ايران تي وري عالمي طاقتن دٻاءِ وڌائي ڇڏيو

وچ اوڀر جي علائقائي سياست ۾ ايران جي اھميت کي نظرانداز نٿو ڪري سگھجي.جنھن ڪري ئي ھن وقت آمريڪا،برطانيا،چين، فرانس،جرمني ۽ روس ايران جي جوھري طاقت کي محدود ڪرڻ لاءِ ھڪ ڀيرو ٻيھر سرگرم ٿي ويا آھن.ھي خاصو نازڪ مرحلو آھي،ڪنھن  بھ اٻھرائي خطي ۾ اڳي کان موجود تڪرارن ۾ شدت پئدا ڪري سگھي ٿو.ڏهاڪو کن سال اڳ عالمي طاقتن ۽ ايران  ۾معاهدو ٿيو هو. جنهن جو مقصد ايران جي ايٽمي پروگرام کي محدود ڪرڻ هو.ھن وقت اطلاع آھن تھ  ايران ايٽمي بم ٺاهڻ جي گھڻو ويجهو پهچي چڪو آهي.عالمي طاقتن ۽ ايران وارو معاھدو پڻ هن سال ختم ٿي رهيو آهي.لنڊن جي ھڪ ٿنڪ ٽينڪ چيٿم هائوس سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر صنم وڪيل چوي ٿي ھي گھڻو نازڪ موڙ آهي.بامعني  سفارتڪاري نھ ٿي تھ اسان ايران کي ايٽمي هٿيارن جي مالڪي يا ان تي فوجي حملي کي ڏسي سگهون ٿا.

ايران ۽ عالمي ڌرين وچ ۾ ٻن سالن جي ڳالهين کان پوءِ  آمريڪا جي اڳوڻي صدر بارڪ اوباما جي دور ۾ ٿيل معاهدي موجب پابنديون هٽائڻ جي بدلي ۾ ايران جي ايٽمي پروگرام کي محدود ڪرڻو ھو. پر 2018 ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پھرين مدي ۾ آمريڪا کي معاهدي کان الڳ ڪري ورتو ۽ ايران تي وري پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون. ان کان پوءِ، ايران به معاهدي تي عمل ڪرڻ آھستي آھستي بند ڪري ڇڏيو.جنھن بعد ايران يورينيم جي افزودگي کي تيز ڪيو ۽ هاڻي ايٽم بم ٺاهڻ جي ويجهو آهي. انهيءَ ڪري ٻيھر عالمي طاقتن کي ڪکي رھيو آھي.اھي ملڪ ايران جي ايٽمي پروگرام کي محدود ڪرڻ لاءِ سفارتي طور تي سرگرم ٿي ويا آھن.ان جو اندازو ان مان ٿئي ٿو جڏھن تازو اربع ڏينھن تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ايران جي ايٽمي پروگرام تي بند ڪمري ۾ بحث ٿيو. جمعي ڏينهن، چين ايران ۽ روس سان مسئلي جو "سفارتي حل” ڳولڻ لاءِ ڳالهيون ٿيون.

تازو چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ، چيو تھ اسان جو خيال آهي ته موجوده صورتحال ۾ سڀني ڌرين کي پرسڪون رهڻ گهرجي ۽ ايران جي ايٽمي پروگرام جي مسئلي کي پيچيده ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ معاملو ٽڪراءُ ۽ تڪرار جو سبب بڻجي سگهي ٿو.اربع تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو هڪ خط پڻ گڏيل عرب امارات جي هڪ سينئر سفارتڪار طرفان تهران پهچايو ويو.ايران تي نئين پابنديون لاڳو ڪرڻ کان پوءِ صدر ٽرمپ گذريل هفتي چيو هو ته انهن کي هڪ معاهدو ڪرڻ گهرجي يا ٻي صورت ۾…

عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي مطابق ايران ملڪ ۾ پکڙيل پنهنجي ايٽمي ٺڪاڻن جي ايٽمي صلاحيت کي وڌايو آهي.ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل، رافيل گروسي مطابق، ايران وٽ 60 سيڪڙو افزوده ٿيل خالص يورينيم آهي، جڏهن ته ان کي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ لاءِ 90 سيڪڙو افزوده يورينيم  گھرجي.سندس چوڻ ھو تھ  ايران تيزي سان اڳتي وڌي رھيو آھي.ماھرن جو خيال آھي تھ ايران ھفتن ۾ ايٽمي طاقت بڻجي سگھي ٿو. ان کان پوءِ ان کي ان مقصد وارن ميزائلن کي ڊزائين ڪرڻ ۾ ڪجهه مهينا يا هڪ سال لڳي سگهي ٿو. ان ڪري دنيا جي ملڪن کي ايران سان سفارتي سطح تي اڳتي وڌڻ جي اڳي کان وڌيڪ ۽ سنجيدھ ڪوشش جي ضرورت آھي.ڇاڪاڻ جو ايران سان  2015  ۾ ڪيل معاهدو هن سال 18 آڪٽوبر تي ختم ٿي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.