اسلام آباد(عمران شفقت) ڪوئٽه ۾ محسن نقوي جي غير موجودگي ڳجهارت آهي ته ٻئي پاسي پيڪا ايڪٽ تحت انهن سوشل ميڊيا ولاگرز خلاف ڪيس ٺهڻ شروع ٿي ويا آهن جن جعفر ايڪسپريس واقعي ملڪي ادارن خلاف پروپيگنڊا ڪئي. هڪ صحافي ۽ ٻن سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن،. هن انڊيا جي پروپيگنڊا واري لائين ورتي. انهن ۾ احمد نوراني به شامل آهي ٻئي پاسي 9 مئي جي سڀني واقعن جي جي آئي ٽي جي سربراهه عمران ڪشور استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. هن احتجاج طور تي استعيفيٰ ڏني آهي. ان جي پروموشن نه ٿي سگهي واچ لسٽ تي رکڻ جي ڪري هن استعيفيٰ ڏني. سندس موقف هيو ته 9 مئي جهڙي مسئلي تي وڏا وڏا آفيسر تيار نه هئا اها ذميواري مون کنئي. جڏهن ته محسن نقوي شايد استعفيٰ ڏيندو جو ن ليگ پهرين ڏينهن کان ان جي خلاف رهي آهي.
-
حيدرآباد ۾ تيز رفتار ڊمپر موٽرسائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو، هڪ فوت
حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي حسين آباد ٿاڻي جي حد آٽو ڀان روڊ تي تيز رفتار ۾ ايندڙ ڊمپر موٽرسائيڪل سوارن مٿان چڙھي ويو جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ نوجوان جئي ڪمار ٿڏي تي فوت ٿي ويو. جڏھن ته 2ڄڻا راول ڪمار ۽ چندر ڪمار مرڻينگ ٿي پيا. واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس پھچي وئي. جنھن لاش ۽ زخمين کي کڻائي سول اسپتال حيدرآباد ۾ پھچايو، جتي فوتي نوجوان جئي ڪمار جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏھن ته زخمين کي طبي امداد ڏئي علاج لاءِ داخل ڪيو ويو. پوليس موجب حادثي جو شڪار نوجوان ٽنڊو محمد خان جا رھواسي آھن، ڊمپر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي.