گذريل ڏينهن سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاءِف ٺهرا سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو۔ سنڌ اسيمبلي جو خاص اجلاءِس اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جتي اسپيڪر اسيمبلي پينل آف چيئرمين جو اعلاءِن ڪيو، جنهن ۾ قاسم سومرو، عبد الوسيم، ندا کهڙو سميت چئن ميمبرن جو اعلاءِن ڪيو ويو.پارلياماني معاملن واري وزير ضيا الحسن لنجار اسپيڪر کان ڪارروائي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جنهن کي منظور ڪيو ويو.اجلاءِس دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاءِف ٺهرا پيش ڪيو.ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ڄام خان شورو چيو ته هي هڪ اهم ۽ تفصيلي ٺهرا آهي، جيڪو ليڊر آف دي هائوس پيش ڪيو آهي.سنڌ جا ماڻهو پاڻي جي مسئلي تي انتهائي حساس آهن ۽ پيپلز پارٽي هميشه پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ جي ماڻهن ڪالاءِ باغ ڊيم کي هميشه لاءِ رد ڪيو، محترمه بينظير ڀٽو ڪمون شهيد وٽ ڌرڻو هنيو هو، جڏهن ته قائم علي شاهه ۽ نثار کهڙو ٿل ڪئنال خلاءِف ٻه ٺهرا پيش ڪيا هئا.جڏهن ته پيپلز پارٽي هميشه پاڻي جي مسئلي تي سنڌ جو موقف واضح رکيو آهي آصف علي زرداري 18هين ترميم منظور ڪرائي صوبن کي خودمختياري ڏني، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي مخالفت باوجود ارسا جلاءِل پور ڪئنال جي منظوري ڏني.نثار کهڙو پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته اسان کان غلطي ٿي وئي جو اسان هن اسيمبلي ۾ پاڪستان ٺهڻ جي حمايت ڪئي؟ سنڌ جا ماڻهو سجاڳ ٿي چڪا آهن، نون ڪئنالن ڪڍڻ سان ملڪ کي نقصان ٿيندو.
جماعت اسلاءِمي جي ميمبر محمد فاروق چيو ته پيپلز پارٽي کي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ ۾ گهڻو وقت لڳي ويو، بار بار وضاحت جي ضرورت ڇو پيش اچي ٿي؟ گرين پاڪستان انيشيئيٽو جي پيپلز پارٽي حمايت ڪئي هئي، پر هاڻي چولستان ڪئنال کي به ان جو حصو بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته سنڌ اڳ ئي پاڻي کوٽ جو شڪار آهي.
اجلاءِس دوران مختلف پارٽين جي اڳواڻن سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جي سخت مخالفت ڪئي ۽ سنڌ جي پاڻي حقن جي تحفظ لاءِ حڪمت عملي تي زور ڏنو هاڻا سوال اهو آيو ته قرارداد پاس ٿيڻ کانپوءِ ان تي عمل ڪير ڪرائيندو؟ جڏهن ته حقيقتون سامهون پيون آهن ته پ پ پ جي سربراهه ۽ صدر پاڪستان آصف علي زرداري پاڻ ڪئنالن جي بل تي صحيح ڪري سنڌ دشمني ڪئي آهي جڏهن مٿس عوام جو دٻاءُ اچي ٿو ته هو گڏيل اجلاءِس کي خطاب ڪندي وفاقي سرڪار کي عرض ٿو ڪري ته اها رٿا واپس ورتي وڃي۔ جڏهن ته تجزيه نگار حيدر ملاءِح جو خيال آهي ته ڪينالن جو منصوبو ايس آ ايف سي جو منصوبو آهي. جنهن کي سڌي طرح عسڪري قيادت هلاءِئي ٿي.صدر آصف علي زرداري ته انهن جو ننڍڙو حصيدار آهي جنهن سنڌي عوام جي ڪاوڙ ڏسي گڏيل اجلاءِس گهرائي ڪينالن جي ٿڌي مخالفت ڪئي.هونئن به مفاهمت جو بادشاهه سڏجندڙ زرداري هر معاملي تي ڊرامائي سياست ڪندو رهيو آهي پر هي معاملو سنجيده ۽ ڪروڙين سنڌين جي جياپي جو آهي جنهن تي سياست ڪرڻ نه گهرجي ڇوته زرداري جي سياست جو بنياد سنڌ سان جڙيل آهي. جيڪڏهن سنڌ زرداري جي هٿن مان وئي ته زرداري ليگ وٽ ڪجهه نه بچندو ۽ اسٽبلشمينٽ کيس ويجهو اچڻ به نه ڏيندي۔
پر ڇا اصل طاقت ڪينالن تان هٿ کڻندي؟اهو هڪ اهڙو سوال آهي جنهن جو جواب شايد خود زرداري وٽ نه به هجي۔ ڇوته ڪينالن پٺيان "ايس آ ايف سي” بيٺل آهي.جن کي سعودي، يمن ۽ ٻين ملڪن مان تقريبن پنجهتر ارب ڊالرن جي سيڙپ جو آسرو آهي. لڳ ڀڳ سٺ لک ايڪڙ سرڪاري زمين جيڪا بي زمين هارين کي ملڻ گهرجي سا عسڪري قيادت جي ٺاهيل تنظيمن جي حوالي ڪئي ويئي آهي.”ايس آ ايف سي” نه رڳو زراعت ۾ پر سياحتي ماڳن ۽ توانائي جي شعبن تي به اک رکيو ويٺي آهي. سياحتي ماڳ هنزه ۽ سنڌ ۾ گورک هل اسٽيشن SIFC جي حوالي ڪيا ويا آهن
ان ڪري سنڌو درياهه جي بقا جي جدوجھد زرداري جي تقرير جي آسري تي ٿڌي نه ٿيڻ گهرجي.زرداري پنهنجي سياسي ڪردار ۾ گيمبلر آهي. ان تقرير جي پويان ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته سنڌ ۾ "اومني گروپ” کي زمينون الاءِٽ ڪرڻ جي زرداري صاحب بارگنگ ڪري رهيو آهي.اومني گروپ معنيٰ بلاءِول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري۔ جيڪڏهن ملڪي اسٽيبلشمينٽ "اومني گروپ” کي قبول ڪري ٿي وٺي ۽ کين حصو پتي ٿو ملي ته صدر زرداري جي تقرير فقط لفاظي تائين محدود رهندي. ڇوته وڏي مڪاري ۽ چالاءِڪي سان سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرايل ھن ٺهرا ۾ نه سي سي آئي(گڏيل مفادن واري ڪائونسل)جي ارجنٽ گڏجاڻي طلب ڪئي ويئي آ ۽ نه ئي سرسبز پاڪستان مھم Green Pakistan initiative جي نگراني ڪندڙ سڀني کان مٿ انهيءَن فوجي اداري SIFC جي ڏينهن رات ھلندڙ سرگرمين کي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيل آهي.ڪارپوريٽ فارمنگ کي به ھاسيڪار درگذر ڪيو اٿن.شاھ سائين جي اڳواٽ ڏس ڏئي ويو ته ”اھڙو ٺلهو ٿان, ڀڃي نه ڀورا ڪجي!“
ان ڪري پاڻ کي سمجهڻ گهرجي ته ڪينالن ۽ "گرين پاڪستان” جي منصوبي ۾ سڌي طرح ملڪ جا مقتدر ادارا شامل آهن. جن کي فقط پرامن جمهوري جدوجهد سان ئي شڪست ڏئي سگهجي ٿي.انڪري سنڌين کي جدوجهد هر حال ۾ جاري رکڻ گهرجي ڇوته جيڪڏهن عوام خاموشي اختيار ڪئي ته سنڌ سرڪار انهيءَ ڪينال رٿا تي پنهنجا پير پوئتي ڪرڻ ۾ دير نه ڪندي۔ عوام توڙي قومپرست جماعتون ثقافتي ڏينهن وانگر رڳو هڪ ڏينهن تائين احتجاج کي محدود نه ڪن پر سنڌ سرڪار سميت وفاقي حڪومت تي دٻا وجهنديون رهن جيستائين ان رٿا جو خاتمو اچي۔پيپلز پارٽي هن وقت وفاقي حڪومت (ن ليگ) سان گڏ ويٺل آهي انڪري ڪئنال رٿا جي حمايت عيوض بلاءِول زرداري کي اربين روپين جو پيڪيج ڏئي راضي ڪيو ويو آهي جنهن سان سنڌ جي عوام کي بيوقوف بنائڻ جي هڪ سازش آهي جنهن جو هر ميدان تي مهاڏو اٽڪائڻ گهرجي۔ سنڌ اسيمبلي جي قراداد ڪابه اهميت نه ٿي رکي ان لاءِ پيپلز پارٽي کي فيصلو ڪري سنڌ جي مفادن خاطر وفاق کان احتجاجن ڌار ٿيڻ گهرجي ۽ زرداري کي ايڪشن وٺي ڏنل اجازتنامو واپس وٺي ته جيئن ڪئنالن جو خاتمو ٿي سگهي۔