تڪراري ڪئنال رٿائن خلاف سنڌ ۾ آيل سياسي اُڀار

تحرير: ذلفي چاچڙ

وفاقي حڪومت پاران سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍي چولستان سميت پنجاب جي ٻين علائقن جون غير آباد زمينون آباد ڪرڻ واري منصوبي خلاف سنڌ جون سياسي، سماجي ۽ مذهبي تنظيمون توڙي عام ماڻهو ان نُڪتي تي گڏ آهن ته سنڌو درياهه مان نڪرندڙ ڪو به ڪئنال قبول ناهي. جيتوڻيڪ شروع  ۾ حڪمران پارٽي جا اڳواڻ توڙي سنڌ جو وڏو وزير ان کان صاف انڪاري هئا ته سنڌو درياهه مان ڪو به تڪراري ڪئنال نه پيو نڪري، پر جڏهن ڪئنال جي  تعميري ڪمن جو تصويرون ۽ ويڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون ۽ سنڌ مان سخت ردِعمل اچڻ شروع ٿيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي، جيڪا وفاقي حڪومت جي اهم اتحادي پڻ آهي، به ڪئنالن خلاف احتجاج جو سڏ ڏنو، ۽ صدر آصف علي زرداري پڻ پنهنجي خطاب ۾ وفاقي حڪومت تي زور ڀريو ته نون ڪئنالن وارو تڪراري بڻجي ويل منصوبي کي رد ڪيو وڃي.

توڙي جو سنڌ جا ماڻهو، سنڌو درياهه مان نڪرندڙ ڪئنالن واري رٿا جو ذميوار پ پ کي سمجهي مٿس سخت تنقيد ڪري رهيا آهن، ۽ ان سلسلي ۾ خود پاڪستان پيپلز پارٽي جا ورڪر پڻ ورهايل نظر اچي رهيا آهن، جن ۾ اڪثريت مٿي ڄاڻايل ماڻهن جي آهي، جيڪي ڪئنالن واري معاملي تي پنهنجي قيادت کان ڪنهن قدر ناراض ته آهن ئي پر پارٽي پاليسي سبب وڌيڪ ڪڇي نٿا سگهن، پر جيڪڏهن وفاق پنهنجي هوڏ تان نه لٿو ۽ پ پ وفاقي سرڪار کان پنهنجي ڳالهه تسليم ڪرائڻ ۾ نيڪ نيتي سان ڪا اڳڀرائي نه ڪئي ته ان ڳالهه جا پڪا امڪان آهن ته  ڪئنالن واري معاملي تي ناراض جيالا شايد بغاوت تي لهي اچن، ان لاءِ  حڪمران پارٽي ڪنهن امڪاني ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته ٻه ڏينهن پهريان پاڪستان پيپلز پارٽي ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جو ورڪر ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو هو، جنهن ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزيرن سيد ناصر شاهه، علي حسن زرداري، سيد رياض حسين شاهه شيرازي، نثار احمد کهڙو، عاجز ڌامراهه، سيد شفقت حسين شاهه، شيرازي، عاشق حسين زرداري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. خبر موجب جڏهن سنڌ جو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تقرير ڪرڻ لاءِ اسٽيج تي آيو ته هال مان ڪئنالن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، نعريبازي ڪندڙن ۾ اڪثريت پ پ ڪارڪنن ۽ سندن ووٽرن جي هئي. سيد مراد علي شاهه، جيڪو ڪجهه وقت اڳ تائين اهو چوندو رهيو هو ته سنڌو درياهه تي ڪو نئون ڪئنال ڪو نه پيو ٺهي، سندس ان دعويٰ کي  سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي اڳواڻ سيد زين شاهه ۽ سنڌ جي صحافين تڪراري ڪئنالن جي تعميراتي ڪمن جو دورو ڪري غلط ثابت ڪيو. سيد مراد علي شاهه نعريبازي ڪندڙ هجوم سان مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته نعرا آئون ٿو هڻان ۽ اوهان انهن جا جواب ڏيو، اهڙي طرح هُن ڪئنال مخالف نعرا هنيا.عوامي رد عمل ڏسي سياسي اڳواڻ يوٽرن وٺندا رهندا آهن، جيئن ون يونٽ لاڳو ڪرائڻ ۾ خانبهادر محمد ايوب کهڙي جو هٿ هو، پر جڏهن ان خلاف سڄي سنڌ اٿي کهڙي ٿي بيٺي ته هو ته ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ ۾ اچي شامل ٿيو هو.

پ پ سان سياسي اختلاف هئڻ باوجود آئون سندس ان عمل جي آجيان ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جو وڏو وزير هئڻ جي ناتي هو سنڌي قوم جو نمائندو آهي، مٿس اها ذميداري پڻ آهي هو سنڌ جي حقن، سنڌو درياهه، معدنياتي وسيلن جو تحفظ ڪري ۽ وفاق کان سنڌ کي پنهنجا جائز حق وٺي. جڏهن سڄي سنڌ جو وفاق کان رڳو هڪ ئي مطالبو آهي ته سنڌو تي ڌاڙو نامنظور، نوان ڪئنال نامنظور ته اصولي طور تي پ پ جو به اهو ئي مطالبو هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته پ پ کي سنڌي ماڻهن ئي ووٽ ڏئي اقتدار ۽ ايوان تائين پهچايو آهي، جتي سندن حقن جي حفاظت ڪرڻ حڪمران پارٽي يعني پاڪستان پيپلز پارٽي جي ذميواري آهي.

موجوده حالتون سياسي لحاظ سان تاريخ جي اهم ۽ فيصلا ڪن موڙ تي اچي بيٺيون آهن، سنڌ ۾ ڪئنالن جي حوالي سان جيڪو سياسي اُڀار آيو آهي، ان ۾ ڪيئي سياسي بُت ڀڃي ڀورا ڀورا ٿي ماضي جو قصو  بڻجي ويندا، جڏهن ته ٻي پاسي وري ڪي نوان اڳواڻ پيدا ٿي قوم جي قيادت ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لهندا، ۽ اهو سڀ ڪجهه ٿيندي اسان ماضي ۾ ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ يا ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڏسي چڪا آهيون، ۽ موجوده وقت ۾ تاريخ پاڻ کي ورجائي رهي آهي، ان لاءِ اڄ جيڪو سنڌ سان گڏ بيهندو اهو امرتا ماڻيندو ۽ سنڌ جي مفادن جي سوديبازي ڪندڙ سياسي موت ۽ تاريخ جي ڦٽڪار کان بچي نه سگهندا.

جيتوڻيڪ سخت عوامي ردعمل اچڻ کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌو درياهه مان نڪرندڙ نون ڪئنالن جي مخالفت ڪرڻ لڳي آهي، پر سنڌي قوم کي مطمئن ڪرڻ لاءِ اڃا به کين وڌيڪ اثرائتا قدم کڻڻا پوندا، ڇاڪاڻ ته پ پ اڳواڻ هڪ پاسي ڪئنالن جي مخالفت ڪري رهيا آهن ته ٻي پاسي ساڳئي وقت وري پنهنجي ڳالهين ۾ اهو تاثر  پڻ ڏئي رهيا آهن ته سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف هلندڙ تحريڪ اصل ۾ پ پ دشمني آهي، جڏهن ته ائين بلڪل به ناهي. ڇو ته سنڌين جي جياپي جو ذريعو زراعت ۽ سنڌو درياهه ئي آهي، سنڌ جي وڏن شهرن ۽ مارڪيٽن تي غير سنڌين جو قبضو آهي، جتي سنڌي ماڻهن کي داخل ٿيڻ ۾ تمام گهڻي دقت درپيش ٿئي ٿي ۽ نوڪريون ميرٽ بدران ملهه تي ملن ٿيون، جڏهن ته سنڌ جي زراعت کي هٿ وٺي مڪمل طور تي تباهه ڪيو ويو آهي، سنڌ جا هاري معاشي طور ڪنگال ۽ تباهه ٿي ويا آهن، ڪڻڪ جو اگهه ڀڳڙن مٺ آهي، جنهن سبب سنڌ جا آبادگار قرض کان آجا ٿي نٿا سگهن، مٿان وري جيڪڏهن سنڌو درياهه کي بند ٻڌي، نوان ڪئنال ڪڍي سڪايو ويو ته پوءِ سنڌ جي ماڻهن وٽ ڇا بچندو؟ سنڌ جا ماڻهو جيڪي اڳ ۾ ئي بهتر تعليم، صحت ۽ ٻين بنيادي  سهولتن کان محروم آهن ۽ لاچارگي واري زندگي گذارڻ جي مجبور بڻيل آهن، جڏهن درياهه ۾ پاڻيءَ اچڻ بند يا گهٽجي ويندو ته اهي رکاڻي مانيءَ کان به محروم ٿي ويندا. ۽ پوءِ سنڌ اها سنڌ نه رهندي جنهن کي دنيا خوشحال خطي ۽ مهمان نواز طور سڃاڻي ٿي.

موجوده حالتون سياسي لحاظ سان تاريخ جي اهم ۽ فيصلا ڪن موڙ تي اچي بيٺيون آهن، سنڌ ۾ ڪئنالن جي حوالي سان جيڪو سياسي اُڀار آيو آهي، ان ۾ ڪيئي سياسي بُت ڀڃي ڀورا ڀورا ٿي ماضي جو قصو  بڻجي ويندا، جڏهن ته ٻي پاسي وري ڪي نوان اڳواڻ پيدا ٿي قوم جي قيادت ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لهندا، ۽ اهو سڀ ڪجهه ٿيندي اسان ماضي ۾ ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ يا ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڏسي چڪا آهيون، ۽ موجوده وقت ۾ تاريخ پاڻ کي ورجائي رهي آهي، ان لاءِ اڄ جيڪو سنڌ سان گڏ بيهندو اهو امرتا ماڻيندو ۽ سنڌ جي مفادن جي سوديبازي ڪندڙ سياسي موت ۽ تاريخ جي ڦٽڪار کان بچي نه سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.