ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله سنڌو درياهه تي ڪينال اڏڻ جي معاملي تي درياهه بچايو تحريڪ تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاهه، قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي، جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ علامه راشد محمود سومري سان رابطا ڪري ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي.
ن ليگ جي رابطا ڪميٽي جي سربراهه راڻا ثناءُ الله سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ درياهه بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاهه سان فون تي رابطو ڪيو ۽ ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي مسئلي تي کيس ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو ته وزيراعظم توهان سان ملڻ چاهي ٿو.
سيد زين شاهه چيو ته اسان درياهه بچايو تحريڪ ۾ شامل جماعتن، وڪيلن، ايڪشن ڪميٽي، آبادگارن سان مشاورت ڪري آگاهه ڪنداسين، جيستائين ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا واپس وٺڻ جو اعلان نٿو ڪيو وڃي اسان جي جدوجهد جاري رهندي.
راڻا ثناءُ الله قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي سان به فون تي رابطو ڪيو ۽ ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف توهان سان ملڻ چاهي ٿو.
اياز لطيف پليجي چيو ته ڪينالن جي معاملي تي سڄي سنڌ ۾ ڪاوڙ ۽ بيچيني ڇانيل آهي، اهو فيصلو ڪري سنڌ سان وڏي ناانصافي ڪئي وئي آهي.
راڻا ثناءُ الله چيو ته وزيراعظم صاحب توهان سان ڳالهيون ڪري مسئلو حل ڪرڻ چاهي ٿو، سنڌ جي مختلف جماعتن جي نمائندن جو ڪو هدف ٺاهيندئو ته انهن سان به ڳالهائينداسين.
اياز لطيف پليجي مطالبو ڪيو ته فوري طور ڪينالن جو فيصلو واپس ورتو وڃي ته مسئلو حل ٿي سگهي ٿو، سنڌ هن وقت سمورا فيصلا گڏيل مشاورت طور ڪري رهيو آهي، سڀني جماعتن جو گڏيل فيصلو آهي ته اڳ ۾ ڪينال منصوبو واپس ورتو وڃي.
وزيراعظم جي صلاحڪار جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل علامه راشد محمود سومري سان به رابطو ڪيو ۽ کيس ڪينالن جي معاملي تي ڳالهين جي آڇ ڪئي.
راشد محمود سومري مشاورتي عمل ۾ قوم پرست جماعتن کي شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته سنڌ جي سياسي جماعتن ۽ وڪيلن کي به اعتماد ۾ ورتو وڃي، ڳالهين کان اڳ تڪراري ڪينالن تي ڪم فوري طور روڪيو وڃي.
هن چيو جي يو آءِ جو واضح موقف آهي ته سنڌ جي پاڻي تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي.
راڻا ثناءُ الله جا زين شاهه، اياز لطيف ۽ راشد سومري سان رابطا، ڪينال مسئلي تي ڳالهين جي دعوت
You might also like