اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) سڄي ملڪ ۾ اڄ کان 27 اپريل تائين گرمي جي لهر جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرمي پد جيڪب آباد ۾ 43 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته مٺي، بهاولنگر ۽ نواب شاهه ۾ 42، ڪراچي، قصور، لسٻيلي ۾ 41، لاهور 38، اسلام آباد 36، پشاور 35، مظفر آباد 33، ڪوئيٽا 25 ۽ گلگت ۾ 22 ڊگري رهيو.
اين ڊي ايم اي جي ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته اڄ کان 27 اپريل تائين سڄي ملڪ ۾ سخت گرمي جي لهر جو امڪان آهي.
You might also like