منگلا ڊيم ۾ پاڻي سطح تري ۾ پهچي وئي، وهڪرو بند

لاهور (م ڊ) منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح تري ۾ اچي وئي. واپڊا موجب منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1050 فٽ تي اچي وئي آهي  جنهن کانپوءِ پاڻي وهڪرو بند ڪيو ويو. تربيلا ڊيم تري کان رڳو 3 فٽ مٿي آهي جيڪو 36 ڪلاڪن ۾ تري تائين پهچڻ جو امڪان آهي. تربيلا، منگلا ۽ چشما ۾ پاڻي جو مجموعي ذخيرو هڪ لک 2 هزار ايڪڙ فٽ آهي. تربيلا وٽ سنڌو درياهه مان پاڻي 22 هزار 200 ڪيوسڪ اچي ٿو ۽ 20 هزار ڪيوسڪ وهي ٿو، منگلا تي جهلم درياهه مان پاڻي 19 هزار 900 ڪيوسڪ اچي ۽ 28 هزار ڪيوسڪ وهي ٿو، چشما بيراج ۾ پاڻي 38 هزار 400 ڪيوسڪ اچي ۽ 27 هزار ڪيوسڪ وهي ٿو. هيڊ مرالا چناب درياهه ۾ پاڻي 10 هزار 800 ڪيوسڪ اچي ٿو ۽ 6 هزار 100 ڪيوسڪ وهي ٿو، نوشهرا ۾ ڪابل درياهه ۾ پاڻي جي آمد 14 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ وهڪرو 14 هزار 300 ڪيوسڪ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.