10 مئي جي رات جڏھن ھندستان پاڪستان جي ريڊ لائن ڪراس ڪئي تھ، پاڪستان نھ رڳو آپريشن “بنيان مرصوص“ شروع ڪري ڏنو.پر اھو گھڻو شديد ھو، جنھن دوران ھندستان جي اھم ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو. پاڪستان جي جوابي ڪارروائي ۾ شدت اچڻ لازمي ھئي. ڇاڪاڻ جو ھندستان جي ڪارروائي کي پاڪستان پنھنجن ايٽيمي ٺڪاڻن، اثاثن جي اسٽرڪچر تي وار سمجھي رھيو ھو.
دنيا توڙي آمريڪا جي اختيارين کي بھ اھڙو ئي تاثر مليو،جنھن بعد رات دير سان آمريڪا سميت ٻين ملڪن سفارتي ميدان تي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيو.آمريڪي اختيارين مداخلت ڪندي ھندستان سان رابطو ڪيو، کين صورتحال جي سنگيني کان آگاھ ڪيو تھ صورتحال کي ڪنٽرول نھ ڪيو ويو تھ پوءِ جنگ ڪنھن جي بھ ڪنٽرول ۾ نھ رھندي.جنھن بعد ڌرين ۾ ٿيل ڳالھين ۾ سيز فائر تي اتفاق ٿيو.جنھن جو اعلان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڻ ڪيو.
پاڪستان جون ڪجھھ ريڊ لائنز آھن ۽ دنيا جي ملڪن کي انھن بابت آگاھ ڪيل آھي.پاڪستان جي جنگي ڊڪٽرائن ھي آھي تھ جيڪڏھن ان جون ريڊلائنز ڪراس ٿيون تھ پاڪستان ايٽمي ھٿيار استعمال ڪري سگھي ٿو. ان جو ھڪ پس منظر ھي آھي تھ پاڪستان راوئتي جنگ جي لحاظ سان ھندستان جي ڀيٽ ۾ ان جي مقابلي وارا ھٿيار نٿو رکي.پاڪستان جي فوج 6 کان 7 لک ۽ ھندستان جي فوج 13 کان 14 لک آھي. ويڙھاڪ جھاز انڊيا وٽ 700 کن آھن، پاڪستان وٽ 400 پلس آھن.ھندستان وٽ جنگي جھازن سميت 100 کان ڌيڪ جھازن جو جنگي ٻيڙو آھي.اسان وٽ نھ آھي.ان پس منظر ۾ پاڪستان جي ڊاڪٽرائن ھي آھي تھ فرض ڪجي تھ راوئتي جنگ ڊگھي ھلڻ جي نتيجي ۾ ھندستان غلبو حاصل ڪري ٿو وٺي يا وڏن شھرن تي قبضو ڪري ٿو وٺي تھ ۽ پاڪستان سمجھي ٿو تھ ان وٽ ڪا ٻي واٽ نھ آھي.ان صورت ۾ پاڪستان ايٽيمي ھٿيار استعمال ڪندو. چئي سگھجي ٿو تھ پاڪستان جو اھو ھندستان مٿان خودڪش حملو ھوندو، خودڪش حملو ان ٻنھي ملڪن جو سرحدون گڏ آھن. ايٽيمي ھٿيارن جي استعمال جي صورت ۾ ان جا تابڪاري اثر پاڪستان تي بھ پوندا. اھڙي صورت ۾ ھندستان بھ ساڳي ڪارروائي ڪري سگھي ٿو. ٻي ريڊ لائن ھندستان پاران پاڪستان جو پاڻي روڪڻ : ان ڪري جو ان جي اثر پاڪستان تي سنگين ٿيندا. اھو ئي سبب آھي جو انڊس واٽر ٽريٽي کي ھندستان طرفان معطل ڪرڻ جي عمل کي پاڪستان مٿان جنگي وار قرار ڏنو ويو.ٽين ريڊ لائن: پاڪستان کي ڪو وڏو معاشي نقصان رسائڻ آھي.جنھن ۾ ڪراچي بندرگاھ تي حملو ڪرڻ يا ناڪابندي ڪرڻ بھ ريڊ لائن آھي.چوٿين ريڊ لائن: ھندستان پاران پاڪستان جي ايٽمي اثاثن تي حملو، پڻ ريڊ لائن سمجھيو ويندو.
10 مئي واري رات پاڪستان جي جوابي ڪارروائي کان اڳ ھندستان پاڪستان تي ميزائل ۽ ڊرون حملا تيز ڪيا.جنھن ۾ اھم حملا نور خان ائير بيس ۽ ٻيو سرگوڌا شامل آھن.انھن ۾ نور خان ائير بيس جي خاص اھميت آھي.جتي ملڪ ج جھازن جي تيل جو ذخيرا آھن.جيڪي ھڪ خاص حد تائين ھوندا آھن.جيڪي گھٽ ۾ گھٽ 30 ڏينھن جا ھوندا آھن ۽ عام حالت ۾ اھي 45 کان 60 ڏينھن جا ھوندا آھن ۽ ان جي مکيھ ذخيرا اتي رکيل آھن.ھن وقت ايٽمي مواد ملڪ جي مختلف حصن ۾ موجود آھي.پر ان ھوندي بھ ڪھوٽا ريسرچ پلانٽ جي ھڪ علامتي اھميت آھي.نور خان ائير بيس ۽ ڪھوٽا پلانٽ راولپنڊي جي ڀرسان سان آھن.ان کانسواءِ پاڪستان جو اسٽريٽيجڪ پلانٽ ڊويزن جو ھيڊ ڪوارٽر بھ راولپنڊي ۾ آھي.ان ڊويزن جو ڪم ايٽيمي ھٿيارن جي سيڪيورٽي ۽ ترسيل جي نگھباني ڪندي آھي.اھا ڊيزن فوج کان الڳ آھي. جنھن جو ڪم ايٽمي ھٿيارن. ايٽمي ميزائلن ۽ ايتمي ڪوڊز جي نظرداري ڪرڻ آھي. اھو ڪم وڌيڪ حساس آھي. اھو بھ راولپنڊي ۾ آھي.
ان حوالي سان جڏھن نورخان ائير بيس ۽ پاڪستان جي اھم اسٽريٽيجڪ اثاثن سرگوڌا لڳ پھاڙي تي ميزائل ۽ ڊرون ڪريا تھ ان کي ريڊ لائن تي حملو سمجھيو ويو. اھو ياد رکڻ گھرجي تھ ايٽمي اثاثن جو ڪوڊ ھڪ ھنڌ تھ ان کي کڻي سگھندڙ بيلسٽڪ ميزائل ٻئي ھنڌ ۽ ايٽمي ڪوڊز اڃان ٽئين ھنڌ تي رکيل آھن.پاڪستان جي ايٽيمي ھٿيارن جي اھڙي سيڪيورٽي بابت دنيا کي خبر آھي، انڪري ايٽمي ھٿيار محفوظ بھ سمجھيا وڃن ٿا.
ھندستان جڏھن نورخان ائير بيس تي حملو ڪيو، تھ ملڪ جي ملٽري اسٽيبلشمينٽ ان کي نيوڪليئر ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول کي ڇنڻ يا ٽوڙڻ لاءِ ڪيل حملو سمجھيو ويو.اھڙي ربط کي ٽوڙڻ جي ڪوشش بعد پاڪستان پنھنجي جوابي ڪارراوئي تيز ڪري ڇڏي.
جڏھن اھو سڀ ڪجھ ٿي رھيو ھو تھ ان وقت آرمي چيف جنرل عاصم منير ھوائي فوج جي ائير چيف مارشل ظھير بابر گڏ ھئا.جن ٻنھي ۾ پھلگام واقعي بعد پاڻ ۾ ويجھي رابطي ۾ رھندا رھيا آھن. جڏھن نور خان ائير بيس تي حملو ٿيو تھ پاڪستان جي وزيراعظم ھائوس کي آگاھي ڏني وئي تھ ملڪ جي ھڪ ريڊ لائن ڪراس ٿي وئي آھي.ايٽمي اثاثن تي حملي جي ڪوشش ڪئي وئي آھي.جنھن بعد وزيراعظم نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو.جنھن ۾ وزيراعظم سميت ٽنھي فوج جا چيف، اھم عملدار۽ وزيرشامل ھوندا آھن.
پاڪستان جي اھڙي چرپر بعد دنيا ۾ اھو تاثر ويو تھ پاڪستان ھندستان جي ان خاص حملي کي ريڊ لائن ڪراس ڪرڻ سمجھيو آھي ۽ ڪو وڏو فيصلو ڪرڻ وڃي رھيو آھي.پاڪستان جي آءِ ايس آءِ جو ڊائريڪٽر جنرل،جنرل عاصم ملڪ وزيراعظم جو نيشنل سيڪيورٽي صلاحڪار بھ آھي.اھو بھ سمجھڻ ضروري آھي تھ آمريڪا جي انٽيليجنس بھ تمام گھڻي تيز آھي.آمريڪا جو ھڪ سي آءِ اي جو اسٽيشن چيف آمريڪا جي اسلام آباد واري ايمبيسي ۾ ھوندو آھي.ذريعن موجب ان آءِ ايس آءِ، چيف سان رابطو ڪري، پاڪستان پاران ھندستاني حملي جي ورتل تاثر بابت معلومات ورتي.جنھن کي پاڪستان جي ٽيمپريچر جو اندازو ٿيو.
ان وچ ۾ پاڪستان جي جوابي ڪارروائي سخت ھئي.جنھن مان آمريڪا سميت اولھھ جي ملڪن کي معلوم ٿيو.آمريڪي سي آءِ اي، مطابق پاڪستان ھندستان مٿان 400 کن ڊرون سان حملو ڪيو، اھم ٺڪاڻن کي نقصان رسايو.جنھن ھندستان کي خود ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.
اھڙي صورتحال ۾ آمريڪا کي خدشو ٿي پيو تھ ڪٿي ھندستان ڪراچي بندرگاھ تي ڪو حملو نھ ڪري ڏئي. جنھن بعد صورتحال جي نزاڪت جي خبر آمريڪا پھتي.جنھن تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، نائب صدر جي ڊي ونس ۽ پرڏيھي وزير مارڪو روبيو جيڪو نيشنل سيڪيورٽي ايڊاوائيزر پڻ آھي. انھن سان رابطو ڪري پاڪستان ۽ ھندستان کي روڪڻ جو مشن ڏنو.ان وچ ۾ آمريڪي عملدار مارڪو روبيو آرمي چيف جنرل عاصم منير سان رابطو ڪيو.جي ڊي ونس، نريندر مودي سان رابطو ڪيو.
ھندستان کي آگاھ ڪيو ويو تھ پاڪستان جنھن انداز سان جوابي ڪارروائي ڪئي آھي، ان سان معاملو ڪنٽرول مان نڪري سگھي ٿو.جي ڊي ونس جي پھرين نريندر مودي سان رابطي وقت کيس ڪو جواب نھ ڏنو ويو.جنھن بعد مارڪو روبيو ھندستاني پرڏيھي وزير جي شنڪر سان رابطو ڪيو.نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائزر اجيت ڊول سان رابطو ڪيو.جن مودي کي صورتحال جي سنگيني سمجھائي.جنھن بعد ھندستاني ڌر آمريڪي مشن کي سيز فائر ڪرڻ جي ڳالھھ ڪئي.سينئر صحافي نصرت جاويد موجب پھرين سيزفائر جو وقت صبح 11 وڳي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پر بعد ۾ ان تي ساڍين 4 وڳي ان تي عمل شروع ٿيو. ان وچ ۾ بھ ھندستان برھاموس ميزائل پاڪستان تي فائر ڪيا.جنھن مان ھڪ ٻولھاڙي ايئر بيس تي ڪريو،جنھن ۾ اسڪواڊ ليڊر عثمان يوسف شھيد ٿيو.
جنھن بعد پاڪستان ٻيھر آمريڪا سان رابطو ڪري ٻڌايو تھ ھندستان نھ پيو مڙي، اسان بھ ڪاروائي ڪنداسين، جنھن تي ھڪ ڀيرو وري آمريڪا سميت عرب ملڪ ۽ دنيا متحريڪ ٿي ۽ جنگ بندي ٿي وئي.آمريڪا سميت دنيا اھو سمجھي ٿي تھ جيڪڏھن ٻنھي ملڪن وچ ۾ روايتي جنگ بھ ڊگھي ٿي وئي تھ ڪو شڪ نھ آھي اھا ايٽمي جنگ ۾ بدلجي وڃي، ان ڪري دنيا ائين ڪرڻ ڏيڻ کان روڪي ٿي.ھن ڀيري ھندستان اھو چاھيو پئي تھ آمريڪا مداخلت ڪري ۽ نيٺ آمريڪا مداخلت ڪئي.