ڪترينا جي ڀيڻ ازابيل به بالي ووڊ ۾ قدم رکي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار ڪترينا ڪيف جي ڀيڻ ازابيل ڪيف به بالي ووڊ ۾ قدم رکي ڇڏيو.
پلڪت سمرات ۽ ازابيل ڪيف جي فلم ”سسواگتم خوش آمديد“ جو ٽيزر منظر تي اچي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪترينا ڪيف جي ڀيڻ ازابيل ڪيف رومانوي مزاحيا فلم ”سسواگتم خوش آمديد“ ذريعي مک اداڪارا طور فلمي دنيا ۾ انٽري ڏني آهي.
فلم۾ ازابيل ڪيف اداڪار پلڪت سمرات سان گڏ مک ڪردار نڀائيندي، فلم جو رليز ٿيندڙ ٽيزر کل ڀوڳ ۽ محبت سان ڀرپور ڪهاڻي جي جهلڪ پيش ڪري ٿو.
فلم جو هدايتڪار ڌيرج ڪمار آهي ۽ اها 16 مئي تي سينما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.