لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين هيڊ ڪوچ لاءِ امڪاني نالا سامهون اچي ويا.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قوم ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ جي ڳولا جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ اشتهار به جاري ڪيو ويو هو.
ذريعن موجب اسلام آباد يونائيٽيڊ جو موجوده ڪوچ مائيڪ هيسن پي ايس ايل جي پڄاڻي کانپوءِ قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ جو عهدو سنڀاليندو.
نيوزيلينڊ سان واسطو رکندڙ هيسن آءِ پي ايل جي مشهور فرنچائز رائل چيلينجرز بينگلور ۾ ڊائريڪٽر آف ڪرڪيٽ طور به ڪم ڪري چڪو آهي، جڏهن ته هو ڪيوي ٽيم جي ڪوچنگ جا فرض پڻ انجام ڏئي چڪو آهي.
مائيڪ هيسن پي ايس ايل 9 ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، اهو ليگ ۾ سندس پهريون سيزن هو.
اهڙي ريت اڳوڻو اسپنر ثقلين مشتاق به هيڊ ڪوچ جي عهدي لاءِ مضبوط اميدوار آهي.
You might also like