چوڪُنڊي يا اُڪرَ وارين قبرن جو هڪ اهم قبرستان ، ملير ضلعي ۾ ڳوٺ مراد ميمڻ ۾ آهي. اهو قديم تاريخي قبرستان ملير کان يارنهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اُتر اوڀر طرف موجود آهي. هتي شاهڪار قسم جون 400 کان وڌيڪ چوڪنڊي قبرون موجود آهن ، جن تي بهترين ۽ خوبصورت اُڪَرَ جو ڪم ٿيل آهي. پٿرن سان ٺهيل مختلف قبرن تي الڳ الڳ ڊزائينون ٺهيل آهن ، جن ۾ رَلين جا نمونا ، ڳَهن جا نمونا ، مختلف هٿيار ۽ انسان توڙي جانور وڏي خوبصورتي سان اُڪريل آهن. زيورن جون ڊزائينون نهايت مُنفرد ۽ نفاست واري انداز سان اُڪريل آهن. اهڙي شاندار ڪاريگري ڏسي اسان کي سنڌ جي اُنهن هُنرمَند پورهيتن کي نِمي سلام ڪرڻ گهرجي جن اهي محنت ۽ وڏي جَفا ڪشي سان ٺاهيون هونديون!.
هي ماڳُ ميمڻ ڳوٺ کان اُترئين پاسي ، ٿڌي نئين جي ڪناري تي هڪ مٿانهين پوٺي تي ٺهيل آهي، هتان جي مقامي ماڻهن موجب ؛ ”هي قبرستان چوئيتاليهن ايڪڙن تي مشتمل آهي ۽ هن ۾ تقريبن 400 کن اُڪر واريون قبرون ٺهيل آهن جيڪي جوکين ، بُرفتن ۽ ڪلمتين جون آهن ، ۽ اِهي قبرون سَترهين ۽ ارڙهين عيسوي صديءَ جو شاهڪار فن تعمير آهن.”
پنهنجي تحقيقي ياترا دوران جڏهن مون انهن چوڪنڊي قبرن تي ڪجهه غور ڪيو ته اُتي ڪيترين ئي قبرن تي نالا اُڪريل نظر آيا ، جيڪي برساتن ، کاڌِ ۽ مَقامي ماڻهن پاران سار سنڀال نه لهڻ جي ڪري هاڻي پڙهڻ جوڳا نه رهيا آهن. پر تنهن هوندي به اڃا ڪُجهه چوڪنڊين تي نالا پڙهي سگهجن ٿا.
هتي ٻه عدد رائنڪون ، هڪ مسجد ۽ هڪ ڊٺل چوڪنڊي چَبوترو ڏسڻ وٽان آهن. سنڌ جي جاکوڙي مُحقق سائين گل حسن ڪلمتيءَ مطابق؛ ” اهو چَبوترو ڪلمتين جي راڌا ملڪن جي چَڱي مُڙس ملڪ تُوتا خان جو آهي. ڪراچيءَ ۾ هِي اُڪريل قبرن وارو ٻيو نمبر وڏي ۾ وڏو گهاڙي قبرن وارو مُقام آهي جيڪو’بلوچ ٽومبس‘ جي نالي سان مشهور آهي.“
هن چوڪنڊي واري اُڪَرَ ٿيل خوبصورت قبرن جي هاڻوڪي صورحال انتهائي زَبون ٿي چُڪي آهي ۽ قبرن تي لکيل فارسي لِپي ( رسم الخط ) ۾ لکيل نالا پڻ گهڻا تڻا ميسارجي چُڪا آهن ، هاڻي جيڪڏهن منهنجي هيٺ ڏنل هنن اهم صَلاحن تي تي تُرت عمل ڪيو وڃي ته هي سائيٽ ، اُڪرَ ٿيل چِٽسالي ۽ نالا محفوظ ٿي سگهن ٿا.
- سڀ کان پهريان ته هن قديم تاريخي قبرستان وچان نڪرندڙ رستو ، تُرت بند ڪيو وڃي ، ڇو ته ان رستي جي ڪري اتان ايندڙ ويندڙ گاڏين جي دونهين جي ڪري ۽ اٿندڙ ڌوڙ جي ڪري ڪافي چوڪنڊي قبرون ڪاراٽجي چُڪيون آهن ۽ انهن تي ٿيل خوبصورت اُڪَرَ پڻ نظر نه ٿي اچي.
- هن قديم تاريخي قبرستان کي چوديواري ڏياري وڃي ، ڇو ته هن کي ڏنل لوهي تار جتان ڪٿان ٽٽي چُڪي آهي ۽ اندر جانور گهمندي نظر ايندا آهن.
- هن انتهائي اهم ۽ تاريخي چوڪنڊي قبرستان ۾ اندر ٻار ڪرڪيٽ راند کيڏي رهيا هُئا ، جنهن سان آثارن جي ڪافي لتاڙ ۽ قبرن جي بي حُرمتي ٿي رهي آهي. ڳوٺ جي ساڃاهه وندن کي گهرجي ته ٻارن کي اتي راند کيڏڻ کان منع ڪن ۽ کين ڳوٺ ۾ ڪنهن ٻئي پاسي گرائونڊ ٺاهي ڏين.
- سنڌ حڪومت جي قديم آثارن واري کاتي کي گهرجي ته ؛ اتي هڪ سيمينار منعقد ڪرائي ، ان کان سواءِ اتي معلوماتي بورڊ لڳرائي ، ان ماڳ جو بُروشر ڇپرائي ملير جي عوامي جڳهن ۽ ڪراچي ايئرپورٽ تي رکرايا وڃن ته جيئن هن ماڳ جي اهميت اجاڳر ٿئي ۽ سنڌ جي وڌ کان وڌ ماڻهن تائين ڄاڻ پهچي.