اعتماد ۾وٺڻ کان سواءِ ڪئنال ڪڍڻ وفاق کي ڪمرزو ڪرڻ برابر آهي:تيمور ٽالپر

ڪراچي (رپورٽر)پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر نواب تيمور ٽالپر پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ صدر پاڪستان  آصف علي زرداري پارانا اسيمبلي جي گڏيل اجلاس کي ڪيل خطاب کي ساراهيندي چيو آهي ته صدر آصف زرداري جمھوريت جي مضبوطي ۽ ادارن جي بالادستي لاءِ حڪومت کي گائيڊ لائين ڏني آهي، هن چيو ته صدر پنھنجي تقرير ۾ واضع ڪيو ته ننڍن صوبن خاص ڪري سنڌ کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ سنڌو درياھه تي 6 ڪينال ڪڍڻ وارو عمل اصل ۾ وفاق کي ڪمزور ڪرڻ برابر آهي، هن چيو ته ماضي ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ جي عوام سخت مزاحمت ڪندي بي مثال قربانيون ڏيندي ڪالاباغ ڊيم جھڙي سنڌ دشمن منصوبي کي روڪرائي ڇڏيو ۽ ھاڻي 6 ڪينال ڪڍڻ واري سنڌ دشمن منصوبي کي سنڌ جو عوام پنهنجي گڏيل جدوجهد وسيلي روڪيندو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.