ڇهن ڪئنالن جي تڪراري رٿا ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سنڌ جي ماڻهن جنهن نموني پنهنجو ردعمل ڏيکاريو آهي تنهن پنجاب کي سياسي ۽ معاشي طور خوفزده ڪري ڇڏيو آهي جنهن مان هو پنهنجي جان بچائڻ لاءِ منٿن ميڙن تي لهي آيو آهي پر هو احتجاج ڪندڙ قوم پرست ڌرين ۽ وڪيلن سان ڳالهيون ڪرڻ بدران پ پ پ سان ڳالهيون ڪرڻ چاهين ٿا جيڪا سندن اتحادي آهي. سنڌ جي ماڻهن جو پنجاب جي ماڻهن سان ڪنهن به قسم جو ڪو جهيڙو ناهي پر پنجاب جي حڪمرانن سان جهيڙو آهي جيڪي پنهنجي حاڪميت کي مضبوط ڪرڻ ۽ سنڌ سميت سمورن ننڍن صوبن کي معاشي طور کوکلو ڪرڻ واري پاليسي تي عمل پيرا آهن. پنجاب جي اهڙي ڪمزور پاليسي ننڍن صوبن کي پنجاب کان جان ڇڏائڻ ۽ پنهنجي قومي وسيلن جي حفاظت جو احساس جاڳيو آهي ۽ ان احساس کي نظر ۾ رکندي پنجاب غير جمهوري غير قانوني هٿڪنڊا استعمال ڪرڻ تي لهي آيو آهي جنهن لاءِ هو ننڍن صوبن جي سياسي قيادت کي لالچون آفرون ۽ عهدا ڏئي ننڍن صوبن ۾ افراتفري پئدا ڪرڻ وارا حيلا وسيلا استعمال پيو ڪري.
ملڪ جي موجوده نئين ٽهي ۽ نسل کي پنجاب جي ماضي جي شايد ئي خبر هجي جتي صديون اڳ اتان جو ماڻهو بيروزگار ۽ انگريزن جي غلامي هيٺ هو. پاڪستان ٺهڻ کان اڌ صدي اڳ هزارين پنجابي خاندانن سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي ۽ سنڌ ۾ محنت مزدوري ڪئي جيئن هن وقت پٺاڻ ۽ افغاني سنڌ ۾ روزگار پيا ڪن. پنجابي خاندانن سنڌ ۾ زمينون ورتيون ۽ اهي آباد ڪيون اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ هن وقت پنجابي آبادگارن جو سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ انگ آهي ۽ سندن پنجاب جي طرز تي چڪ آهن. جڏهن پنجابين سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي تڏهن سنڌ ملتان تائين هئي. ڏکڻ پنجاب ۾ هن وقت به سنڌي ۽ سرائيڪي رهن ٿا. البت پنجاب انگريزن ۽ انهن جي پونئيرن جي سياست ۽ طاقت سان سنڌ جون حدون گهٽائي محدود ڪري ڇڏيون. اها ڳالهه رڪارڊ تي آهي ته جڏهن ايوب خان اقتدار ۾ آيو ته هن ان وقت به پنجابي خاندانن کي سنڌ ۾ زمينون ڏنيون جيڪي سنڌ جون ملڪيتون هيون جن جي آباد ڪرڻ لاءِ ڪوٽڙي بئراج ٺاهي ڊيلٽا کي سڪائڻ جي سازش ڪئي وئي جيڪا اتي ختم نه ٿي اڃا به ڇهن ڪئنالن جي اڏاوت جي صورت ۾ سازش جاري و ساري آهي جنهن تي پوري سنڌ سراپا احتجاج آهي.
پنجاب سنڌ جي وجود کي شروع کان وٺي تسليم ناهي ڪيو. پنجاب پاڪستان ٺهڻ بعد ئي سنڌ جي وسيلن تي اک وڌي ۽ پنجاب جي بيروزگارن کي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۽ ڪوٽڙي ۾ انڊسٽريل زون قائم ڪيا ۽ مختلف صنعتون لڳايون جن تي کين ٽئڪس جون رعايتون مليل هيون. هنن صنعتن ۾ مقامي ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ روزگار جا دروازا بند هئا يا نالي ماتر هئا. جڏهن مقامي ماڻهن ملازمتن ۾ پنهنجو حق گهريو ۽ معاوضا وڌائڻ جا مطالبا ڪيا ته ڪوٽڙي مان صنعتون پنجاب منتقل ڪيون ويون جنهن سان سنڌ ويتر معاشي طور ڪمزور رهي. ڪراچي ۽ ڪوٽڙي ۾ صنعتن لڳڻ سبب به سنڌ ۾ پنجابي آبادي وڌي جنهن سان مقامي سنڌي ماڻهن جي آدمشماري ۾ گهٽتائي آئي. هن وقت به بئنڪنگ سيڪٽر نيشنل شپنگ ڪارپوريشن پي آءِ اي ۽ ٻين قومي ادارن ۾ سنڌين جو انگ گهٽ آهي پنجابي مسلط آهن. سنڌ ۾ جيڪي به آئل ۽ گئس فيلڊس آهن اتي به پنجاب جا ماڻهو ٿاڦيا ويا آهن سنڌي بي يارو مددگار آهن. اهي اطلاع آهن ته آئل ۽ گئس فيلڊس تي مقامي اسيمبلي ميمبرن ۽ وڏيرن جو حڪم هلي ٿو کين ڀتو ملي ٿو جنهنڪري ملازمتون ته نٿيون ڏنيون وڃن پر علائقي ۾ ترقياتي ڪم به نٿا ٿين جيڪي لاڳاپيل صنعتي ادارن کي ڪرائڻا آهن. هن وقت سنڌ جي شهري علائقن ۾ صنعتون ناهن جيڪڏهن آهن به ته اهي آڱرين تي ڳڻڻ برابر آهن جن جو گهڻو واسطو شگرملن ۽ ڪاٽن فيڪٽريز سان آهي يا هڪ اڌ سيمنٽ فيڪٽري آهي جيڪي سيزنل آهن ۽ سيزن ۾ ئي روزگار ڏئي سگهن ٿيون سو به غيرمقامي ماڻهن کي ملي ٿو جنهنڪري بيروزگاري جو انت اچي ناهي سگهيو. نوري آباد ۾ به ڪجهه ڪارخانا آهن پر اهي به نه هجڻ برابر آهن جتي ملامن جي اڪثريت غير مقامين جي آهي.
سنڌ ۾ انقلاب تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن پنجاب مان ايندڙ ڀاڻ زرعي دوائون ۽ ٻج جو بائڪاٽ ڪيو وڃي ۽ سنڌ زراعت ۾ استعمال ٿيندڙ ٻج ڀاڻ دوائون زرعي مشينري پنهنجي تيار ڪري جيڪا سستي پوندي ۽ مال به معياري مهيا ٿيندو بيروزگاري جو به انت ايندو. هن ڏس ۾ ايگرو بزنيس ڪارپوريشن ٺاهڻ جي ضرورت آهي جيڪا معياري مال جي نگراني ڪري ۽ اگهن تي ضابطو آڻي سگهي. سنڌ ۾ هن وقت ڪپڙو لٽو چمڙي پلاسٽڪ جو سامان انساني بچاءَ واريون دوائون ۽ ٻيو ڪجهه ضروري واهپي وارو سامان پنجاب ۾ تيار ٿئي ٿو ۽ اتان اچي ٿو جيڪو هڪ ته غيرمعياري ٻيو مهانگو آهي جيڪو سنڌ ۾ تيار ٿئي ته سنڌ معاشي طور خوشحال ٿيندي ۽ مهانگائي به گهٽبي. سنڌ جو انب هنداڻا گدرا سايون ڀاڄيون به پهريان پنجاب وڃن ٿيون جتان وري سنڌ ۾ مهانگي اگهه تي وڪرو ٿين ۽ نفع پنجاب جا بروڪر ۽ ڪاروباري ماڻهو کڻن ٿا ۽ وڌيڪ اگهه اسان ڀريون ٿا تنهنڪري سنڌ جي پئداوار سنڌ جي زرعي مارڪيٽن ۾ وڃڻ گهرجي جيڪي سستيون پونديون. هن ڏس ۾ سنڌ پنجاب بارڊرس تي چيڪ پوسٽون قائم ڪرڻي پوندي جيڪا ماضي ۾ هوندي هئي پر هاڻ آڳاٽي بند ٿي چڪي آهي. عالمي طرز جون جيڪڏهن آبادگار مارڪيٽس ٺهن ته ويتر ڀلو ٿيندو جو آبادگار پنهنجي پئداوار پاڻ وڪرو ڪندو ۽ بروڪر کان جان ڇٽندي. هن ڏس ۾ پنجاب جي سنڌ ۾ رستا روڪ ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي سرمائيدارن کي اڳتي اچڻو پوندو پهرين فهرست ۾ صنعتي زون بحال ڪرڻا نوان ڪارخانا لڳائي بيروزگاري جو خاتمو آڻڻو پوندو ۽ نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پئدا ڪرڻا پوندا. پنجاب کان پنهنجي حصي جو پاڻي وٺي ان جي پئدا ٿيل کوٽ جو پورائو ڪرائي زراعت کي هٿي وٺرائڻي پوندي ۽ جنسن جي وڪري لاءِ عالمي ۽ ملڪي منڊين جي ڳولا ڪرڻي پوندي. سنڌ کي جيڪڏهن انصاف تحت هلائڻو آهي ته ڏاڍ ۽ جبر واري سياست جو خاتمو آڻي جمهوري اقدار طرف وک وڌائڻي پوندي.پنجاب کي به ننڍن صوبن سان هڪجهڙا رويا اختيار ڪرڻا پوندا ۽ ننڍن صوبن کي پنهنجي وسيلن تي حق ڏيڻ گهرجن جيئن اهي معاشي طور مستحڪم ٿي سگهن.