شهري سنڌ جي پاڻيءَ جون گُهرجون ۽ زميني حقيقتون

 چوڏهين مارچ تي سنڌ ۾ آئيني ۽ قانوني حقن لاءِ جيڪو سماجي تحرڪ اڀريو سو پرامن، عدم-تشدد ۽ پائيداري جي عالمي اصولن تي ٻڌل هو، ھڪ  نئين تاريخ لکي سڄي ملڪ، حاڪمن ۽ هيڊاڻ سان رنگيل نام نهاد  قومي ميڊيا کي اچرج ۾ وجھي ڇڏيو، سنڌ جو ڪو شھر، واھڻ، وسندي ۽ گس حقن جي گونج کان خالي نه ھو!

اڃان به شھري سنڌ جي  واسين گھڻائي سمجھي ٿي ته ھيءَ ڪا زرعي پاڻي لاءِ جدوجھد آھي پر اصل ۾ سنڌ جا سمورا وڏا شھر، ڪراچي کان مٺي ۽ جيڪب آباد کان عمرڪوٽ تائين سنڌو جي پاڻي مان پنھنجون سموريون  يا ڳپل ضرورتون پوريون ڪن ٿا۔ اچو ان شھري پاڻي جي ضرورتن تي ٿورو ويچاريون.

ڪيترن ئي هفتن کان سنڌ ۾ ھلندڙاحتجاج کانپوءِ، ڪئنالن جو تڪرار هاڻ ملڪي سطح تي به گونجي رهيو آهي. صدر آصف علي زرداري کي گڏيل  پارليماني  اجلاس کي خطاب ڪندي انھن واھن (ڪئنالن) جي پهرين واري حمايت تان پوئتي هٽڻو پيو. سنڌ اسيمبلي به تجويز ڪيل ڪئنالن خلاف هڪ جامع قرارداد منظور ڪئي آهي. مرڪزي حڪومتي جماعت  مسلم ليگ (ن) کان سواءِ، تقريباً سڀني وڏين سياسي پارٽين چولستان ۾ ڪارپوريٽ زرعي منصوبي لاءِ نون ڪئنالن ٺاهڻ  واري منصوبي کي رد ڪيو آهي. سنڌ حڪومت اڳ ۾ ئي گڏيل مفادن جي ڪائونسل (سي سي آءِ) سان رابطو ڪري چڪي آهي، جيڪو آئيني طور تي پاڻي سان لاڳاپيل تڪرارن کي حل ڪرڻ جو اھم  ذميوار ادارو آهي.پر افسوس ته سي سي آءِ هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان اجلاس ناهي ٿيو.

چولستان وارو تڪراري منصوبو نه رڳو زراعت ۽ ڊيلٽائي ايڪو سسٽم لاءِ نقصانڪار آهي، پر سنڌ جي شھري علاقن ۾ پاڻي جي شديد اڻاٺ ۽ هاڃيڪاري جو به سبب بڻجندو.  تڪڙي وڌندڙ شھري آبادي جي ڪري (سنڌ سڀ کان وڌيڪ شھري آبادي وارو صوبو آھي) گهريلو، صنعتي ۽ تجارتي ضرورتن ۾ تيزي سان واڌارو ٿي رهيو آهي. ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر مستقل پاڻي جي اڻاٺ جو شڪار آهن. ڪراچي 85 سيڪڙو پاڻي جي ضرورت سنڌوندي مان ئي پوري ڪري ٿي. ساڳي طرح حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر پنهنجي پاڻي جي ضرورت لاءِ مڪمل طور سنڌو تي ڀاڙيندا آهن. ان ڪري، شھري آبادي به سنڌوءَ جي گھٽجندڙ وهڪري جي ناڪاري اثرن کان محفوظ ناهي.

سنڌ جي آبپاشي کاتي ڪجهه وقت اڳ ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت ڪيترن ئي ضلعن لاءِ سوڪهڙي جو انتباھي نوٽس جاري ڪيو آهي. تربيلا ڊيم ۾ پاڻي گهٽ ۾ گهٽ سطح (ڊيڊ ليول) تي پهچي چڪو آهي. سنڌو جي وهڪري گھٽ ٿيڻ سان، پاڻي جي گندگي ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي. سنڌو ۾ ھر قسم جي گدلاڻ ان جي سمنڊ ڏانھن سفر ۾ سون جاين تي وھڪري ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ ڪوٽڙي تائين پھچندي پھچندي خاص ڪري گھٽ وھڪري وارن ڏينهن ۾ انتھائي هاڃيڪار ٿي وڃي ٿي۔  1991ع جي پاڻي معاهدي ۾ رڳو پاڻي جي مقدار تي ڌيان ڏنو ويو آهي، پاڻي جي معيار کي نظرانداز ڪيو ويو آهي.

منڇر ڍنڍ رائٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين (آر بي او ڊ) جي گدلي پاڻي اڇلائڻ  جو هڪ مستقل ماڳ ٿي چڪي آهي، جيڪا سيوھڻ ويجھو سنڌو ۾ ڇوڙ ڪندي آھي( منڇر مان درياهه ۾ ، ۽ درياهه مان منڇر ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جو ٻٽو سرشتو آھي)- اھو پاڻي پوءِ ڪوٽڙي بئراج تائين 140 ڪلوميٽر هيٺ اچي ٿو. ڊسمبر کان اپريل تائين سنڌو ۾ سکر بئراج کان هيٺ وھڪرو گھٽ ھوندو آھي ۽ ڪوٽڙي کان هيٺ وھڪرو بلڪل نه ھئڻ جي برابر ھوندو آھي، ان ڪري نه صرف منڇر جي ايندڙ پاڻي جي گدلاڻ گھٽائڻ ڏکيو ٿي پوندو آھي بلڪه درياهه جي پنھنجي پاڻي جو معيار خطرناڪ حدن تائين گدلو  ٿي ويندو آھي۔

حيدرآباد جي شھرين کي پڻ گھٽ وهڪري واري دور ۾ زهر آلود پاڻي سان واسطو پوي ٿو (بدين ۽  ٻين شھرن کي پڻ غير انساني پاڻي پيئڻو ٿو پوي). مارچ 2024ع ۾، سنڌو ۾ ٽوٽل ڊزالوڊ سالڊس (ٽي ڊي ايس) ۾ خوفناڪ واڌاري سبب حيدرآباد ۾ پاڻي جي ورڇ  بند ڪرڻي پئي ته جيئن ڪنھن به صحت واري ھنگامي حالت کان بچي سگھجي. جڏھن پاڻي کي  چڪاسيو ويو ته ته  790 ملي گرام في ليٽر ٽي ڊي ايس ڏٺو ويو، جيڪو ڊبليو ايڇ او طرفان مقرر ڪيل حد 500 ملي گرام في ليٽر کان وڌيڪ هو. اهو مئي 2004ع ۾  پيش آيل حالتون ياد ڏيارڻ لاءِ ڪافي ھو، جڏهن 1500 ٽي ڊي ايس کان وڌيڪ زهريلي وهڪري سبب حيدرآباد ۾ تقريباً 50 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.

اھڙي اڻاٺ ۽  هاڃيڪاري ھوندي، اڃان  وڌيڪ پاڻي چولستان  يا ڪنھن به واھ لاءِ ڪيئن ٿو کڻي سگھجي!؟ سنڌ جيڪو 91 معاهدي ۾  تسليم ڪيل ۽  تحقيقي طور  تي ثابت ڪيل ڪوٽڙي کان هيٺ ھروقت وھندڙ پنج ھزار  ڪيوسڪ جي گھر ڪندي اچي ٿي اھو اڌ سنڌ جي آبادي جي پيئڻ جي پاڻي ۽ ڊيلٽا لاءِ اڻٽر آھي۔ (پنجويهه ميلن ايڪڙن فوٽ پنجن سالن ۾، ان کان سواءِ آھي)۔  سنڌوءَ جي وهڪري کي گھٽ ڪري  حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان ۽ بدين ضلعن جي آبادي لاءِ  پيئڻ جو پاڻي وڌيڪ زهريلو  ٿي پوندو۔ ان سان گڏ ڪوٽڙي کان  هيٺ  ڊيلٽائي سنڌ جا  لکين ساھ وڌيڪ پاڻي سان  لاڳاپيل  بيمارين ۾ سوگھا  ٿيندا۔

ڪراچي به گندي پاڻي جي خطري کان محفوظ ناهي. ڪراچي کي سنڌو جو پاڻي ڪوٽڙي بئراج جي ساڄي پاسي کان نڪرندڙ ڪلري بگھاڙ فيڊر واھ ذريعي پهچي ٿو. ڪراچي لاءِ پاڻي کي پهرين ڪينجهر ڍنڍ ۾ ذخيرو ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ ڌابيجي ۽ گھارو پمپنگ اسٽيشنن ڏانهن موڪليو ويندو آهي. ڪوٽڙي بئراج تي گدلاڻ وڌڻ سان، ڪي بي فيڊر به ساڳيو گندو پاڻي ڪنجھر ڍنڍ ڏانهن کڻي ويندو آهي. رستي ۾  ڪوٽڙي ۽ نوري آباد صنعتي علاقن ۽ سندس ڪنارن تي واقع آبادين طرفان ڇڏيل گدلاڻ جي ڪري پاڻي جو  معيار اڃان وڌيڪ ڪري ٿو پوي. ڪوٽڙي تي گھٽ ٿيندڙ وهڪرو ڪراچي لاءِ پاڻي جو مقدار گھٽائڻ سان گڏ معياري لحاظ کان  به شھري صحت لاءِ خطرا وڌندا.

طبعي، ڪيميائي ۽ حياتياتي گدلاڻ وارو پاڻي بيمارين جو وڏو سبب آهي. 2016ع ۾ سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ پيئڻ جي پاڻي جي مسئلن جي ڳولا ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي زير نگراني هڪ ڪميشن قائم ڪئي. ڪميشن جي نگراني ۾ پاڪستان ڪائونسل آف ريسرچ ان واٽر ري سورسز (PCRWR) مختلف ذريعن ۽ هنڌن تان 336 پاڻي جا نمونا چڪاس ڪيا.  نتيجو هي هو ته 75 سيڪڙو پاڻي  انسانن جي واپرائڻ جھڙو نه ھو !

ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه وڃڻ جي ڪري ڊيلٽا گھٽ ٿيندي وڃي تمر /مينگروز  جا ٻيلا پکيڙ  گهٽائيندا ٿا وڃن! اھي موسمي  ڦير گهير ۽   سامونڊي طوفانن خلاف قدرتي  ڍال آهن. سنڌ ۽ پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي شھر ڪراچي کي سامونڊي طوفانن  ۽ سونامين جي اثرن کان بچاءُ يا  گھٽ ڪرڻ لاءِ گھاٽي تمر جي  ٻيلن جي اڻٽر ضرورت آھي۔ اهڙين خطرناڪ حالتن جي ھوندي  جيڪڏهن پنجاب ۾ چولستان ۽  ٻيا نوان واھ ڪڍيا  ويندا ته نه صرف زرعي پاڻي جي اڻاٺ وڌي ويندي  پر شھري سنڌ ۾ گهريلو استعمال ۽ پيئڻ جي پاڻي جو  شيدي بحران پيدا ٿيندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.