ٽرمپ جو فون ته نه  آيو، پر…

تحرير: انصار عباسي

انتظار تھ آمريڪي صدر ٽرمپ جي فون جو هو،تھ ڪنھن بھ وقت  ھوءَ پاڪستان کي حڪم ڏيندو تھ عمران خان کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ ان  تي تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين کي جيل مان آزاد ڪيو ويندو. پر فون  بدران، آمريڪي صدر پاڪستان جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ان شڪرئي جو تعلق اصل ۾ پاڪستاني فوج سان آھي. جنهن جي ڪاررواين جي ڪري ٽرمپ آمريڪا جي ٻيو ڀيرو صدر چونڊجڻ کان پوءِ ڪانگريس ۾ پنهنجي پهرين خطاب ۾ پاڪستان جي واکاڻ  ڪئي.

ٽرمپ، جيڪو ھن وقت  تائين دنيا ۾ هر ڪنهن کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، ان طرفان پاڪستان جو شڪريو ادا ڪرڻ ھڪ وڏي خبر  آھي. ان خبر سان يقينن  پاڪستان تحريڪ جي انهن ماڻهن کي مايوسي ٿي ھوندي.جيڪي ٽرمپ مان ڪنھن حڪم يا ڌمڪي جي اميد ڪري ويٺا ھئا.ھو تھ اھو سوچي رھيا ھئا تھ ٽرمپ اوول آفيس ۾داخل ٿيندي ئي پھريون فون عمران خان لاءِ پاڪستان کي ڪندو.

جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ جي ماڻھن جي اميد گهٽجي وئي ھئي.ان ھوندي ڪجھ حلقن جو خيال ھو تھ ٽرمپ پنهنجي "دوست” عمران خان لاءِ ڪجهه نھ ڪجھ ضرور ڪندو. ٽرمپ انتظاميا وٽ، عمران خان جي جيل مان تڪڙي آزادي لاءِ جيتوڻيڪ پاڪستان تحريڪ انصاف  جا آمريڪا ۾ حامي،  وڏي ڪوشش تھ ڪري رهيا آھن، پر ڪنهن کي اھا  اميد نه هئي ته ٽرمپ ڪانگريس ۾ پنهنجي پهرين خطاب دوران پاڪستان جي واکاڻ  ڪندو.

صدر ٽرمپ پنهنجي پھرين تقرير ۾ چيو ته ساڍا ٽي سال اڳ، داعش افغانستان ۾ 13 آمريڪين کي قتل ڪيو هو. هن چيو ته کيس اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته افغانستان ۾ دهشتگردي جو وڏو ذميوار پڪڙيو ويو آهي ۽ جنھن کي ھن وقت آمريڪا آندو پيو وڃي ( جيڪو پھچي بھ ويو ۽ کيس عدالت ۾ پڻ پيش ڪيو ويو) جتي کيس قانون کي منهن ڏيڻو پوندو. ٽرمپ چيو ته ان جي گرفتاري تي پاڪستان جو خاص شڪريو ادا ڪريان ٿو. وزيراعظم شهباز شريف دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي ڪردار کي تسليم ڪرڻ تي ٽرمپ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان پنھنجو اهم ڪردار ادا ڪندو رهندو.

سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪستان آمريڪي انٽيليجنس جي اطلاع تي پاڪ افغان سرحدي علائقي مان هڪ افغان شهري ۽ داعش جي سينئر ڪمانڊر کي گرفتار ڪيو هو. ٽرمپ افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسي دوران ڪابل ايئرپورٽ تي حملي کي آمريڪي تاريخ جو سڀ کان شرمناڪ لمحو قرار ڏنو. بين الاقوامي سياست ۾ ڪيترن ئي تجزيه نگارن ۽ ماهرن جو خيال هو ته پاڪستان هاڻي آمريڪا لاءِ ڪا بھ  اهميت نٿو رکي ۽ تعلق جو جواز وڃائي چڪو آھي. پر هن گرفتاري نه رڳو هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي اهميت کي اجاگر ڪيو، پر ٽرمپ اهو به چيو آهي ته آمريڪا واپسي دوران افغانستان ۾ ڇڏيل اربين ڊالرن جي هٿيارن کي واپس آڻيندو.ان سلسلي ۾ جڏھن بھ ڪا ڳالهه اڳتي وڌندي  ته پاڪستان جي مڪمل حمايت ۽ شموليت کان سواءِ اهڙو ڪو به قدم ممڪن نھ ھوندو. جيستائين پاڪستان تحريڪ انصاف  جي سياست ۽ اميد جو تعلق آهي، تھ جيڪڏهن ٽرمپ انتظاميه اڃا بھ ان بابت ڳاله چوريندي ته پوءِ  اڳ جي ڀيٽ ۾ هن گرفتاري کان پوءِ پاڪستان جي پوزيشن  بهتر ٿي چڪي آهي.

ٽرمپ جو پاڪستان بابت مثبت انداز ۾ ڳالهائڻ، پاڪستان جي مفاد ۾ آھي.جيتري قدر عمران خان ۽ پي ٽي آءِ ،جي ڏکيائين جو تعلق  آھي ان  حوالي سان، خان کي پنهنجي ۽ پنهنجي پارٽي جي سوشل ميڊيا جي  فوج مخالف پاليسي تي سنجيدگي سان غور ڪرڻو پوندو.جيڪڏهن عمران خان منفي سياست جي بدران تعميري ۽ مثبت سياست اختيار ڪري، جنهن ۾ پاڪستان جي مفاد کي اوليت ڏني وڃي ۽ ملڪ جي معيشت ۽ ادارن کي نشانو بڻائڻ جي رجحان کي روڪيو وڃي ته ھن لاءِ  نه رڳو آساني ٿي سگهي ٿي پر اها پاڪستان لاءِ تمام سٺي خبر پڻ هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.