لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ علي امين گنڊاپور خلاف 5 آڪٽوبر تي پي ٽي آءِ جي لاهور ۾ احتجاج ۽ پوليس تي تشدد جي معاملي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
جاچ آفيسر ٻڌايو ته پوليس ڪيترائي ڀيرا جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ طلب ڪيو پر علي امين گنڊاپور سميت ٻيا جاچ ۾ شامل نه پيا ٿين، جوابدار 5 آڪٽوبر جي احتجاج ۽ پوليس تي تشدد جي ڪيسن ۾ گهربل آهن.
پوءِ عدالت ۾ جاچ ۾ شامل نه ٿيڻ تي علي امين، حماد اظهر، سعيد سنڌو ۽ شهباز احمد جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته عدالت سڀني جوابدارن کي پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.
You might also like