ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: اويس حيدر شورو) ٽنڊو محمد خان ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي وڪيلن، سول سوسائٽي، سياسي ۽ قومپرست تنظيمن پاران سنڌو تي نوان ڪئنال ٺاهڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. مظاهرين ڪورٽ کان پيادل مارچ ڪندي ڦليلي روڊ تي ڌرڻو هنيو، جتي "ڪئنال نامنظور” ۽ "سنڌو تي پاڻي جو ڌاڙو نامنظور” جا نعرا هنيا ويا. احتجاجي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته نون ڪئنالن سان سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمين بنجر بڻجي ويندي، جڏهن ته چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ کي پيئڻ جي پاڻي کان محروم ڪرڻ جي سازش ڪنهن به صورت قبول نه ڪئي ويندي. وڪيل اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت پنهنجو فيصلو واپس نه ورتو ته سنڌ جا وڪيل اسلام آباد ڏانهن پيادل مارچ ڪندا. احتجاج ۾ عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، ايس ٽي پي، پي ٽي آءِ، جسقم ۽ ٻين سياسي پارٽين سميت عورت وڪيلن به شرڪت ڪئي.