سنڌو درياهه تي لاڳيتا ڌاڙا ۽ عوامي آواز جو گڏيل ردعمل

تحرير: ياسمين چانڊيو

 پاڻي جيڪو سموري ڪائنات جي وجود جو بنيادي عنصر آهي. سائنسدانن موجب، زندگي جي ابتدا ئي پاڻيءَ مان ٿي. اسان جي ڌرتي جو 71 سيڪڙو حصو پاڻيءَ سان ڍڪيل آهي، پر ان مان رڳو 2.5 سيڪڙو مٺو پاڻي آهي، جيڪو زندگيءَ لاءِ اهميت رکي ٿو. انساني جسم جو 60 سيڪڙو حصو پاڻي تي ٻڌل آهي. ۽ ڌرتيءَ تي هر جاندار جي بقا جو دارومدار به پاڻيءَ تي آهي. قديم تهذيبون دريائن جي ڪنارن تي ئي آباد ٿينديون ھيون . سنڌو تهذيب، جيڪا دنيا جي قديم ترين تهذيبن مان هڪ آهي، سنڌو درياهه جي ساٿ سان اڀري. اڄ به سنڌو درياهه سنڌ جي زندگيءَ جو بنياد آهي، پر ان تي صدين کان ٿيندڙ ڌاڙن  سبب سنڌ جو عوام پنهنجي وجود جي جنگ وڙهي رهيو آھي.

سنڌونديءَ گھڻي ڀاڱي دنيا جي ملڪن ڪاھون ڪيون.۽ سنڌ تي حڪمراني ڪئي.سنڌو درياهه، جيڪو صدين کان سنڌ جي معيشت، ثقافت، ۽ ماحوليات جو بنياد رهيو آھي ، سو  اڄ تائين  به سخت بحرانن کي منهن ڏئي رهيو آهي. پاڻيءَ جي غير منصفاڻي ورڇ، ڊيمز جي اڏاوت، ماحولياتي تباهي، ۽ وفاقي حڪومت جي لاتعلقي سبب سنڌ جي زراعت، مڇي مارڻ واري صنعت، ۽ آبي حيات جو وجود خطري ۾ پئجي ويو آهي.

پاڻيءَ جي ورڇ وارو نظام صدين کان سنڌ لاءِ ناانصافيءَ جو سبب رهيو آهي. هندستان سان ٿيل انڊس واٽر ٽريٽي (1960ع) کان وٺي، 1991ع واري پاڻيءَ جي معاهدي تائين، سنڌو درياهه تي سياسي، اقتصادي، ۽ معاشي قبضن جو سلسلو جاري رهيو آهي. هاڻي صورتحال اها آهي جو سنڌ جو عوام مسلسل احتجاج ڪري رهيو آهي، پر وفاقي حڪومت دانهون ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.سنڌوندي تي ھميشھ ڌاڙا لڳندا ٿا رهن ۽ پاڻيءَ جي ورڇ جون غير منصفاڻيون پاليسين جو ھيٺ تفصيلي جائزو وٺي ڏسجي ته!اسان وٽ پاڻيءَ جي ورڇ لاءِ 1991ع وارو پاڻي معاهدو موجود آهي، پر افسوس جو ان تي عملدرآمد نه پيو ٿئي. حقيقي انگ اکر هن ريت آهن:

1991ع واري پاڻيءَ جي معاهدي مطابق سنڌ لاءِ مختص پاڻي: 48.76 ملين ايڪڙ فوٽ (MAF)

هاڻي سنڌ کي ملندڙ پاڻي: 30-32 MAF (يعني لڳ ڀڳ 35% گهٽتائي(پنجاب لاءِ مختص پاڻي: 55.94 MAF، پر عملي طور تي ان کي 60-65 MAF ملي ٿو. هي انگ واضح ڪن ٿا ته سنڌ جو پاڻي ناجائز طور تي پنجاب جي ڊيمز، بيراجن ۽ نهري نظام ذريعي ڦريو پيو وڃي. ڇا هي ناانصافي سنڌ لاءِ موتمار ناھي ؟سنڌ جو معاشي دارومدار زراعت تي آهي. پاڻيءَ جي کوٽ سبب 30 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زرعي زمينون غير آباد ٿي چڪيون آهن. ڪراچي کان ٺٽي، بدين، سجاول، سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ تائين 50٪ کان وڌيڪ زمينون متاثر ٿيون آهن. چانورن، ڪڻڪ، ڪمند، ۽ ڪپهه جي پيداوار ۾ 40٪ گهٽتائي آئي آهي. هن  زوال هزارين هارين کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي، ۽ سندن زندگيون بدحاليءَ جي ور چڙهي چڪيون آهن. تمر جا ٻيلا، جيڪي ڪراچي، ٺٽي، ۽ بدين جي سامونڊي علائقن ۾ پکڙيل هئا، هاڻي زوال پذير آهن.

1950ع ۾ سنڌ ۾ 600,000 هيڪٽرن تي تمر جا ٻيلا موجود هئا، جيڪي هاڻي صرف 200,000 هيڪٽرن تائين محدود ٿي چڪا آهن. هر سال 5,000 کان 7,000 هيڪٽر تمر جا ٻيلا ختم ٿي رهيا آهن. تمر جا ٻيلا نه صرف سامونڊي حيات لاءِ ضروري آهن، پر اهي سمنڊ جي چاڙهه کي روڪڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. جيڪڏهن هي ٻيلا مڪمل طور تي ختم ٿي ويا، ته سنڌ جا سامونڊي علائقا سمنڊ ڳڙڪائي ڇڏيندو. هر سال سنڌ جي 80,000 ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي رهيو  آهي. ٺٽي، بدين، ۽ سجاول جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي چڪا آهن. سمنڊ جي چاڙهه سبب هر سال 10,000 کان وڌيڪ ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿين ٿا. ڇا هي تباهي سنڌ لاءِ قدرتي آفت آهي يا سنڌ سان ٿيندڙ مسلسل ناانصافيءَ جو نتيجو؟

پلو مڇي  سنڌو درياهه جي سڃاڻپ هئي، پر هاڻي ان جو نسل ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي.

1980ع ۾ هر سال 20,000 ٽن پلو مڇي پڪڙبي هئي، جيڪا هاڻي 2,000 ٽن کان به گهٽجي چڪي آهي.پاڻيءَ جي کوٽ ۽ گدلاڻ سبب مڇين جي نسلن جو توازن بگڙجي چڪو آهي.سنڌ جا 5 لک مهاڻا پاڻيءَ جي کوٽ، سمنڊ جي چاڙهه ۽ آسودگيءَ سبب بيروزگار ٿي چڪا آهن. مڇي مارڻ جو پيشو هاڻي ختم ٿيڻ جي ويجهو وڃي بچيو آهي. ) پنجاب جي گندي پاڻيءَ جو سنڌ جي ڍنڍن ۾ ڇوڙ(پنجاب جا صنعتي شهر لاهور، فيصل آباد، ۽ گوجرانوالا پنهنجو صنعتي ۽ گندو پاڻي منڇر ۽ ڪينجهر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪن ٿا.منڇر ڍنڍ، جيڪا 1980ع تائين مٺو پاڻي مهيا ڪندي هئي، هاڻي مڪمل طور تي گدلاڻ جو شڪار ٿي چڪي آهي.ڪينجهر ڍنڍ جو پاڻي 60٪ گدلاڻ جو شڪار ٿي چڪو آهي، جنهن سبب حيدرآباد ۽ ڪراچي جي لکين ماڻهن جي صحت خطري ۾ آهي. گذريل 14 مارچ،  دريائن جي عالمي ڏينهن تي هزارين سنڌين احتجاج ڪيو. سياسي اڳواڻن ۽ ماهرن سنڌو درياهه تي ٿيندڙ ناانصافين خلاف وائٽ پيپر جاري ڪيا.

 

  1. پاڻيءَ جي ورڇ کي منصفاڻي بڻايو وڃي، ۽ سنڌ کي ان جو جائز حصو ڏنو وڃي.
  2. سنڌو درياهه تي نوان ڊيم ٺاهڻ بند ڪيا وڃن.
  3. تمر جا ٻيلا ٻيهر پوکيا وڃن ته جيئن ماحولياتي تباهيءَ کي روڪي سگهجي.
  4. مڇي مارڻ واري صنعت کي سرڪاري سهائتا ڏني وڃي ته جيئن مهاڻن جون حياتيون محفوظ رهي سگهن.
  5. منڇر ۽ ڪينجهر ڍنڍ ۾ پنجاب جي گندي پاڻيءَ جي ڇوڙ کي روڪيو وڃي.

سنڌو درياهه سنڌ جي زندگيءَ جو بنياد آهي. جيڪڏهن سنڌ جو عوام پنهنجا حق نه وٺي سگهيو، ته ايندڙ 20 سالن ۾ سنڌ جون زمينون، آبي حيات، ۽ معيشت مڪمل طور تي تباهه ٿي سگهي ٿي.14 مارچ تي جيڪو سنڌ جو گڏيل ردعمل عوامي آواز طور اڀريو، جيڪڏھن اھو گڏيل احتجاج سنڌوءَ جي بچاءَ لاءِ لڳاتار جاري رھيو ته پوءِ اھو ڏينهن پري ناهي جو اسان جي حصي جو پاڻي پنجاب بجاءِ سنڌونديءَ ۾ روان رھي.سنڌ جي عوام کي متحد ٿي، پنهنجن حقن لاءِ مسلسل  عملي جدوجهد ڪرڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.