سنڌ ھميشه اھڙا سپوت پٽ پيدا ڪندي رھي آھي ، جيڪي علم ، ادب ، سياست جي ميدان ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري ڌرتيء سان نينھن نڀائيندا رھيا آھن ، اھي ئي سنڌ جا حلالي فرزند سڏبا آھن ، جيڪي جتي ۽ جنھن به شعبي سان واڳيل ھجن ، اتي پنھنجي قوم ۽ ڌرتي جي ڀلي لاءِ جاکوڙين ۽ نئين نسل کي ڪي خوبصورت گس ڏئي سوجھرا پيدا ڪري وڃن ، سنڌ جي اھڙن ئي حلالي فرزندن مان تاريخ جي شعبي ۾ شاندار ڪم سرانجام ڏيندڙ سنڌ جو وڏو تاريخدان ، محقق ۽ ليکڪ ڊاڪٽر غلام محمد لاکو به ھڪ ھئو ، جيڪو 3 مارچ 2025 تي 70 سالن جي ڄمار ماڻي اسانکان ھميشه موڪلائي وڃي ابدي آرامي ٿيو.
پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکو سال 1954ع ۾ ضلعي نوابشاھ جي شھر دولتپورصفن ويجھو ڳوٺ مٺا خان جوکيو ۾ پورھيت پيءَ محمد ابراھيم لاکو جي گھر ۾ جنم ورتو ، پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکو پنھنجي ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ دولتپور ھاءِ اسڪول مان پاس ڪرڻ کان پوءِ ايم اي جنرل ھسٽري جي ڊگري حاصل ڪري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مورو ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ، جتان پوءِ پاڻ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ جنرل ھسٽري شعبي ۾ ليڪچرار ٿيو ، جتي پاڻ شعبي جو چيئرمين پڻ رھيو ، ۽ پنھنجي پوري سروس سنڌ يونيورسٽي جي جنرل ھسٽري ڊپارٽمينٽ ۾ مڪمل ڪري سال 2014 ۾ رٽائر ٿيو ، ان کان اڳ پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکو سنڌ يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري وٺي علم جي ڊاڪٽر جو اعزاز ماڻيو ، جنھن سان پاڻ دولتپورصفن جي علائقي ۾ پھريون پي ايڇ ڊي ھولڊر بڻجي ويو ،
پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکو سنڌ جي تاريخ جو ڄاڻو ، ڪتابن جو ليکڪ ۽ استاد رھيو ، جيتوڻيڪ سندس لکڻ ۽ پڙھڻ جو لاڙو تاريخ ، تھذيب، آثار قديمه بابت رھيو جنھن ته ھن تاريخ جي موضوع تي پنھنجي حياتي ۾ ڪيترائي مضمون ، مقالا ۽ ڪتاب لکيا ، پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي شايع ٿيل ڪتابن "سمن جي سلطنت” ، "ڪلھوڙا دور حڪومت” کي وڏي اھميت حاصل رھي ، پاڻ تاريخ جي حوالي سان سيد حسام الدين راشدي سان وڏي عقيدت ۽ محبت رکندڙ ھئو ، جنھن تحت ھن حسام الدين راشدي جي اھم ۽ تاريخي لکڻين کي گڏ ڪري شايع ڪرايو ،پاڻ سنڌي ادبي بورڊ سميت مختلف علمي اشاعتي ادارن ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون ، سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ” سنڌ صدين کان ” ، پير حسام الدين راشدي جي اردو ڪتابن جو ترجمو ، ” تاريخ جو سبق ” ، ميان نور محمد ڪلهوڙو (انگريزي ) ، دولهه درياخان ( سوانح ) ، ” مطالعو سنڌ جو ” ، ” ڳالھيون منھنجي سنڌ جون ” (پير حسام الدين راشدي جي مقالن جو مجموعو ) ، ” سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو ” ( مقالات راشدي _ اردو) ، ” درد منديءَ جو ديس ” ، ” مشھور سنڌي ماڻھو ” ، ” سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا ( ترجمو ) ۽ ٻاراڻي ادب سميت مختلف سنڌي انگريزي ڪتاب شامل آھن.
اھڙي طرح سائين غلام محمد لاکو زندگي جي آخري دم تائين ڌرتي سان نڀائيندي سنڌ جي تاريخ کي سھيڙيندو رھيو ۽ قلمي پورھئي سان ڳنڍيل رھيو ، افسوس ته سندس حياتي کٽي پئي ، نه ته سندس وٽان اسانکي اڃا وڌيڪ تاريخ جا ڪتاب ميسر ٿين ھان ، پر توڙي جو سائين غلام محمد لاکو اڄ اسان وٽ جسماني طور موجود ناھي رھيو پر سنڌ جي تاريخ ۽ تھذيب کي محفوظ ڪرڻ وارو سندس ڪم ۽ ڪردار کيس ھميشه زنده ۽ سرخرو رکندو .
Prev Post
You might also like