حڪمرانن کي سنڌ ٽوڙڻ ۽ ڪارونجهر کپائڻ نه ڏينداسين: جي يو آءِ جي ڪانفرنس

لاڙڪاڻو(بيورو) لاڙڪاڻي ۾ جمعيت علماءِ اسلام ضلعي طرفان جميعت علماءِ اسلام جي اڳوڻي سينيٽر شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي يوم شهادت جي موقعي تي شهيدِ اسلام ڪانفرنس شهر جي رائل چوڪ تي منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ فرزندِ مفتي محمود انجنيئر ضياءُ الرحمٰن، علامه راشد خالد محمود سومرو، حافظ نصير احمد احرار، مولانا عبدالقيوم هاليجوي،  مولانا سيد سراج احمد شاهه امروٽي، علامه ناصر خالد محمود سومرو،  ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا مفتي عبدالواحد قريشي، مولانا محمد صالح انڍڙ،مولانا عبدالمجيب قريشي، مولانا عبدالله مھر محبت علي کهڙو، مولانا طاهر خالد محمود سومرو، مولانا طارق خالد محمود سومرو، ، مولانا اسدالله کهڙو، مولانا احمد شعيب خان، مولانا حميدالله سيال سميت ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ جي ناميارن علماءَ، مشائخ، مذهبي اڳواڻن، قاري، نعت خوانن ۽ جي يو آءِ ڪارڪن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي انجنيئر ضياءُ الرحمٰن چيو ته پاڪستان جي سياست اسٽيبلشمينٽ جي رحم ڪرم تي آهي، لاڙڪاڻي وارن جي سِرن، حقن، ٻيٽن، ڪارونجهر، صحت، تعليم، روزگار، وسيلن جا سودا ڪندڙ اڄ استثنيٰ گهري رهيا آهن، هن چيو ته توهان کي لڳي ٿو ته هي لاڙڪاڻو بلاول ڀٽو زرداري جو شهر آهي، اهڙي ڦرلٽ ڪي پي ڪي جي آخري ضلعي ۾ به نه ٿي هوندي جيڪا هتي ٿي آهي، هي سنڌ ۾ مسلسل 15 سالن کان حڪمران آهن، لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيڻ سان گندگي جا ڍير، ڀڳل ٽٽل روڊ، نظر اچن ٿا. هن چيو ته مان اسٽيبلشمينٽ کي چوان ٿو ته جيڪي حڪمران هو عوام لاءِ چونڊين ٿا ڇا توهان اهڙن کي پنهنجي آفيس جو پٽيوالو بڻائڻ به پسند ڪندئو، مولانا راشد محمود سومرو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ مان اٽو، لٽو ۽ اجهو ويو، بيروزگاري عروج تي آهي، اسپتالن ۾ علاج ڪونهي، اسڪولن ۾ تعليم ڪونهي، لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن جي ڪچي وارا علائقا ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي آهن، پوري سنڌ پڪي جي ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي آهي، ڪڏھن ٻيٽن، وسيلن، تي حملا، ڪڏهن درياهن، اسيمبلين، ٻچن جا سودا ٿي رهيا آهن،  ڪارونجهر کپائڻ جي سازش پئي ٿئي، هڪ ڀيرو ٻيهر صوبن جي ڳالهه پئي ٿئي، مان هن ڪانفرنس ذريعي حڪمرانن کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته ڪراچي سنڌ جو اڻ ٽٽ انگ آهي، ڪنهن ماءُ جي پٽ کي سنڌ ورهائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، حڪمرانن کي ڪارونجهر کپائڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته سڀ ڪجهه کائي سنڌ کي لٽيو اٿن، سنڌ حڪمرانن جي پيءُ ڏاڏي جي جاگير ناهي، جي ڊي اي اڳواڻ معظم علي عباسي جو خطاب ڪندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو منشور روٽي، ڪپڙا مڪان هو پر موجوده پيپلز پارٽي وٽ ڪو به منشور ناهي، هن چيو ته  زرداري ڪمپني سنڌ کي يرغمال ڪيون ويٺي آهي، ان ڪمپني خلاف متحد ٿي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. اتر سنڌ جو ڪو به اهڙو حصو ناهي بچيو جتي عام ماڻهو سُک سان زندگي گذاري، سنڌ ۾ ميرٽ جي بنياد تي نوجوانن کي نوڪريون نه پيون ملن، سنڌ جا نوجوان پريشان آهن، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ به حڪمرانن جي دڪانداري آهي، مڪاني ادارن ۾ اربين، کربين روپين جي ڪرپشن ٿئي پئي، لاڙڪاڻو ميونسپل ڪارپوريشن جي اربين روپين جي بجيٽ آهي جنهن ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ٿئي ٿي ۽ گٽرن جا گٽر کليل آهن جيڪي معصوم ٻارن جون زندگيون کائي رهيون آهن، اها ذميواري بلاول ڀٽو زرداري جو آهي ڇاڪاڻ هي تڪ بلاول جو آهي، گٽر ۾ ڪِري فوت ٿي ويل معصوم نينگري واري واقعي جو ڪو نوٽيس نه ورتو ويو آهي ۽ نه ئي تدارڪ ڪيو ويو آهي، نيب جيڪڏهن جاچ ڪري ته گذريل 17 سالن کان لاڙڪاڻي ۾ مختلف اسڪيمن جي اندر 700 کان 800 روپين جي ڪرپشن ٿي آهي، هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن لاڙڪاڻو جي صدر ۽ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر سينيئر وڪيل اطهر عباس سولنگي خطاب ڪندي چيو ته هن وقت پيپلز پارٽي روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان واري نظريي تي ناهي، هي ماڻهن کان روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان کسڻ وارا آهن. هن چيو ته وڪيلن ڪئنالن خلاف تحريڪ هلائي ۽ هاڻي وڪيل ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف تحريڪ هلائي رهيا آهن، جميعت علماءِ اسلام جي صوبائي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته جميعت علماءِ اسلام جي اڳواڻن چيو ته شهيد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو پنهنجي سڄي ڄمار سنڌ ڌرتي جي حقن ۽ اسلام جي لاءِ جدوجهد ڪئي، هن ايوانن ۾ سنڌ جو ڪيس ڀرپور نموني وڙهي ثابت ڪيو ته هو سنڌ جو سچو سپوت هو. ان موقعي تي، مولانا سميع سواتي، گل محمد انقلابي،  مولانا عبدالجبار حيدري، مولانا محمد طيب ميکو ۽ مولانا عبدالغفور ڀٽو به  تقريرون ڪيون. ڪانفرنس ۾ ملڪ جي نامور نعت خوان الحاج امداد الله ڦلپوٽو، حافظ منير احمد، عبدالباسط حساني، اظھار الحق صديقي، مرسل الدين مگسي، حاڪم علي ابڙو، نعمت الله سولنگي ۽ معمون سومرو پاران خوبصورت نعت خواني ڪئي وئي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.