ڪراچي(پ ر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان، سنڌ جي سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال، مرڪزي ڪميٽي جي ميمبر ڪامريڊ ڪلثوم جمال ۽ڪراچي ضلعي ڪميٽي جي ميمبر حسين فاطمي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته بحريا ٽائون ڪراچي جي مالڪ ملڪ رياض کان وصول ٿيل 190ملين پائونڊ جي رقم ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت 460ارب رپين جي رقم بحريا ٽائون ڪراچي جي پلاٽ خريد ڪندڙ شهرين کي واپس ڏني وڃي، جن کان قيمت وصول ڪرڻ جي باوجود انهن کي پلاٽ نه ڏنا ويا آهن ۽ انهن مقامي بي زمين ڳوٺاڻن ۾ ورهائي وڃي جن کي ڳوٺن مان بيدخل ، بي گهر ۽ بي روزگار ڪيو ويو آهي. هنن اڳواڻن وزيراعظم شهباز شريف جي طرفان ملڪ رياض کان وصول ڪيل 190 ملين پائونڊ جي رقم سان لاهور ۾ دانش يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي اعلان تي حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته ان رقم جو ڪنهن به طرح وفاقي حڪومت سان ڪو واسطو نه آهي، ان رقم جو سنئون سڌو تعلق سنڌ صوبي جي ڪراچي ڊويزن جي ملير ضلعي، گڏاپ ٽائون جي زمين سان آهي. هنن اڳواڻن ان سلسلي ۾ سنڌ سرڪار جي مجرماڻي خاموشي تي پڻ تعجب جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته اها رقم صرف ۽ صرف بحریہ ٽائون منصوبي جي متاثر ڳوٺاڻن ۽ انهن پلاٽ خريدارن کي واپس ڏيڻ تي خرچ ڪئي وڃي، جن کان رقم وصول ڪرڻ جي باوجود کين پلاٽن کان محروم رکيو ويو.
-
وزيراعظم 190 ملين پائونڊ سان ٺهندڙ يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو
اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف دانش يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، اها يونيورسٽي 190 ملين پائونڊ يعنيٰ 60 ارب رپين جي لاڳت سان ٺاهي ويندي. تقريب اسلام آباد ۾ ٿي جتي ڳالهائيندي هن اها رقم قومي خزاني ۾ منتقل ڪرڻ تي چيف جسٽس يحييٰ آفريدي ۽ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته چئني صوبن جا ٻار هتي تعليم پرائي سگهندا، 14 آگسٽ 2026 تي يونيورسٽي جو پهريون سيشن فعال ٿي ويندو. ان موقعي تي احسن اقبال چيو ته 190 ملين پائونڊ رقم پاڪستاني عوام جي ملڪيت هئي، ان رقم مان هي منصوبو ٺاهيو پيو وڃي، گذريل حڪومت اها رقم عوام کان ڦري هئي.