پوليس گردي خلاف وڪيلن جي جدوجهد

تحرير: جميل چانڊيو

 قانون جي بالادستي ۽ شهرين کي آئيني تحفظ ڏيڻ حڪومت وقت جي ذميداري آهي جنهن تي سئو سيڪڙو عمل ڪرائڻ ۽ قانون جي تقدس کي برقرار رکڻ رياست جي اولين فرضن ۾ شامل آهي، سڄي سنڌ امن امان کان وٺي عوام جي تحفظ تائين سواليه نشان بڻيل آهي، پاڪستان جي آئين کي مٿانهون رکڻ ۽ هر شهري کي برابري جي بنياد تي حق ڏيڻ به انهن فرضن ۾ شامل آهي پر ڏٺو اهو ويو آهي جو اسان جي عدليه سڳوري آئيني حڪم جاري ڪري ٿي پر ان تي انصاف بدران انصاف جي لتاڙ وارا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن.

تازو سنڌو مٿان 6 تڪراري ڪئنالن خلاف وڪيل برادري جي اڳواڻي ۾ سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل هئي سنڌ پوليس پرامن احتجاج ڪندڙن وڪيلن، قومپرستن، قلم ڌڻين، سياسي سماجي ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪيئي درجن ايف آءِ آرون ڪٽيون، قانون جي صوبائي وزير ضياءَ لنجار ۽ وڪيل برادري جي اڳواڻن وچ ۾ سکر شهر ۾ سموريون ايف آءِ آرون ختم ڪرڻ لاءِ چيو ويو پر سنڌ سرڪار جو ڪيل واعدو وفا نه ٿيو، اهڙي طرح ملير جي وڪيلن پاران به اسٽيل ٽائون، بن قاسم سميت ضلعي ملير جي پوليس گردي خلاف ڪيترائي ڀيرا وڪيل برادري روڊ رستا بند ڪرڻ تي مجبور ٿيا.

تازو گذريل سومر ڏينهن ملير بار ايسوسيئيشن جي جنرل اياز چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون علڻ عباسي، ايس ايڇ او بن قاسم ۽ ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي خلاف ملير ڌرڻي مٿان وحشياڻي فائرنگ، ڳوڙها آڻيندڙ گئس، لاٺي چارج ۽ عوام ۾ خوف پکيڙڻ خلاف ايف آءِ آر جيڪا عدالتي حڪم جي باوجود نه ڪٽي تنهن جي خلاف ملير بار ايسوسيئيشن احتجاج طور قومي شاهراهه ملير ڪورٽ آڏو احتجاجي ڌرڻو جاري رکيو، ڌرڻي ۾ پوليس گردي خلاف وڪيل برادري، سياسي سماجي، قومپرست ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪري پوليس جي ڪردار کي عوام دشمن قرار ڏنو، ان موقعي تي ڌرڻي دوران بار جي نائب صدر ايڊووڪيٽ اڪرم قريشي کي زخمي ڪيو بار جي جنرل سيڪريٽري مٿس حملي کي پوليس گردي قرار ڏيندي چيو ته اسان چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ کان مطالبو ٿا ڪيون ته بدمعاش اهلڪارن کي گرفتار ڪري جيل ياترا ڪرايو وڃي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ڏهن سالن لاءِ اهڙن بدڪردار عوام دشمن پوليس اهلڪارن کي شڪارپور، ڪنڌڪوٽ ۽ گهوٽڪي جي ضلعن ۾ اماڻيو وڃي، ڌرڻي کي خطاب ڪندي ملير بار جي جنرل سيڪريٽري اياز چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ ڪنهن به صورت ۾ پوليس گردي کي برداشت نه ڪيو ويندو جهڙي طرح منظم انداز ۾ سنڌي قوم تڪراري ڇهن ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽيڊ فارمنگ خلاف جدوجهد ڪئي اهڙي طرح سنڌ جي پوليس گردي خلاف سنڌ جو عوام پنهنجي وڪيل ڀائرن سان گڏجي ڪري ميدان عمل هوندو، اياز چانڊيو وڌيڪ چيو ته ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون علڻ عباسي کي هٽائي اسان کي لالي پاپ ڏنو آهي پر ايس ايڇ او سميت ٻين ملير جي عملدارن خلاف جيستائين ايف آءِ آر نٿي ٿئي تيستائين اسان چُپ نه ويهنداسين، هن چيو ته عدالت جي حڪم دوران به پوليس ايف آءِ آر نٿي ڪري پوليس جي اهڙي رويي خلاف اڄ ملير ۾ پوليس خلاف توهين عدالت جو ڪيس داخل ڪنداسين، هن چيو ته اسان جي هڪ وڪيل صدام ڀٽي کي پوليس گم ڪيو جنهن کي اٺن ڏينهن بعد ظاهر ڪيو ويو جڏهن ته ذيشان اجمل آرائين کي اسٽيل ٽائون ايس ايڇ او علڻ عباسي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ ملير لنڪ روڊ ڌرڻي تي دشمن جيان جنگ مسلط ڪرڻ وارو منظر ڏسڻ ۾ آيو، هن چيو ته ملير پوليس جو قبلو درست ڪرڻ لاءِ ترت ئي هڪ گڏيل حڪمت عملي جوڙي محاذ تي لهبو ته جيئن عوام کي پوليس جي ظلم، زيادتي ۽ مبينا پوليس مقابلن کان بچائي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.