٻڌي صدمو رسيو آهي. جڏهن هو پهريون دفعو بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ چونڊجي آيو ته مون تڏهن ئي سمجهي ورتو هو ته هي سنڌ جي ذهين ترين ماڻهن منجهان هڪ آهي. ۽ مون ڏٺو پئي ته مستقبل ۾ هي شخص سنڌ جي قسمت بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. مونکي هن جي مستقبل سان گهري دلچسپي هئي. ٿي سگهي ٿو اسان ۾ ڪي اختلاف هجن، پر مونکي هن لاءِ تمام گهڻي عزت ۽ احترام هو. مونکي پڪ آهي ته هر ماڻهو مون وانگر هن انتهائي ظالماڻي عمل جي مذمت ڪندو.“ هندوستان جي هڪ سياسي اڳواڻ راج گوپال آچاريه پنهنجي بيان ۾ چيو ته ”اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته ڪڏهن ڪڏهن عوامي خدمت جو صلو اهڙيءَ صورت ۾ به ملندو آهي.“

الله بخش سومري جي شهادت کانپوءِ سندس سياسي مخالف محمّد ايوب کهڙو پنهنجي ڀاءُ سميت پهرين گرفتار پوءِ آزاد ٿيو. مٿس لڳ ڀڳ ٻه سال ڪيس هليو، ستن ڄڻن کي سزا ملي، پر شهيد الله بخش سومري کانپوءِ سنڌ جن مشڪلات سان منهن ڏيندي پئي رهي آهي، تنهن جو ازالو ڪڏهن به ڪونه ٿي سگهيو. ستمگر وقت سنڌ کان هڪ اهڙو انمول هيرو کسي ورتو، جيڪو هر وقت سنڌ جي خوشحالي ۽ سنڌين جي ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.