سنڌ جو ڪيڏارو

تحرير: غلام نبي بهراڻي

سنڌ، جيڪا صوفين، شاعرن، ۽ ساڃاهه وندن جي ڌرتي رهي آهي، اڄ ڪيترن ئي مسئلن ۾ وڪوڙجي وئي آهي. هيءَ ڌرتي جيڪا محبت، مهمانوازي، ۽ مزاحمت جي علامت رهي آهي، سا اڄ غربت، پاڻي جي کوٽ، تعليم جي زوال، ۽ سياسي نااهلي جي ور چڙهيل آهي. سوال اهو آهي ته سنڌ جو ڪيڏارو ڇا آهي؟ ڇا سنڌ پنهنجي تاريخي عظمت ڏانهن وري سگھي ٿي يا حالتن جي وهڪري ۾ پاڻ وڃائي ويهندي؟

سنڌ جو سڀ کان وڏو ۽ سنگين مسئلو پاڻي جي کوٽ آهي. سنڌو درياهه، جيڪو هن ڌرتيءَ جي ڌڙڪن آهي، هاڻي گهڻن علائقن تائين پهچڻ بند ٿي ويو آهي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه وڃڻ سبب سامونڊي چاڙهه زرعي زمينن کي ناس ڪري رهيو آهي . بدين، ٺٽو، ۽ سجاول جا علائقا تباهه ٿي ويا آهن، جتي ماڻهو پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي لڏپلاڻ تي مجبور آهن.

سنڌ ۾ تعليم جو معيار انتهائي خراب ٿي ويو آهي. هزارين اسڪولن ۾ استاد ناهن ۽ ٻار غربت سبب اسڪول ڇڏڻ تي مجبور آهن. اهڙي صورتحال ۾ نئين نسل کي روشنيءَ ڏانهن وٺي وڃڻ جو خواب ناممڪن لڳي ٿو. سنڌ جي حڪمران طبقي جا واعدا لفظن کان اڳتي نه ٿا وڌن. عوامي مسئلا حل ڪرڻ بدران سياست مفادن جي واپار بڻجي وئي آهي. ترقياتي منصوبن جي پڄاڻي ڪرپشن جي ور چڙهي وئي آهي. اقتدار جي ايوانن ۾ ويٺل ماڻهو، عام ماڻهوءَ جي درد کان بي خبر لڳن ٿا.

سنڌ ۾ نوجوان نسل لاءِ روزگار جا موقعا محدود آهن. زراعت، جيڪا سنڌ جي معيشت جو بنياد آهي، پاڻي جي کوٽ ۽ جديد طريقيڪار جي اڻاٺ سبب پوئتي وڃي رهي آهي. صنعتون ترقي نه ڪري رهيون آهن، جنهن سبب لکين نوجوان بيروزگار آهن ۽ پرڏيهي ملڪ وڃڻ لاءِ زندگيءَ داء تي لڳائي رهيا آهن.

سنڌ هميشه امن، ڀائيچاري، ۽ ثقافتي هم آهنگيءَ جي ڌرتي رهي آهي. پر اڄ سماج ۾ فرقيواريت تعصب، نشي جي واڌ، ۽ اخلاقي زوال وڌي رهيو آهي. سنڌي ٻولي، ثقافت، ۽ تهذيب تي به غير محسوس حملن جو سلسلو جاري آهي.

سنڌ جي حالتن جو نقشو بيشڪ ڳڻتي جوڳي آهي، پر مايوسي حل ناهي. جيڪڏهن سياسي قيادت ايمانداري سان ڪم ڪري، عوام پنهنجن حقن لاءِ گڏ ٿئي، ۽ نوجوان نسل تعليم، شعور ۽ جدوجهد جي واٽ وٺي، ته سنڌ جو ڪيڏارو بدلجي سگهي ٿو.ضرورت رڳو انهيءَ ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي ڌرتيءَ سان سچو پيار ڪريون، ان جي وسيلن، ٻولي، ثقافت، ۽ ماڻهن جي حقن جي حفاظت لاءِ عملي قدم کڻو.سنڌ اڃا زندهه آهي ــ ۽ جڏهن ڌرتيءَ ڄاواجاڳندا، ته اها ٻيهر گلزار بڻجي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.