ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ۽ ڪامينٽريٽر مائيڪل سليٽر کي 4 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب مائيڪل سليٽر 7 چارجز ۾ پنهنجو ڏوهه قبول ڪيو، جنهن ۾ گهريلو تشدد جو الزام به شامل آهي.
ڪوئنزلينڊ جي ماروچيڊور ڊسٽرڪٽ ڪورٽ مائيڪل سليٽر جو ڪيس ٻڌو، مائيڪل سليٽر تي 2023 جي آخر ۾ هڪ عورت تي گهريلو تشدد سميت ڪيترائي الزام لڳا هئا.
عدالت مائيڪل سليٽر تي واضح ڪيو ته توهان شراب واپرائيندا رهيا آهيو، تنهن ڪري ري هيب به آسان ڪم ناهي رهيو.
پوءِ عدالت کيس 4 سال قيد جي سزا ٻڌائي پر هو هڪ سال کان وڌيڪ عرصو جيل ۾ گذاري چڪو آهي.
واضح رهي ته مائيڪل سليٽر 74 ٽيسٽ ۽ 42 ون ڊي ميچن ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي.
Prev Post
راڻا ثناءُ الله جا زين شاهه، اياز لطيف ۽ راشد سومري سان رابطا، ڪينال مسئلي تي ڳالهين جي دعوت
Next Post
You might also like