ثقافت کاتي کي خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي جي ڇپر ڇانوَ ٿيڻ گهرجي

رپورٽون آهن ته خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي کي خالي ڪرائڻ لاءِ  ثقافت کاتي پاران ڏنل هڪ هفتي جي مهلت ختم ٿي وئي آهي. سنڌ ثقافت کاتي ۽ سياحت کاتي پاران ڪيفي خانه بدوش کي خالي ڪرڻ لاءِ 6 مارچ تي نوٽيس جاري ڪيو ويو هو. اهڙو نوٽيس امر سنڌوءَ  کي موڪليو ويو آهي ته هڪ هفتي اندر ڪيفي خانه بدوش وارو ايريا خالي ڪيو وڃي جو اها ايريا سنڌ ميوزيم جي آهي. نوٽيس ۾ ڄاڻايل آهي ته جنهن جاءِ تي اها ڪيفي ٺاهيل آهي اها ايريا ٻارن جو پارڪ ٺاهڻ لاءِ مختص ٿيل آهي ان ڪري ڪيفي خالي ڪئي وڃي.نوٽيس ۾ اهو به ڄاڻايل  آهي ته خانه بدوش انتظاميا مقرر ٿيل  مسواڙ ڏيڻ ۾ ناڪام  وئي آهي.

اسان جو خيال آهي ته خانه بدوش رائٽرس ڪيفي جو ٺهڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هو ۽ هاڻي جڏهن سنڌ ثقافت کاتي طرفان ڪيفي جي انتظاميا کي اهو ادبي ۽ تخليقي مرڪز توڙي بحث مباحثي لاءِ جوڙيل پکين جي آکيري جهڙي جڳهه کي بند ڪرڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي ته اسان ان کي هڪ وڏو سانحو سمجهون ٿا.

امر سنڌو ۽ عرفانه ملاح ۽ سندن هم خيال دوستن خانه بدوش رائٽرس ڪيفي ٺاهڻ جو اهو ڪم ڪري ڏيکاريو آهي جيڪو خود سرڪار کي ڪرڻ گهربو هو جن وٽ فنڊ به هيا، وسيلا به هيا ته اختيار به پر ان خانه بدوش ڪيفي رائيٽرس جو خواب شايد آدرشي ۽ تخليقي ذهنن کي ڏسڻو هو ۽ پوءِ ان خواب جي ساڀيان لاءِ  ابتدائي طور کين پنهنجي کيسي مان پيسا ڏيڻا پيا جڏهن ته اها ڪيفي ڪنهن ڪاروباري مقصد لاءِ  نه ٺاهي وئي هئي پر اها ڪيفي جديد ۽ روشن خيال شعور کي هڪ پليٽ فارم ڏيڻ جي شاندار ۽ يادگار ڪوشش هئي.

پر افسوس ته اڳتي هلي ڪن ليکڪن ۽ دانشورن ذاتي ۽ شخصي دشمني ۾ اهو اشو اٿاريو هو ته “چلڊرن پارڪ“  جي پلاٽ تي ڪيفي ڇو کوليو ويو آهي جڏهن ته اها ڪيفي سرڪار جي اجازت سان ٺاهي وئي هئي. تڏهن به اسان جو کين اهو جواب هو ته چلڊرن پارڪون ته شهرن ۽ گهٽين ۾ چپي چپي تي قائم آهن پر سنڌين لاءِ رائيٽرس ڪيفي ڪٿي به ناهي تنهن ڪري ان تي ارهو ٿيڻ جو ڪو جواز ناهي.

اهو ممڪن آهي ته خانه بدوش ڪيفي جي انتظاميا سنڌ ثقافت کاتي سان ٿيل معاهدي تي ڪن محدود مالي مجبورين سبب پوري نه لٿي هجي پر هيءَ ڪو ايڏو وڏو پراجيڪٽ به ناهي جنهن سان ثقافت کاتي جي مالي پوزيشن تي ڪو وڏو بار پوندو هجي. اسان جو خيال آهي ته سنڌ ثقافت  کي خانه بدوش رائٽرس ڪيفي جي ڇپر ڇانوَ ٿيڻ گهرجي ۽ ان کي پنهنجي  ئي اداري  جو اٽوٽ  حصو سمجهڻ  گهرجي.  ٻيو ته هاڻي جڏهن  اها ڪيفي پنهنجي اهميت ۽ ضرورت مڃائي چڪي آهي ته ان کي بند ڪرڻ بدران امر سنڌوءَ  جن جي انتظاميا سان گڏ سنڌ ثقافت کاتي کي گڏيل طور اها ڪيفي هلائڻ  جو ذمو کڻڻ گهرجي.

امر سنڌو ۽ عرفانه ملاح ته خانه بدوش رائٽرس ڪيفي جو خواب ڏئي ۽ ان کي ساڀيان ڪري پنهنجي تاريخ ٺاهي ڇڏي آهي هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته سنڌ ثقافت کاتو امر سنڌو جن جي  انتظام ڪاري ۾ خانه بدوش ڪيفي کي سنڌ ميوزيم جو اٽوٽ حصو بڻائي پنهنجي تاريخ ٺاهي ٿو يا نه.

سو اسان جو خيال آهي ته خانه بدوش ڪيفي جا مالي معاملا سنڌ حڪومت جو ثقافت کاتو سنڀالي باقي ادبي ۽ شعوري ڪم امر سنڌوءَ جن انتظام ڪاري ۾ برقرار رهڻ گهرجن.

  • پورٽل ايپ ذريعي روزگار ڏيڻ جو ساراهه جوڳو عمل

پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سنڌ جي اطلاعات کاتي پاران بي روزگار نوجوانن لاءِ تيار ڪيل ”آءِ ورڪ فار سنڌ ڊاٽ ڪام ايپ“ جو ٽيون ڏينهن افتتاح ڪندي چيو آهي ته سنڌ جا ماڻهو روزگار جو مطالبو ڪن ٿا پر سرڪاري نوڪريون سڀني کي نه ٿيون ملي سگهن پر هاڻي پورٽل ذريعي نوڪرين جا موقعا دستياب ٿيندا. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت جاب پورٽل لانچ ڪري ڇڏيو آهي جنهن تي صوبي جا نوجوان پنهنجي رجسٽريشن ڪرائي سگهندا. هن پليٽ فارم تي نوڪري  ڏيندڙ ۽ روزگار جي ڳولا ڪندڙ هڪ ئي هنڌ گڏ ٿيندا. جنهن سان صوبي جي ترقي جي رفتار تيز ٿيندي. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت هي جاب پورٽل متعارف ڪرايو آهي. هن ايپ ذريعي نه رڳو پڙهيل لکيل پر هنرمند ماڻهو به پنهنجيون سي ويون اپ لوڊ ڪري سگهندا. ته جيئن کين سندن قابليت موجب نوڪرين جا موقعا ملي سگهن.  ان ڏس ۾ حڪومت نجي ادارن سان به رابطو ڪيو آهي ته جيئن اهي به پورٽل ذريعي روزگار  جا موقعا مهيا ڪن. هن چيو ته هي پورٽل روزگار جي ڳولا ۾ ماڻهن  لاءِ هڪ ” گيم چينجر”  ثابت ٿيندو.

اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت جو اهو فيصلو نوجوانن ۽ هنرمندن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو تنهن ڪري اهو عمل ساراهه جوڳو آهي. پ پ بابت عام طور تي اهو ئي تاثر هوندو آهي ته اها واحد اقتداري جماعت آهي جيڪا ماڻهن کي روزگار به ڏيندي آهي ۽ پگهارن ۾ اضافو به ڪندي آهي. سو اميد ڪجي ٿي ته نوجوان ۽ هنرمند وي سيون ان ايپ تي موڪلي روزگار ماڻڻ واري هن موقعي مان ڀرپور فائدو وٺندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.