ڀارت ۽ پاڪستان جي حڪمرانن کي هاڻي چڙ ڏياريندڙ ۽ نفرت جوڳن بيانن کان پاسو ڪرڻو پوندو

آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وقتتائتي ۽ فيصلائتي  مداخلت سبب هاڻي جڏهن پاڪ ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ بند ٿي چڪي آهي جنهن کي سڄي دنيا ۾ واکاڻيو پيو وڃي ۽ ٻئي پاسي ان جنگ بندي کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي ملٽري آپريشنز جي ڊي جي  ۾ ڳالهين جو پهريون دور مڪمل ٿي ويو آهي ۽ انهن ڳالهين جي سلسلي کي جنگ بندي کان اڳتي وڌائي سڀني معاملن تي ڳالهين جي راهه هموار ڪرڻ جو ارادو ظاهر پيو ڪيو وڃي ته ان صور ت ۾ وقت ۽ حالتن جي تقاضا اها آهي ته هاڻي ٻنهي ملڪن جي حڪمرانن کي احساس ذميواري جو مظاهرو ڪندي هڪٻئي خلاف چڙ ڏياريندڙ ۽  نفرت پکيڙيندڙ بيان بازين کان پاسو ڪرڻ گهرجي.ڇاڪاڻ ته هاڻي به ٻنهي ملڪن اندر شرپسند ڌريون ان ڪوشش ۾ آهن ته پاڪ – ڀارت وچ ۾ امن جوڳا ۽ دوستاڻا لاڳاپا قائم نه ٿيڻ ڏجن ۽ انهن شرپسند ڌرين جي ترجماني ڪندڙ ڪافي ڌريون حڪومتن، اپوزيشن ۽ ميڊيا اندر به موجود آهن ته اها پهرين ذميواري ٻنهي ملڪن جي حڪمرانن جي هئڻ گهرجي ته اهي پاڪ ڀارت وچ ۾ بهتر ٿيندڙ لاڳاپن کي وري خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن جي سازش  کي ناڪام بڻائين.

ڀارت جي اڄ جيڪا صورت حال آهي سا نه رڳو افسوس جوڳي آهي پر حيرت جوڳي به بڻجي وئي آهي. اڄ ڀارت جي ڀيٽ ۾ ڏسجي ته پاڪستان جي حڪومت جي پاليسي وري به بهتر آهي. اڄ ڀارت جي حوالي سان پاڪستان جي پاليسي ايڏي انتهاپسند ناهي جيڏي ڀارت جي پاڪستان جي حوالي سان آهي. اسان ته اهو پيا سمجهون ته ڀارت کي اڄ ايڏو انتهاپسند ملڪ ان جي موجوده حڪمران جماعت بي جي پي جي انتهاپسند وزيراعظم نريندر موديءَ بڻايو آهي پر هاڻي جڏهن آمريڪا جي مداخلت کانپوءِ ڀارت جنگ بندي ڪئي آهي ۽ ڳالهين جي ميز تي آيو آهي ته بجاءِ  ان جي ته ڀارت جون اپوزيشن جماعتون ۽ ڀارتي عوام ان امن واري صورتحال ۽ پاڪ ڀارت جي لاڳاپن ۾ بهتري تي اهي خوش ٿين، رهندو  وزيراعظم نريندر مودي کي اچي سوڙهو ڪيو اٿن ته تو ڪنهن جي چوڻ تي ۽ ڪيئن جنگ بندي ڪئي ۽ ڪشمير جي مسئلي تي آمريڪا  جي ٽياڪڙي يا پاڪستان سان ڳالهين تي ڇو مجبور ٿيو آهين ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ٿيو آهين.

 اصولي طور تي ته اهو سوال ۽ پڇاڻو درست آهي ۽ ڀارت جي وزيراعظم کي پنهنجي پارليامينٽ ۽ عوام کي ان سڄي معاملي ۾ ائين اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ها جيئن پاڪستان جي حڪومت پارليامينٽ ۽ عوام کي هر هر ۽ هر صورتحال کان آگاهه ڪري رهي هئي پر سوال اهو آهي ته ڀارت جي اپوزيشن جماعت ڪانگريس سميت سڀ پارلياماني جماعتون ۽ عوام تڏهن ڪٿي هو جڏهن پهلگام جي واقعي تي پاڪستان تي الزام مڙهي جنگ ۾ اڳڀرائي ڪئي هئي. تڏهن مودي تي تنقيد ڇو نه ڪئي پئي وئي ته پهريون پاڪستان کي الزام جا ثبوت مهيا ڪري ۽ ٻيو ته ايٽمي ملڪ هئڻ ناتي جنگ جهڙو انتهائي قدم هن ڪنهن جي چوڻ تي کنيو هو، ڇا تڏهن هن  پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو هو. سو پهريون ته مودي تي اها تنقيد ٿيڻ گهرجي ها ۽ ان کي جنگ کان روڪڻ تي زور ڇو نه ڀريو ويو هو؟

هاڻي جڏهن پاڪ ڀارت جي وچ ۾ لاڳاپا ڪيئن به ڪري بهتر ٿيڻ لڳا آهن ته بجاءِ ان جي ته احساس ذميواري جو مظاهرو ڪجي، ڀارت جي انتهاپسند حڪمران جماعت جي  انتها پسند وزيراعظم تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته اهو پاڪستان ڏانهن انتهاپسند پاليسي برقرار رکي ۽ شايد ان دٻاءُ کي محسوس ڪندي وزيراعظم نريندر مودي پاڪستان جي حوالي سان چڙ ڏياريندڙ ۽ غير ذميواراڻي تقرير پڻ ڪئي آهي. ڀارت کي اصولي طور تي ڏکڻ ايشيا جي وڏي ۽ جمهوري ملڪ هئڻ ناتي سڄي ڏکڻ ايشيا جي خطي ڏانهن انتهائي ذميواراڻو ۽ دوستاڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ هن خطي جي مفاد ۽ ترقي لاءِ جيڪر سڀني ملڪن کي گڏ کڻي هلڻ جو ڪردار ادا ڪري پر افسوس ته ڀارت جو ان پاسي ڪو ڌيان يا ڪا سوچ نظر نه ٿي اچي. جيڪڏهن ڀارت وٽ اهڙي ڪا سوچ ناهي ته ان ملڪ جي دانشورن، اديبن ۽ ميڊيا کي اهڙي نشاندهي ڪرڻ گهرجي ۽ ملڪي جي اهڙي پاليسي هئڻ ان لاءِ ان تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي پر افسوس ته اڄ جي ڀارت ۾ اهڙو ڪم اتان جا دانشور، اديب ۽ ميڊيا به نه ٿي ڪري اڃان به اتان جي وزيراعظم کي مجبور ڪري رهيا آهن ته اهو  پاڪستان جي خلاف انتهائي چڙ ڏياريندڙ ۽ نفرت تي ٻڌل بيان به ڏي ۽ پاليسي به اختيار ڪري. هاڻي ظاهر آهي ته ڀارت جو وزيراعظم به وچ گهٽيءَ ۾ ڦاسي پيو آهي. هڪ پاسي آمريڪا ۽ عالمي برادريءَ جو دٻاءُ اٿس ته ٻئي پاسي اندروني دٻاءُ.

اهڙي صورتحال ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي حڪمرانن جو فرض آهي ته اهي پاپولر ۽ نعري بازي واري انتهاپسند پاليسي بدران انتهائي ذميواراڻي سان ملڪ هلائين ۽  اها پاليسي اختيار ڪن جيڪا ملڪ ۽ هن خطي لاءِ بهتر هجي. جنگيون بقول ساحر لڌيانوي جي ته پاڻ مسئلو هونديون آهن سو جنگين لاءِ ته هي ملڪ جيڪر نوگو ايريا بڻايا وڃن. ٻنهي ملڪن جي حڪمرانن کي گهرجي ته اهي سٺن پاڙيسري ملڪن وانگر رهن جنهن سان هن خطي جي سڀني ملڪن ۽ عوام کي به فائدو رسي. اهو سڀ ان احساس وچان ڪرڻ گهرجي ته امن ۽ جٽاداري ۾ ئي ڏکڻ ايشيا جو هي خطو، ان جا ملڪ ۽ عوام ترقي جي راهه تي گامزن ٿي سگهن ٿا. اهڙو پيغام ڀارت ۽ پاڪستان جي حڪمرانن کي خاص ڪري ذميواري سان ڦهلائڻ گهرجي ۽ اهڙي ملڪي پاليسي پڻ بڻائڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.