دنيا ۾ جڏهن ۽ جتي بـ ظلم، ڏاڍ ۽ استحصال ٿيو آهي، تڏهن ان استحصال خلاف بغاوتن جنم ورتو آهي. ظلم ۽ استحصال خلاف فردن جو سمنڊ روڊن، رستن تي اچي ويندو آهي، اهي چاهي مرد هجن يا عورتون، انهن پاڻ سان ٿيندڙ سماجي ويساهه گهاتين خلاف آواز اٿاريو آهي. سڀاڻي 8 مارچ تي ملھائجندڙ عورتن جو عالمي ڏينهن به اهڙي ئي جبر خلاف مزدور پورهيت عورتن جي تحريڪ جي مڃتا آھي. ھي تحريڪ 1909ع ۾ شروع ٿي، عورتن جي ان جدوجهد کي 1910ع ۾ جرمن سماجي ڪارڪن ڪلارازٽڪن عالمي سطح تي ملهائڻ جي تجويز ڏني بعد ۾ 1977ع ۾ گڏيل قومن جي اداري, ان کي سرڪاري طور تسليم ڪيو. عورتن جي عالمي ڏينهن جو مقصد عورتن جو معاشي طور مستحڪم ٿيڻ، روزگار جا بهتر موقعا برابري جي بنياد تي ڏيڻ، عورتن جي حقن جي آگاهي ڏيڻ ۽ عورتن تي جسماني توڙي ذهني تشدد جي روڪ ٿام لاءِ قانون جوڙڻ، عورتن جي هراسمنٽ ۽ عورتن سان اڻ برابري واري سلوڪ خلاف آواز اٿارڻ، عورتن جي حقن بابت موثر قانون جوڙڻ وغيره شامل آهن.
ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ هن وقت نه صرف عورتون، ٻار پر مرد به معاشي طور توڙي سماجي طور استحصالي جو شڪار هجڻ سان گڏو گڏ حراسمنٽ ۽ تشدد جو شڪار پڻ آهن، پر گهڻي ڀاڱي سنڌ ۾ عورت وڌيڪ ڀوڳي ٿي، گهريلو تشدد، سماجي اڻبرابري، معاشي طور ڪمزور ھجڻ ان جو بنيادي سبب چئي سگھجي ٿو. هنر مند عورت، مزدوري ڪندڙ، ٻنين ۾ ھارپو ڪندڙ توڙي بٺن تي ڪم ڪندڙ عورتن کي سندن پورهئي جو اجورو تمام گهٽ ڏنو وڃي ٿو. سڄي ڏينهن جي محنت کانپوءِ به بدحال زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، خاص ڪري ٻهراڙي جي عورتن وٽ روزگار جا موقعا نه هجڻ جي برابر آهن، ٻهراڙي جي هر عورت کي رلي سبڻ، ڀرت ڀرڻ، سلائي ڪرڻ ايندي آهي، پر مارڪيٽ ۾ ان پورهئي جي رسائي ڪرڻ انهن لاءِ ناممڪن آهي، ان ڪري هنرمند هوندي به اهي بي روزگار آهن، هاڻي ته ڪافي ڳوٺن ۾ شهر جا وپاري ايندا آهن جيڪي سستي ناڻي ۾ ڳوٺاڻي عورتن کان ڪم ڪرائي پاڻ وڏن شهرن جي مارڪيٽ ۾ تمام مهانگو وڪڻندا آهن جنهن جو فائدو ٻهراڙي جي عورت کي نٿو پهچي، هن جا حالات ساڳي بدتر رهن ٿا، اهڙي طرح بٺن تي ڪم ڪندڙ عورتن کي به سندن ڪم جو الڳ سان معاوضو نٿو ڏنو وڃي، ٻهراڙي جي عورت معاشي طور ته ڪمزور آهي پر تعليم جي حوالي سان به پٺتي پيل آهي، گهڻو ڪري ڳوٺن ۾ نالي ماتر صرف پرائمري اسڪول هجن ٿا، وڌيڪ پڙهائي ڪرڻ لاءِ يا ته شهر وڃڻو ٿو پوي يا ته ڀر پاسي ۾ ڳوٺ کان پري اسڪول ۾ وڃڻو ٿو پوي، جنهن جي ڪري مائٽ پٽ کي ته تعليم ڏيارين ٿا پر نياڻين کي پرائمري تعليم کان پوءِ گهر ويهاريو ڇڏين، ان ڪري ٻهراڙي جون هزارين نياڻيون تعليم کان محروم آهن، تعليم مرد هجي يا عورت ان جو بنيادي حق آهي پر تعليم ۾ سرفهرست اڻبرابري اڃان تائين موجود آهي.
گهريلو تشدد جا ته سال ۾ اڻ کٽ واقعا پيش اچن ٿا، جن کي ڪا به اهميت نه ڏني ويندي آهي، اسان جي سماج ۾ پاڙي وارا توڙي ان عورت جا گهر ڀاتي به اهو چئي پاند آجا ڪندا آهن ته گهر جو معاملو آهي، اهڙي سماجي بيحسيءَ جي ڪري اڳيان هلي اهو تشدد قتل جي صورت اختيار ڪندو آهي، جنهن قتل کي اڪثر ڪري خودڪشي جي چادر اوڍائي معاملو رفع دفع ڪيو ويندو آهي، سنڌ ۾ اڄ به عورت وکر جيان وڪامي وڃي ٿي، سنڌ جي مختلف علائقن ۾ عورت جي جانور وانگر خريد فروخت ڪئي وڃي ٿي، وڪڻڻ وارن کي صرف پئسي سان مطلب هوندو آهي، اڳتي خريد ڪرڻ وارو ان کي اسي سال جي پوڙهي سان پرڻائي ڇڏي يا ذاتي برادري جهيڙن ۾ مخالف ڌر جي ماڻهو سان ڪاري قرار ڏئي ماري ڇڏي وس وارو آهي، اتر سنڌ ۾ صرف اتان جون مقامي عورتون ڪاريون ڪري قتل ناھن ڪيون وينديون پر سنڌ جي مختلف علائقن مان خريد ڪيل عورتون به ماريون وينديون آهن، ملڪ ۾ عورتن جي حقن جا قانوني دستاويز ته موجود آهن، پر انهن تي خاطر خواهه عمل نه ٿيڻ جي ڪري آئي ڏينهن عورتن جو قتل روز جو معمول بڻيل آهن، نئين سال جي شروعات ئي عورت جي بنا سسي جي ڌڙ ملڻ سان ٿي جنهن جو اڃا تائين ڪو وارث ظاهر نه ٿيو آهي. جيڪڏهن سنڌ جي شهري عورت کي ڏٺو وڃي ته اها هراسمنٽ جي وڌيڪ شڪار ملندي رستن تي، آفيسن ۾، ڪاليجن کان يونيورسٽي تائين پڙهيل لکيل عورت به ان جبر کان آجي نه آهي. تاتاري چنگيز خان جي زال بورتا خاتون کي دشمن قبيلو اغوا ڪري کڻي ويو ۽ جڏهن هوءَ واپس آئي ته هڪ ٻار جي ماءُ بڻجي چڪي هئي ۽ ان ڳالهھ جي ڪا پڪ نـ ھُئي ته ٻار جو پيءُ ڪير آهي؟ پر ان جي باوجود چنگيز خان کيس عزت سان رکيو، ھوءَ هميشه سندس خاتون اول رهي، ان پٽ کي به پنهنجو پٽ بڻائي ان جي پرورش ڪئي، ان سلسلي ۾ هن ڪڏهن به پنهنجي زال تي ڪو ڏوھ نه ڏنو، سندس هميشه عزت احترام ڪندو رهيو، جڏهن ته تازوئي سنڌ ۾ ھڪ ليڊي هيلٿ ورڪر کي زوري اغوا ڪري ان سان ڏاڍائي ڪئي وئي ته سندس مڙس سندس ساٿ ڏيڻ بجاءِ کيس گهر مان ڪڍي ڇڏيو جڏهن ته عورت سان زبردستي ڪئي وئي هئي. ان مان لڳي ٿو تـ اسان چنگيزي دور کان بـ صديون پٺتي پيل آهيون.
8 مارچ تي سماج جون سڄاڻ، پڙهيل لکيل عورت اڳواڻ، عورتن سان ٿيندڙ سماجي ناانصافي ۽ اڻ برابري تي ريلي، مارچ يا عورت ڪانفرنس ڪن ٿيون ته اسان جا پاڻ کي ھٿ ٺوڪيا ساڃاھوند سڏائڻ وارا به غليظ ۽ ڪريل ٻولي ڳالهائڻ شروع ڪيو ڇڏين، ڄڻ عورتن جي حقن تي ڳالهائڻ ۽ عورتن جا حق گهرڻ ڪو عظيم گناھ هجي. پوءِ به سلام آهي انهن عورتن کي جيڪي ڪرھت ڏيندڙ سماجي روين کي برداشت ڪري بهادري سان عورتن سان ٿيندڙ ظلم ڏاڍ خلاف عورتن سان ٿيندڙ انياء تي ڀرپور آواز اٿارين ٿيون. دنيا جي انساني حقن جي جي تنظيمن تائين سنڌ جي عورت سان ٿيندڙ ناانصافين، اڻ برابري، جانورن جهڙي سلوڪ کي سامھون آڻين ٿيون، هو سنڌ جي هر عورت جو گڏيل آواز بڻجي گونجن ٿيون، سڄي دنيا جيان سڀاڻي سنڌ ۾ به عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو اسان پر عزم آهيون تـ ڪيسين رهندي ڪاري اونداهي رات، نيٺ ته صبح ٿيندو