ڄامشوري ۾ ڪئنالن خلاف لمس جي شاگردن جو مارچ،ڌرڻو

ڄامشورو( رپورٽ: صدر الدين جوڻيجو ) ڄامشوري ۾ سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال اڏڻ خلاف لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جا شاگرد هڪ ڀيرو ٻيهر رستن تي نڪري آيا ، سوين شاگردن ڊاڪٽر نياز مزاري، ڊاڪٽر  ھارون  پنھور، ڊاڪٽر  حسين کوسو، ڊاڪٽر جي ايم چانڊيو، ڊاڪٽر فيصل جروار، ڊاڪٽر  ياسر نوتڪاڻي، ڊاڪٽر  آفتاب چانڊيو، ڊاڪٽر ياسر ڏيٿو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي نمرا چوڪ کان 2 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، ڌرڻي دوران سوين شاگردن ڪئنالن خلاف سخت نعريبازي ڪندي تڪراري منصوبي کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه سنڌي قوم جو جياپو آهي، ان کي سڪائڻ نه ڏينداسين، سنڌ ۾ هينئر کان ئي پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي، ڪئنال ٺهيا ته سنڌ تباهه ٿي ويندي، سنڌ جي هر شهر مان پاڻي کوٽ جون دانهون اچي رهيون آهن پر اقتدار ڌڻي ڪئنال ٺاهڻ ۾ مصروف آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.