واشنگٽن (م ڊ) ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي. آمريڪي اخبار جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته اورنج لسٽ ۾ 10 ملڪ هوندا. لسٽ ۾ پاڪستان، بيلاروس، هيٽي، ميانمار، روس ۽ ترڪمانستان شامل آهن. انهن ملڪن جي شهرين لاءِ اميگرنٽ ۽ سياحتي ويزا محدود ڪئي ويندي، ڪاروباري مسافرن کي ڪجهه شرطن سان آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏئي سگهبي. 11 ملڪن جي شهرين تي مڪمل پابندي لڳائي ويندي. جن کي ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪيو ويندو. انهن ۾ افغانستان، ڀوٽان، ڪيوبا، ايران، لبيا، اتر ڪوريا، شام، سوڊان، صوماليا، وينزويلا ۽ يمن شامل آهن. ٽرمپ انتظاميا چاڊ، ڊومينيڪا ۽ لائبيريا سميت 22 ملڪن کي يلو لسٽ ۾ شامل ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي، جنهن جو مطلب آهي ته انهن ملڪن جي شهرين کي پنهنجي ويزا درخواستن بابت ڪنهن به خدشي کي حل ڪرڻ لاءِ 60 ڏينهن هوندا.