ظاهري طور تي درياهه صرف پاڻي جي لنگهھ جو نالو آهن، پر ائين ناھي. درياهه تهذيبن کي جنم ڏين ٿا، ۽ جيڪڏهن اهي ُسڪي وڃن ته تهذيب به مرجھائي ويندي آهي. زندگي انساني هجي، حياتياتي هجي يا نباتاتي ھجي ، ان جو دراومدار پاڻي تي ھوندو آهي. درياهه زندگي، تهذيب ۽ ثقافت جو سرچشمو آهن. ساڳيءَ طرح ڪينالن ۽ ڪلچر هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. يورپ جي سڀ کان وڏي درياهه، وولگا، روس کي هڪ الڳ تهذيب ۽ ثقافت سان نوازيو آهي، يورپ جي ٻئي وڏي درياهه ڊينوب جرمني ۽ آسٽريا سميت ڪيترن ئي ملڪن کي زندگي جا رنگ ڏنا آهن. برطانيه جي ٽيمز درياهه کي علامھ اقبال پنھنجي شاعري جو موضوع بڻايو. فرانس جي درياهه سين بنا فرانسسي تهذيب ۽ ثقافت جو ذڪر اڻپورو آهي. اسان جو سنڌو درياهه هن خطي ۾ انهن پرڏيهي دريائن کان وڌيڪ اهميت وارو آهي. جيڪڏهن هن سڄي علائقي جو نالو انڊيا آهي، ته اهو پڻ سنڌو نديءَ جي نالي مان نڪتو آهي. سنڌ صوبو تھ آھي ئي سئو سيڪڙو ان سان رچيل سنڌو درياهه نه رڳو پختونخواهه پر پنجاب ۽ پوءِ سنڌ کي سيراب ڪري زندگي بخشي ٿو. مان جوهر آباد جو رهواسي آهيان. جهلم درياهه جي پاڙيسري هجڻ باوجود، اسان کي سنڌو درياهه مان پاڻي ملندو، انهيءَ حوالي سان، مون هميشه پاڻ کي سنڌ سپوتر (پٽڙو) سمجهيو آهي.
هن خطي جي قديم ترين لکيل تاريخ موجب، جيڪي يورپي سڀ کان اڳ ننڍي کنڊ ۾ آيا.سي ايران جي رستي اڄوڪي بلوچستان ۾ داخل ٿيا.(ليجيندز آف اليگزينڊر) ”سڪندر جي نيم تاريخي ڪٿا“ موجب سنڌو درياهه جھڙو وڏو ۽ طاقتور درياهه ڏسي اھو حيران ٿي ويو.ائين يورپ جي ھن پھرين سياح لکيو ته هتي جيڪو سڀ کان وڏو درياهه آھي، ان ۾ سون دفن ٿيل آهي، جيڪو ھر وقت پاڻيءَ سان گڏ وهندو رھندو آهي. هن سياح لکيو ته ان سون جي حفاظت جي لاءِ آدم جي قد جيڏا ڳِجھه مقرر ٿيل آھن، جيڪي سون ڪڍندڙ تي حملو ڪري ڏيندا آهن.ظاھر يورپي سياح جي هي لکڻي ڏند ڪٿا لڳي ٿي ، پر ان ۾ ڪجهه سچائي پڻ آهي. ڀاشا ڊيم ۽ داسو ڊيم جي متاثرين کي انهن جي نقصان جي تلافي لاءِ ڏنل امداد جي انچارج وزير امير مقام، مون کي ٻڌايو ته سنڌو درياهه تي ٺهيل انهن ڊيمن جي متاثرين ۾ پندرھن سئو جي لڳ ڀڳ ھڪ گروپ جيڪو سونار سڏرائيندو آهي ۽ ڪيترين ئي پيڙھين کان سنڌو درياهه مان سون ڪڍڻ جو پيشو اختيار ڪيل آهي.ڊيم جي تعمير جي لاءِ انهن سونار متاثرين کي پڻ امدادي رقم ڏني پئي وڃي. اسلام آباد ۾، مونکي هڪ ٺيڪيدار مليو ٿي، جنهن مون کي ٻڌايو ته پختونخواهه ۾ اهي ڪرين ۽ جديد اوزارن جي مدد سان، سنڌو درياهه مان سون ڪڍندا آهن ۽ ان ڪم لاءِ حڪومت کان باضابطه لائسنس ورتو ويندو آهي.
سون سان ڀريل سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ تي اڄ ڪلهھ سخت ڇڪتاڻ جاري آهي. حقيقت ھي آهي ته جيڪڏهن ھن علائقي جي قديم ترين تهذيبن جو جائزو ورتو وڃي تھ اهي پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. بلوچستان جي علائقي ۾ ست هزار سال پراڻي تهذيب مهرڳڙهه ۾ ڪيتريون ئي مورتيون پتل جون ٺاهيل آهن، يعني ته ان وقت بھ علائقي ۾ پتل ڪڍيو ويندو هو ۽ اتي ٻه ماڙ گهر هئا،نقش نگار ٺاھڻ جا ماهر موجود هئا. انھيءَ مهرڳڙهه تهذيب جي ڪيترن ئي تجربن کي سنڌ جي موهن جو دڙو تهذيب اختيار ڪيو ۽ پوءِ هڙاپا ۾ ان تهذيب جو عڪس آھي. موهن جو دڙو ۽ هڙاپا ۾ نمايان طور تي جنھن ڍڳي جي تصوير نظر اچي ٿي.اھو ٿلھومتارو آهي ۽ ان جي ڳچي گھڻي موٽي آهي. اڄ جي دور ۾نھ ڳئون ۾ اھو نسل موجود آهي ۽ نه ئي ڳجھھ ايترو وڏو آهي جھڙو يورپي سياح ڏٺو هو. موهن جو دڙو ۾ پريسٽ ڪنگ يعين پروھت بادشاهه جي فگر ملي، جنھن کي مون ھن خطي جي وڏڙن جي طور تي سنڌو سائين جو پيارو نالو ڏنو آھي.سنڌو سائين جي ُڪلهي تي اجرڪ ۾ ٽن پنن واري ڇاپي ٻوٽي نمايان طور تي نظر اچي ٿي.
هڙاپا تهذيب تي ڪم ڪندڙ ماهرن ان ساڳئي ٽن پنن واري ڇاپي کي هڪ نمايان علامت قرار ڏنو آهي. موهن جو دڙو ۾ ھڪ اڌ ڍڪيل رقاصھ سمبارا جان جي مورتي بھ ملي آھي. ٻئي طرف، هڙاپا جي اھڃاڻن ۾ اھي تلاءَ گھڻائي ۾ مليا آهن جتي(انڊيگو)يا نير پري، ان سولائيزيشن جي ڳٺ جوڙ ۾ سڀ کان اهم شيءِ آھي. تازو، مشهور مستشرق وليم ڊارليمپل پنهنجي نئين ڪتاب "دي گولڊن روڊ” ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته هڙاپا تهذيب جي چوڌاري واري علائقي کي ان وقت ۾ملوحھ سڏيو ويندو هو ۽ ملوحھ جي ماڻهن جي هڪ پوري آبادي ميسوپوٽيميا، يعني عراق ۽ شام جي علائقي ۾ دريافت ٿي آهي. ان آباديءَ ۾ نير لڳل ڪپڙو پڻ مليو آهي، يعني ملوحھ جا ماڻهو ڪپڙي ۽ نير پري جو واپار ميسوپوٽيميا ۾ ڪندا هئا.
جيڪڏهن تاريخ ، تهذيب جو مثبت حوالو آهي ته پوءِ سنڌ ۽ پنجاب جا ڌارا گهڻو ملن ٿا.ڪينالن يا ڊيمن جي حوالي سان، هن عاجز جو خيال آهي ته پنجابي ڀاءُ وڏو آهي، کيس سنڌو سائين جي رضامندي کان سواءِ ڪو به ڊيم يا ڪينال نه ٺاهڻ گهرجي. مونکي يقين آهي ته جھڙي ريت پنجاب ڪالاباغ ڊيم ۾ ڀرپور ذاتي، تجارتي ۽ مالي مفادن جي باوجود ان کي ترڪ ڪري ڇڏيو ۽ اھو طئي ڪري ڇڏيو تھ سنڌي، بلوچي ۽ پشتون ڀائرن جي مرضي کان سواءِ ڪجهه نه ٿيندو. منهنجي راءِ ۾ جيڪڏهن پنجاب ڪالاباغ ڊيم جهڙي منافعي بخش رٿا ڀائرن جي خوشي لاءِ ڇڏي ڏنو، ته ڪينالن يا واھ تھ ڊيم جي مقابلي ۾ ننڍڙي ڳالھھ آھي. وفاق صوبن جي وچ ۾افھام و تفھيم سان ھلندو آھي. اسان سانحي اوڀر پاڪستان جي صورت ۾ وفاق ۽ اوڀر پاڪستان وچ ۾ تلخي ۽ پوءِ افسوسناڪ عليحدگي ڏسي چڪا آھيون، تنهن ڪري، وسيلن ۽ اختيارن جي ورڇ بابت سڀئي فيصلا 1973 جي آئين ۽ اٺين ترميم جي مطابق ڪيا وڃن.
اهو درست آهي ته گذريل 300 سالن کان پنجاب هن خطي جي اقتدار جو سڀ کان وڏو ڀائيوار آهي، پر بدلجندڙ حالتن ۽ انصاف کي نظر ۾ رکندي، اسان کي ننڍن صوبن لاءِ نھ ڦرلٽ ڪندڙ بڻجڻ گھرجي ۽ نھ ئي اسان کي استحصال ۾ حصيداري ڪرڻ گھرجي. ننڍا صوبا پنجاب ۽ فوج کي ھڪ ئي نظر سان ڏسن ٿا ۽ اھي سمجھن ٿا ته فوج ۽ پنجاب جا فائدا ۽ نقصان گڏيل آھن. جيتوڻيڪ حقيقت اها ناهي، پنجاب ۾ بھ مقتدرا جا حامي آهن. ان جي پاليسين سان اختلاف ڪندڙ پڻ. پنجابين جو هڪ وڏو انگ بلوچستان آپريشن جو مخالف ۽ سياسي حل جو حامي ھو. پر جڏهن پنجابين کي چونڊي چونڊي ماريو ويو تھ راءِ عامھ بدلجڻ لڳي. هاڻي پنجاب جي محفلن ۾ دهشتگردن ۽ پنجابين کي ماريندڙن خلاف همدردي ختم ٿي چڪي آهي ۽ ڪنهن به آپريشن جي صورت ۾ پنجاب مان انهن جي حق ۾آواز نه اٿندو. ڪاش اسين، مهرڳڙهه، موهن جو دڙو ۽ هڙاپا جي رشتن ۽ تاريخي مضبوط ڌاڳن کي ڏسي،ڪري وڙهندڙ نه ،گڏجي رهندڙ بڻجي وڃون!!