اسلام آباد (بيورو+م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم شين جون قيمتون موجوده سطح تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي ڪري عوام لاءِ وڏو رليف تيار ڪيو ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن کي موجوده سطح تي برقرار رکندي بجلي جي اگهن ۾ سمورو مالي فائدو عوام کي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن کي موجوده سطح تي برقرار رکندي بجلي جي اگهن ۾ سمورو مالي فائدو عوام کي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم چيو ته هي قدم انهن قدمن مان هڪ آهي جنهن سان بجلي جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ٿيندي، هن اهو به چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ جامع ۽ موثر حڪمت عملي تحت پيڪيج تيار ڪيو پيو وڃي، پيڪيج جي تفصيلن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي،ٻئي پاسي پيٽرول تي ليوي ۾ 10 رپين جي واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي،جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم ليوي 60 رپين مان وڌائي 70 رپيا ليٽر ڪئي وئي آهي