اي ڊي شر جو بي رحماڻو قتل ۽ انصاف جو سوال

تحرير: رحيمداد جوڳي

مون ھن جو گھر ڏٺو آھي جيڪو نج ڳوٺاڻي ماحول ۾ آھي . ٻاھر پڪو روڊ اندر ڪچو پيچرو گھر جي ٻاھران ھلڪو ڦلڪو ڪوٽ دروازو من وانگر کليل گھر جي اندر ڪجهه ٻٻرن جا وڻ ھڪ اڌ ٻير وغيرہ هونئن به سنڌ جي ٻھراڙيءَ  جا گھر اڄ به ٻيٽ نموني جا ٺھيل آھن ٻاھران ٻنيون وچ ۾ ڀراءُ ڏئي گھر ٺاھڻ جو رواج عام جام آھي سنڌين جي ٻھراڙين ۾ ماڻھن جي دلين وانگر گھر ۽ گھر جا آڳر ڪشادا ھوندا آھن

اي ڊي شر جيڪو نج ٻھراڙي جو نوجوان ھو . ھن کي جڏھن به ڏٺو سٺي پوشاڪ ۾ ڏٺو صاف سٿرو اکين تي ڪارو چشمو منھن تي بھار جھڙي مرڪ چپن تي سرخ جھنڊي جھڙي جھلڪ وار گھنڊيدار اکيون ننڍيون ننڍيون پر چمڪيليون ۽ ھلي  ۽ ڳالھائي ته صفا سنڌ جو ھيرو لڳي . ھو جڏھن به مون سان مليو ته کل مک صحافي گھٽ ۽ اديب وڌيڪ لڳندو ھو ڳالھين جو ڪوڏيو گھمڻ جو به شوقين ھڪ دفعو مان ھوٽل تي ويٺو ھيس ھي به اڇي پھتو مليو ته مون کي خاموش ڏسي چيائين استاد خير ته آهي چيومانس پاڪستانين ايوارڊ ڏنو آھي وٺڻ تي دل نٿي مڃي چيائين استاد ڇو دل نٿي وڃي ايوارڊ  وٺي اچو مون چيومانس ايترو پري ڪير وڃي "سيال ڪوٽ” اھو به اڪيلو کلي چيائين مان جو آھيان تيار ٿي ته ھلون ۽ بار بار چوندو رھيو استاد ھل ته ھلون پر ڪونه وياسين .

ھڪ دفعو ڪٿي ڪچھري ۾ ويٺا ھياسين چيائين استاد سن سائين جي ايم سيد جي سالگرھ تي وڃي ته گڏيا ھلنداسين پر اوڏاھين به گڏ ڪو نه وڃي سگھياسين ھو جڏھن به ملي بار بار گڏ گھمڻ لاءِ چوندو رھيو پر  حالات ھر دفعي ڪمن ڪارن ۾ مصروف ڪري ڇڏي پر ھن دفعي ھو اڪيلو سفر تي ھليو ويو آھي نه صلاح ڪيائين نه ڀاڪر پائي موڪلايائين بس ھو درد جو وڇوڙو ڏئي ھليو ويو ۽ ٺري ميرواھ مان واڪا ڪڍي ڇڏيائين ته مان مري ويو آھيان ٺري ميرواھ ڄڻ سڪرات ۾ ھليو ويو آھي ھر طرف خاموشي آھي ۽ ھر وات تي اي ڊي شر جي شھادت جي پچار ۽ افسوس ئي افسوس آھي سوشل ميڊيا ته اي ڊي شر جي شھادت جي خبرن سان ڀري پئي آھي ماڻھن جا جيترا آھن وات اوتريون ئي ڳالھيون آھن پر بيگناھ قتل جو قاتل لڪي نٿا سگھن.

اي ڊي شر جي امڙ جون دانھون ٻڌي اصل هانوَ ڇڄي ٿو پوي اڀ ڏاريندڙ ڪيھون ۽ ڪوڪون او منھنجو پٽڙو جيڪو سڪي پني الله کان ھڪڙو پٽڙو ورتو ھو اھو به قاتلن ڪھي ڇڏيو. ياحسين ايڏو وڏو ظلم ايڏي وڏي دشمني ھن درد جي ڪنھن سان دانھن ڪجي ڪنھن سان سور سلجي ڪير آھي جيڪو درد جو پھو ٿئي ڪنھن ڪنھن کي پرچائجي اصل من زخم زخم ٿيو وڃي ھن درد جون دانھون ٻڌي آسمان ھيٺ ڇونه ڪري پيو رکي رکي اندر ۾ درد جا ڀڙڪا ٿا ڀڙڪن دل دانھون ڪرڻ ٿي گھري يا وري دنيا کي باھ ڏئي ڇڏجي .

اي ڊي شر جي معصوم ٻارن جا ايندڙ ويندڙن سان سوال ڏاڍا معصوم آهن ٻڌڻ سان دل صفا ٽٽي پئي ٿي

ابا ڇو مري ويو آھي؟ اسان ڏي اچي ڇو نٿو؟  توهان وٽ ٻيا مرد ته هوندا اسان وٽ ته مردن ۾ ڪير به ناھي؟

اسان کي ائين ڇو لڳندو آھي ته جيڪو مري ٿو وڃي اھو اڪيلو ھو جيڪو ماريو ويو آھي پر مري ويل جي امڙ جيڪا ڪائنات جي ماءُ آھي جنھن جي جڏھن جھول کالي ٿئي ٿي ته ڄڻ پوري ڪائنات اجڙي وڃي ٿي . جيڪو ماريو ويو آھي ان جون ڀينر به ھونديون آھن ۽ وري انھن ڀينرن جو اي ڊي شر جھڙو اڪيلو ڀاءُ ھجي انھن ڀينرن جو درد ڪير ورنائي سگھندو ھوندو ھاڻي ھو پنھنجو ڀاءُ ڪنھن کي چونديون ڀلا ؟ جيڪو ماريو ويو آھي ان جون معصوم نياڻيون به ھونديون جن جون دانھون ٻڌي آسمان ڪيترا ڀيرا ھيٺ ڪريو ھوندو اي ڊي شر نه صرف پنھنجي ماءُ پنھنجي ڀينرن پنھنجي ڌيئرن توڙي اڪيلي پٽ جو اڪيلو وارث ھو پر ھو ان ڳوٺ جو به ھو جتي اي ڊي شر جنم ورتو ھو انھن رستن جو به ھو جتان ھو ايندو ويندو ھو انھيءَ شھر ٺري ميرواھ جو جو به ھو جتي سندس جا ٽھڪ گونجيا ھئا ۽ جوانيءَ پنھنجا آرس ڀڳا ھئا اي ڊي شر ته سنڌ جو عاشق ھو جو مون ھن جي اکين ۾ ڳاڙھو جھنڊو جھولندي ڏٺو ھو .

اي ڊي شر جو قتل ائين رائيگان ڪونه ويندو ناحق ٿيل قتل لڪندو ناھي ھي اي ڊي شر جو قتل ناھي ھي اي ڊي شر جي ان سوچ جو قتل آھي جيڪا سوچ سنڌ جي شعور جي سوچ آھي سنڌ جي آزاديءَ جي سوچ آھي ھي قتل درياهه جي مٿان ڪينالن جي جدوجھد کي دٻائڻ جي ڪوشش جو قتل آھي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.