حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر ۽ ماھ نور ملاح پنهنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته بورڊ آف انويسٽمينٽ آرڊيننس ترميمي بل 2023 ۽ مائنز اينڊ منرل بل 2025 ڪارا قانون آهن، هن وقت ملڪ ۾ جمهوريت جي چوغي ۾ بدترين آمريتي راڄ مڙهيل آهي، پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ نواز جي حڪومت ايوبي ۽ ضيائي آمريت کان وڌيڪ بدترين روپ ۾ اڳيان آئي آهي، شھباز سرڪار اسٽيبلشمينٽ جي جڙتو سرڪار آهي، ملڪ ۾ اڇي ڪاري جا مالڪچونڊيل نمائندا نه پر اسٽيبلشمينٽ آهي، پارليامينٽ رٻڙ اسٽيمپ بڻيل آهي،پارليامينٽ جو ڪارج نه رهيو آهي، پارليامينٽ مان قومن جا حق کسيندڙ بل پاس ڪيا پيا وڃن، بورڊ آف انويسٽمينٽ آرڊيننس ترميمي بل 2023 ذريعي اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جو ادارو جوڙي ملڪ ۾ ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو آهي، قومن جا سمورا حق کسيا ويا آهن. مائنز اينڊ منرل بل 2025 ملڪ جي مظلوم قومن جي حقن مٿان راتاهو آهي، سنڌ حڪومت مائنز اينڊ منرل بل سنڌ مٿان به لاڳو ڪندي، سنڌ جي عوام کي خبردار رهڻو پوندو، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن لاءِ ڪارونجھر جو سودو ٿي چڪو آهي، مائنز اينڊ منرل بل پاس ڪري سنڌ جي معدنيات عالمي ڪمپنين کي وڪرو ڪئي ويندي، عوامي تحريڪ بورڊ آف انويسٽمينٽ آرڊيننس ترميمي بل 2023 ۽ مائنز اينڊ منرل بل 2025 کي رد ڪري ٿي.