حيدرآباد ڇا پر سڄي سنڌ توڙي ملڪ جي سياستدانن ۽ سماجي شخصيتن ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندڙ ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جيڪي پنهنجي سڄي حياتي خلق خدا جي خدمت ۾ گذاري انساني احساس، اخلاقيات ۽ مذهبي رواداري جو خاص مثال بڻيل رهندا آهن. اهڙا ماڻهو وقت جي ڪيترن وهڪرن ۽ لاهن چاڙهن باوجود پنهنجي ماڻهن جي دلين ۾ هميشه رهندا آهن ۽ سندس حياتي جا شاندار گذاريل ڏهاڙا هميشه ٻين لاءِ اتساهه جو سبب بڻيل رهندا آهن. حيدرآباد جو سياسي ۽ سماجي شخصيت حاجي شهاب الدين منشي به اهڙن ماڻهن مان هڪ هو، جنهن هميشه پنهنجي زندگي سياسي ميدان ۾ عام رواجي سياستدانن کان هٽي ڪري عوام جي حقيقي خدمت ڪئي. هن هڙان ۽ وڙان ڏکائيل انسانن جي مدد ڪري انسانيت جو ڳاٽ اونچو ڪيو، اهو ئي ڪارڻ آهي ته اڄ سندس وفات کي 5 سال گذري ويا آهن، ان جي باوجود کيس سياسي حلقن توڙي عام غريب بي پهچ ماڻهن جي دلين ۾ اهميت حاصل آهي.
شهاب الدين منشي جو جنم 1950 ۾ محمد اسماعيل منشي جي گهر حيدرآباد ۾ٿيو، هن پنهنجي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي ۽ سچل سرمست ڪاليج ۾ شاگرد يونين جو صدر چونڊيو، ايل ايل بي پاس ڪرڻ کان پوءِ سنڌ لا ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران شاگردن جي حقن ۽ شاگرد جي بنيادي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪنوينر چونڊيو ويو، جڏهن ته شاگردن سان هر ڏکئي گهڙي ۾ گڏ بيهي هڪ آواز ٿي عوام جا مسئلا حل ڪرايا، شهاب الدين منشي جيڪو5 سال اڳ اسان کان وڇڙي ويو آهي، حيدرآباد جي منشي خاندان جون سياسي، سماجي، ادبي ۽ صحافتي خدمتون ڪنهن کان ڳجهيون نه آهن، هي خاندان فقير منش آهي، شهاب الدين منشي مشهور سياسي ۽ سماجي شخصيت جو مالڪ هو، سندس پڙ ڏاڏو خان بهادر نجم الدين منشي آزادي واري تحريڪ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
شهاب الدين منشي جو ڳاڻيٽو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو جي ويجهن ساٿين ۾ ٿئي ٿو، پاڻ هميشه ملڪ ۾ جمهوريت جي بقا لاءِ جدوجهد ڪري گذاري، شهاب الدين منشي، ڀُٽي جي دور ۾ جڏهن شملا اشو هلي رهيو هو، ان دوران ذوالفقار علي ڀٽي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن سان مشورا شروع ڪيا، جنهن ۾مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن يونين جي صدرن جي وفد کي سرڪٽ هائوس ڪراچي تي گهرايو، ان وفد جي اڳواڻي شهاب الدين منشي ڪئي. جنهن دوران هن ڀٽي صاحب کي چيو ته ڀارت پاڙيسيري ملڪ آهي، ان سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. ان موقعي تي هن جيڪي دليل ڏنا ڀُٽي صاحب ان مان متاثر ٿيو، ان کان پوءِ جڏهن به ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي گهر واري بيگم نصرت ڀٽو سان گڏ حيدرآباد ۾ ايندو هو ته شهاب الدين سان ملاقات ضرور ڪندو هئو. شهاب الدين پ پ جو نظرياتي ڪارڪن رهيو، جنهن پنهنجي زندگي ۾ سياسي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتو، ايم آرڊي دور ۾ تحريڪ شروع ٿي ته هن ڀرپور حصو ورتو، هن سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ ۽ ون يونٽ خلاف ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
شهاب الدين منشي هر دل عزيز شخصيت جو مالڪ هو، هر وقت مهمان نواز ۽ هر ڪنهن کي محبت ڏيندڙن مان هڪ هو. جنهن پنهنجن وڏن جي نقش قدم تي هلي انهن روايتن کي برقرار رکيو. شهاب الدين منشي جون ملڪ جي وڏن اهم شخصيتن سان ملاقاتون پڻ رهيو، ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، جي ايم سيد، ملڪ جي اڳوڻي وزير اعظم عمران خان، مخدوم شاهه محمود قريشي، مولانا شاهه احمد نوراني، رسول بخش پليجو، عبدالواحد آريسر، ملڪ جو اڳواڻو صدر ممنون حسين، سيد قائم علي شاهه، بشير خان قريشي، ڊاڪٽر قادرمگسي، اياز لطيف پليجو، اڳوڻو رٽائرڊ جسٽس راڻا ڀڳوان داس، چوڌري افتخار احمد، سيد ديدار حسين شاهه ۽ ٻيا شامل آهن.جڏهن ته منشي هائوس حيدرآباد تي ڪيتريون ئي اهم شخصيتون اينديون رهيو آهن. مرحوم شهاب الدين منشي ڪيترن ئي ماڻهن خاص طور تي غريب شاگردن جي مدد ڪندو هو، هن جي هر وقت سماجي توڙي خير ۽ خيراتي وارو ڪم هلندڙ هو، حيدرآباد ۽ ان جي ڀر پاسي وارن علائقن ۾ ايڌي جهڙو ڪردار رکندو هو، هو هڪ سچو ۽ کرو صاف دل جو انسان هو، هن جي هميشه شفقت واري سوچ هئي. هو اڪثر وقتن ۾سٺي ڪچهري ڪندو هو، صحافتي ڪم ڪرڻ دوران مختلف رايا ۽ صلاح مشورا ڏيڻ سان گڏ پنهنجي اولاد جيان سمجهندو هو. منشي خاندان پاران قائد اعظم محمد علي جناح جي چوڻ تي آزادي جي تحريڪ کي زور وٺرائڻ لاءِ حصو وٺڻ سان گڏ حيدرآباد مان هڪ اخبار هلال پاڪستان اخبار منشي عبدالشڪور شايع ڪئي، آزادي جي تحريڪ ۾جڏهن ريشمي رومال واري تحريڪ شروع ٿي ته موجوده منشي هائوس حيدرآباد کي ڳجهو هيڊ ڪوارٽر بنايو ويو، منشي عبدالشڪور حيدرآباد جو مشهور شخصيت حاجي امين الدين منشي جو فرزند هو، جيڪو حيدرآباد جو چونڊيل ميئر رهيو، منشي عبدالشڪور هلال پاڪستان جو مالڪ هئڻ سان گڏ حيدرآباد جو مشهور قانوندان به هو. مرحوم شهاب الدين منشي جيڪو پاڻ هڪ سٺي لکيل، پڙهيل، ادبي ۽ سياسي خاندان سان تعلق رکڻ ڪري سندس اولاد عبدالوهاب منشي، سلمان منشي، نعمان منشي به پنهنجي والدين جي روايتن کي برقرار رکي اهائي سوچ رکن ٿا، جيڪي سندن والدين رکندا هئا.اڄ شهاب الدين منشي کي اسان کان وڇڙئي 5 سال ٿيا آهن، پاڻ 30 اپريل 2020 ، رمضان شريف جي بابرڪت مهيني جي 6 روزي تي اسان کان وڇڙي ويو، پر ان جي باوجود هو اسان کان وچڙيو ضرور آهي، پر اسان کان وسريو نه آهي.
ان جو پيدا ٿيل خال ته نه ڀرجي سگهيو آهي، پر سندس وڏي فرزند فقيري طبيت جي مالڪ عبدالوهاب منشي پنهنجي والد جي ڏسل راهه تي اڳتي هلي پاڻ مڃرايو آهي، جيئن مرحوم شهاب الدين منشي سياسي، سماجي توڙي برداري ۾ اٿڻ ويهڻ سان گڏ غريب ماڻهن سان ميل ملاقات جو سلسلو جاري رکيو آهي، اهڙي طرح عبدالوهاب منشي به پنهنجو مٽ پاڻ آهي، جنهن ۾ سلمان منشي، توڙي نعمان منشي به پنهنجي والد جي پيروڪار تي هلي رهيا آهن. اڄ مرحوم شهاب الدين منشي جي ورسي جي موقعي تي سندس خاندان ۽ پوئنيرن پاران قرآن خواني ڪرڻ سان گڏ خير خيرات ڪرڻ لاءِ تقريب منعقد ڪئي آهي، جنهن ۾ خاص طور تي غريبن جي سار سنڀال لهڻ واري سندن والد جي روايت کي برقرار رکندا.