آئين رياست تي هر شهري جي جان جي تحفظ جي ذميواري وجهي ٿو:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ پوليس حراست دوران تشدد ۽ عدلت کان مٿانهين قتل بابت اهم فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چٽو چيو ويو آهي ته تشدد، غير انساني يا توهين آميز سلوڪ، جيڪو انساني  وقار جي تذليل ڪري ڪنهن به حال ۾ جائز نٿو ٿي سگهي، 7 صفحن تي ٻڌل هي فيصلو جسٽس جمال خان مندوخيل لکيو، عدالت قرار ڏنو ته ڪڏهن ڪڏهن پوليس جو تشدد عدالت کان مٿانهون قتل جو سبب بڻجي ٿو، ڇوته ڪجهه اهلڪار ڇوٽ جي مفروضن هيٺ پنهنجي طريقي سان انصاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ان رجحان کي روڪڻ لاءِ پوليس تي موثر مخصوص ۽ ٻاهرين نگراني لازمي آهي، زندگي جو حق سڀني انساني حقن مان اعليٰ ترين آهي ۽ آئين رياست تي پابند ڪري ٿو ته هو هر شهري جي زندگين جو تحفظ ڪري، حراستي تشدد ۽ قتل روڪڻ لاءِ قدم کڻي، غيرقانوني حراست، گرفتاري، ظلم، بربريت ۽ عدالت کان مٿانهين قتل خلاف آئين جون ضمانتون بنيادي اصول آهن، سپريم ڪورٽ چٽو چيو ته غيرقانوني حراست ۽ تشدد نه قابلِ قبول آهن نه قابلِ جواز، پوليس جو بنيادي ڪردار قانون جي حفاظت ۽ بنيادي حقن جي پاسداري آهي، فيصلو وڌيڪ چوي ٿو ته پوليس هر شهري جي جان، آزادي ۽ عزت جي حفاظت جي ذميوار آهي ۽ جيڪڏهن ڪو سرڪاري اهلڪار قانون جي پيروي نه ڪندي ڪنهن کي نقصان پهچائي ٿو ته اهو بنيادي حقن ۽ منصفاڻي ٽرائل ٻنهي جي ڀڃڪڙي آهي، عدالت ياد ڏياريو ته پوليس کي گرفتاري جو حق ضرور آهي، پر اهو قدم آئين ۽ قانون جي مڪمل تابعداري سان کڻڻ لازمي آهي. غيرقانوني گرفتاري، تشدد يا بدسلوڪي ڏوهي عمل ۽ بدانتظامي آهي، موجوده ڪيس ۾ درخواست گذارن جيڪي پنجاب پوليس جا اهلڪار هئا، انهن مٿان زرياب خان نالي شخص کي غيرقانوني حراست ۾ رکڻ، بدسلوڪي ۽ تشدد جا الزام ثابت ٿيا، عدالت چيو ته انهن پنهنجي ڪردار جي کليل ڀڃڪڙي ڪئي ۽ اختيارات جو غلط استعمال ڪيو، سپريم ڪورٽ پوليس اهلڪارن کي نوڪري مان برطرف ڪرڻ جو حڪم برقرار رکندي اپيلون خارج ڪري ڇڏيون، فيصلي ۾ آئين جي آرٽيڪل 10 جو حوالو ڏيندي چيو ويو ته هر گرفتار شخص کي گرفتاري جا سبب ٻڌائڻ ۽ 24 ڪلاڪن اندر مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪرڻ لازمي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.