اسان جي احتجاجن کي ڇو نٿو ٻڌو وڃي

تحرير: رياض ابڙو 

اسان جي وسيلن تي قبضا، اسان جي زمينن تي قبضا، اسان جي درياءَ تي ڌاڙا، اسان جي نوڪرين تي قبضا، اسان جي سامونڊي ٻيٽن تي قبضا. وري بلدياتي نظام اهڙو ڄڻ صوبي جي ورهاڱي جي ڳالهه هجي، پوءِ آخر ڇا ڪجي؟ ڪيئن ٿيندو اهو سڀ ڪجهه؟ ڀلا ضلعا به ته انتظامي يونٽ آهن نه، اها ڳالهه ماڻهن يا حڪمرانن کي سمجھه ۾ نه ٿي اچي. هاڻي ته ”ڪلڪ“ ۽ ”سويپ“ جي پيڪيجن تحت ڪراچي ۾ ڪم هليا. پر رياست جو وس پڄي ته سڀ وڏا شهر چائينا کي لکي ڏئي. حيرت اها به آهي ته اسان جي احتجاجن ۾ ته ڪو اثر ئي ناهي. اسان جي ماڻهن اسٽيل مل جي لاءِ احتجاج ڪيو، ماڻهو ميڙيا پر وفاق تي ته ڪو اثر نه پيو. اسان جي روڊ رستا بلاڪ ڪيا، ٽريفڪ جام ڪرائي ته ڪورٽ ڪهڙو “سوئوموٽو“ (پاڻ مرادو) نوٽيس ورتو. هونءَ ته سياستدانن کي ڦاسائڻ جي لاءِ ايڏا پاڻ مرادا نوٽيس ٿا وٺن جو حيرت ٿي وٺي، ۽ لڳندو آ ته ڪورٽون واقعي ئي ڪم ٿيون ڪن. ڳوٺاڻن علائقن ما پاڻي ۽ گيس جون لائينون گذري وڏن شهرن ڏي اچن ٿيون، پر انهن شهرن ۽ ڳوٺن جي ماڻهن کي صاف پاڻي جو ڍڪ نه ٿو ملي. انهن کي ٻارڻ لاءِ گيس نه ٿي ملي، وري انهن ماڻهن تي پابندي آ ته اهي ٻيلي مان وڻ ۽ سڪل ڪاٺيون ڪٽي به گهر جو چلهو ٻاري نه ٿا سگهن، ڇو وڻ ڪٽڻ سان ماحولياتي گدلاڻ وڌي ٿي پر انهن جو چلهو نه ٻري ماحول تي ڪو اثر نه ٿو پئي. اتي حڪومتي ڌريون نه انهن کي روزگار ڏينديون، نه انهن کي صاف پاڻي ملندو، نه انهن کي روڊ رستا، نه زندگي جي ڪا آسائش، ماڻهو ڇا ڪن ڀلا؟

وري اها ڳالهه به سمجهڻ ضرري آ ته ضلعي انتظام ته ڊي سي ٿو هلائي، يا ضلعي پوليس جو انتظام به ته الڳ ٿلڳ آ، جيئن انهن نظامن کي گڏيل طور ته صوبائي ۽ وفاق سرشتن تائين ڇڪي يا ڳنڍي سگهجي ٿو. بنگلاديش جي 1971 ۾ ڏنل 6 نڪتن مان هڪ نڪتو ڏاڍو زبردست هيو ته ”وفاق پاڻ وٽ صرف ٻه وازارتون رکي، هڪ دفاع ۽ ٻيو پرڏيهي پاليسي جي وزارت، باقي سڀ جا سڀ انتظام صوبا پاڻ هلائيندا. ٻيو ته صوبي جي جيڪا به اپت ٿيندي، ان تي وفاق جو ڪو به دخل نه هوندو، صوبا جيڪو ڪمائيندا اهي پاڻ تي خرچ ڪندا“ (اهي پوانٽون بلڪل صحيح هيون) وري وفاق هر صوبي جي ڪمائي تي ڀلي پنهنجي مخصوص ٽيڪس يا ڍل رکي پر سڀ جون سڀ ٽيڪس ۽ ڍلون هڙپ نه ٿو ڪري سگهي. وڏن شهرن جي آبادي ۾ سڀني ننڍن ننڍن شهرن جي ڪمائي جو حصو يعني ”ڪنٽريبيوشن“ به هجي ٿو. ملڪي آباديون ته ٻين شهرن جي واپارن تي ”ڊپينڊ“ ٿيون ڪن، ڇو ته ”سروس سيڪٽر“ ڳنڍيل رهي ٿو، معني سروس ڏيو ۽ سروس وٺو. پوءِ انهن ڪمايل ٽيڪسز تي به شهر جي سڀني ماڻهن وانگي صوبي جي هر ماڻهو جو به حق آ. رياست اهو ڏسي ته جيڪو صوبو جيترو ڪمائي اوترو ان جو پنهنجن وسيلن تي حق هجي ٿو، پر انڌيرنگري ۽ چرٻٽ راجا.

ٻولي جو وڏو مسئلو آ، وڏن شهرن ۾ اسان جي ٻولي ڳالهائڻ وارا ڪيترا هوندا؟ (يا آهستي آهستي وڌن ٿا) عرب، ارغون ۽ ايراني نسل به اسان وٽ اسان جي ٻولي ڳالهائي اسان جا ٿي ويا، پر هي ته اسان جي ٻولي ڳالهائڻ کي عيب ٿا سمجهن. پوءِ انهن ٻين صوبن جي ماڻهن کي ڏسن جيڪي انهن صوبن ۾ لڏپلاڻ جي بهاني آيا اهي اتان جا ٿي ويا. پر هي ڪهڙي ثقافت جي مالڪ آهن جيڪي پنهنجي تهذيب جي ڳالهه ٿا ڪن، سڄي لڏپلاڻ کانپوءِ به شهر جي هاڻوڪي آبادي ۾ هنن جو حصو ايترو ناهي پر ٻولي جي “ڊوميننسي“ جي ڪري هي ملڪ جي ماڻهن تي حاوي ٿا ٿين. ايم ڪيو ايم ته اهڙي پارٽي آهي جيڪي فوجين “ڪريئيٽ“ ڪئي ۽ هر حڪومت جي جهولي ۾ ويهڻ وارا آهن اهي ته رڳو ”سرڪاري ڀتن“ تي گذارو ڪرڻ وارا، سدائين ان آسري ۾ هوندا آهن ته من نه من حڪومت هنن جي فائدي جي ڳالهه ڪري، هي ته ڪڏهن به مخالفت جي سياست ڪندا ئي ناهن. ڪڏهن به مخالفت ۾ اچي هي عوام جي ڳالهه ناهن ڪندا، ماضيءَ ۾ پاڻ کي ”نفيس“ ثابت ڪرڻ جي لاءِ پي ڊي ايم جي خلاف ٿي بيٺا.

ڪاش اسان جا ماڻهوهنن جي سياست کي سمجهن ڇو ته ”ڪوڙن“ ڊوميسائيلن تي ٻيا ماڻهو ٻين صوبن جا ماڻهو اسان جي نوڪرين جي ڪوٽا تي ويهاري اسان جن ماڻهن کي نوڪرين کان محروم ٿا ڪن. هاءِ ڪورٽن ۾ ڪيس هلائي ڪوڙا به پاڻ ٿابت ٿا ٿين، پر نڪ جا پڪا آهن، ڇو ته هنن ڀلي ڀَتِ خبر آهي ته رڳو ”ڪراچي ۽ مهاجر“ سياست ڪري هي “حڪومتي ڀتا“ کائڻ جا ماهر آهن ۽ اهو ئي ڪري سگهن ٿا، باقي قومي سياست هنن جي وس جي ڳالهه ناهي. هنن ته سدائين غداري واري سياست ڪئي آ، هي سدائين ٻين ملڪن جي لاءِ ڪم ڪرڻ وارا ڪهڙي صوبي يا ملڪ جي سياست ڪندا. پر حيرت اها آهي ته صدر به هنن جي ٻولي ٿو ڳالهائي، سپريم ڪورٽ جو جسٽس، پاڪستان جو اٽارني جنرل، وفاقي قانون جو وزير ۽ اسان جو گورنر به هنن جو، پر پوءِ به هي مظلوم، اسان جي ڌرتي ۽ حقن لاءِ هي وڙھن ئي نه ٿا هي ته ابتو اسان سان ٿا وڙهن. پنهنجا مقصد پاسي تي رکي ٻيٽن جي لاءِ ڪو جلوس يا جلسو ڪڍي ڏيکارين، پاڻي جي لاءِ ڪو احتجاج ڪري ڏيکارن، معني ”سنڌو جي پاڻي تي راتاها“ ٿا لڳن، پنجاب ڪينال ٿو ٺاهي ۽ رهيو کهيو پاڻي کڻي اسان جون لکين ايڪڙ زمينون غيرآباد ڪندو، پر هنن کي پنهنجي گهر جي ٽانڪيءَ ۾ پاڻي کپي، باقي اسان جا درياھ سڪن، بحريا ٽائون ٺهن، ڪمانڊر سٽي، اي ايس ايف سٽي، ڊفينس جا نوان فيز ٺهن، ڌاريا آباد ٿين، هنن جي ته جونءَ به ننڊ آ. اسان کي به ترقي ڏاڍي وڻندي آ، پر ٻيٽن تي ائين قبضا ڪري ڪهڙي ترقي چئبي، اسان جا ماڻهو ٻاهرين ملڪن ۾ ويهي به هنن جي لوڌيل ليڊرن کي هاڻي پنهنجو ٿا سمجهن، جن مان چڱائي جا ڪا اميد ڪرڻ ڄڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ آ، پوءِ آزمايل کي آزمائي سو ڌوڙ منهن ۾ پائي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.