آئون پرائمري استاد آهيان، منهنجا ٻه ٻارڙا 13 سالن جي نياڻي ۽ 9 سالن جو پٽ محمد علي ٿيليسيميا جو شڪار رهيا جن کي رت لڳرائڻ لاءِ ڪراچي ۽ گمبٽ جي وچ ۾ دربدر ٿيندو رهيس ۽ اذيت مان گذرندو رهيس پر ڏک ان ڳالهه جو آهي ته منهنجي ٻئي ٻار فوت ٿي ويا. اوهان ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا ته مان هڪ فرض شناس ۽ باصلاحيت استاد آهيان ۽ پنهنجو تدريسي فرض ايمانداري سان نڀائيندو رهيس پر منهنجي کاتي جي ذميوارن طرفان مونسان جائز سهڪار ڪرڻ بدران مون ڏکويل ۽ مظلوم استاد جون پگهارون روڪي منهنجي معاشي طور بدحال ۽ ذهني اذيت جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي.
جيئن ته مان هڪٻئي پٺيان ٻن ٻارن جي موت جي ڏک کي برداشت ڪرڻ باوجود اسڪول ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيندو رهيس پر لاڳاپيل اسڪول جي هيڊماستر مون کي آٿت ڏيڻ بدران منهنجي پگهار بند ڪرائي ڇڏي. ان دوران نه وري منهنجي بايوميٽرڪ ڪرائي. مان اٽڪل16 سال بنا پگهار ملڻ جي به پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيندو رهيس ۽ اهو سلسلو ڏيڍ سال اڳ تائين جاري رکيم پر بايوميٽرڪ نه ٿيڻ ۽ پگهار نه ملڻ سبب ٻچن جي پيٽ گذر لاءِ مزدوري ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهيان.
منهنجي ري پوسٽنگ لاءِ جيتوڻيڪ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر صاحب جن به حڪم ڏئي چڪا آهن پر مون سان زيادتيون ڪندڙ ۽ پگهارون روڪرائيندڙ بي حس عملدار نه ته مون کي پوسٽنگ ڏئي رهيا آهن ۽ نه وري رهيل پگهارون ڏئي رهيا آهن. ان لاءَ مون کي شڪ آهي ته لاڳاپيل عملدار منهنجون پگهارون کائيندا رهيا آهن شايد اهو ئي سبب آهي جو ڊي اي او جي حڪم باوجود ري پوسٽنگ جي حڪمن تي به عمل نٿو ڪيو وڃي.
منهنجي وس وارن کي گذارش آهي مون سان ٿيل رڪارڊ زيادتي جي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ، ڊيوٽي جوائن ڪرائڻ ۽ رهيل سمورين پگهارن جي ادائگي کي يقيني بنائڻ لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن ته جيئن مون مظلوم استاد سان انصاف ٿي سگهي.
پرائمري استاد محمد بخش شيخ
-
ڪراچي تعليمي بورڊ جي سنڌي شاگردن سان ٿيندڙ ٻه اکيائي
سنڌ ۾ جيڪي به تعليمي بورڊ آهن، انهن ۾ ٽن ٻولين جهڙوڪ سنڌي، اردو ۽ انگلش جا گڏيل امتحاني پيپر جاري ڪيا ويندا آهن، پر ڪراچي بورڊ پاران جاري گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌي شاگردن سان ٻه اکيائي وارو سلسلو هيل به رڪجي نه سگهيو.
ڪراچي بورڊ پاران هر سال سنڌي شاگردن لاءِ الڳ جڏهن ته غير سنڌين لاءِ اردو ۽ انگلش ۾ الڳ پيپر جاري ڪيا ويندا آهن، جنهن سبب ڪراچي جي اڪثر امتحاني سينٽرن تي سنڌي شاگردن کي امتحاني پيپر ملي ناهن سگهندا، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌي شاگردن امتحاني عمل کان ٻاهر رهجي ويندا آهن. اصولي طور تي هئڻ ته ائين گهرجي ته جهڙي طرح سنڌ جي ٻين تعليمي بورڊن جهڙوڪ سکر، نوابشاهه، ميرپور خاص ۽ حيدرآباد جيان ٽنهي ئي ٻولين يعني سنڌي، اردو ۽ انگلش جا گڏيل پيپر جاري وڃن. پر ڪراچي بورڊ انتظاميا ان اهم مسئلي ڏانهن ڏيان ڏئي گڏيل پيپر تيار ڪرڻ لاءِ نظر نٿي اچي. منهنجي وس وارن کي گذارش آهي ته ڪراچي بورڊ انتظاميا کي گڏيل پيپر جاري ڪرڻ جو پابند بڻائي سنڌي شاگردن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪرائي وڃي.
آصف جهتال/ گلشن حديد ڪراچي