والاريل ڪشمير ۾ سياحتي ماڳ تي فائرنگ، 27 سياح مارجي ويا

سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي سياحتي ماڳ پهلگام ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي فائرنگ ۾ 27 سياح مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿي پيا.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سياحن مان اڪثر جو واسطو ڀارتي رياست گجرات ۽ ڪرناٽڪ سان هو، زخمين کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
والاريل ڪشمير جي وڏي وزير عمر عبدالله چيو ته فائرنگ جو واقعو گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ شهرين تي ڪيل سڀ کان وڏو حملو آهي.
اڳوڻي وزيراعليٰ محبوبا مفتي به سياحن تي حملي جي مذمت ڪئي آهي.
هوڏانهن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو آهي ته ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.