آءِ پي ايل جي ٽيم راجسٿان رائلز تي ميچ فڪسنگ جو الزام لڳي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ جي ٽيم راجسٿان رائلز تي ميچ فڪسنگ جو الزام لڳي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب راجسٿان ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن ايڊهاڪ ڪميٽي جي ڪنوينير راجسٿان رائلز تي ميچ فڪسنگ جو الزام هنيو آهي، راجسٿان ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن ايڊهاڪ ڪميٽي جي ڪنوينير جي ديپ لکنئو خلاف ميچ کي فڪس قرار ڏنو.
جي ديپ چيو ٻارن کي خبر آهي ته لکنئو سپر جائنٽس خلاف راجسٿان رائلز جي ميچ فڪس هئي، هوم گرائونڊ تي ڪجهه رنسون گهربل هجن ته توهان ميچ ڪيئن ٿا هارائي سگهو، ايڊهاڪ ڪميٽي رياستي حڪومت ٺاهي آهي.
واضح رهي ته آءِ پي ايل ۾ لکنئو سپر جائنٽس راجسٿان رائلز کي ٻن رنسن تان شڪست ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.