لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ پاڪستان ٽيم جي خراب ڪارڪردگي تي رانديگرن مٿان 50،50 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن تي ڳرو ڏنڊ لڳائڻ جو امڪان آهي، ڏنڊ لڳائڻ ۾ڪجهه مسئلا آهن جن تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي.
ذريعن موجب، سينٽرل ڪانٽريڪٽ کي نظر ۾ رکندي قانوني رخن جو به جائزو ورتو پيو وڃي.
واضح رهي ته پاڪستاني ٽيم ورلڊڪپ ۾ بدترين ڪارڪردگي سبب ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي چڪي آهي.