داعش اڳواڻ شريف الله عرف جعفر جي گرفتاري جي ڪھاڻي

داعش جي آمريڪا کي گھربل اھم ملزم کي پاڪستان جي ادارن گرفتار ڪري آمريڪا حوالي ڪري ڇڏيو آھي.جنھن بابت ڪافي دلچسپ معلومات سامھون آئي آھي.ميڊيا موجب آمريڪي سي آءِ اي چيف  ريٽڪلف پاڪستان جي ڳجھي اداري کي ٻڌايو ھو تھ  2021 ۾ ڪابل ايئرپورٽ حملي جي ماسٽر مائنڊ کي پڪڙڻ واري عمل کي اوليت ڏني وڃي.جنھن سان پاڪستان جا آمريڪا ۽ ٽرمپ سان سٺا لاڳاپا ٿي سگھن ٿا.آمريڪا کي گهربل  اھو ملزم شريف الله عرف جعفر آھي،جيڪو گرفتار ٿيڻ بعد آمريڪا حوالي ٿي ويو آھي.ملزم کي آمريڪي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آھي، جنھن بعد وڌيڪ ڪيس ھلندو.جنھن جي سزا عمر قيد ٿي سگھي ٿي. ڪابل ايئرپورٽ تي ٿيل خودڪش حملو ان  وقت ٿيو ھو جڏھن  افغانستان مان آمريڪي فوج پنھنجا تڏا ويڙھي نڪري رھي ھئي.

محمد شريف الله، عرف جعفر آگسٽ 2021 ۾ ان  حملي اھم ڪردار ادا ڪيو ھو،جنھن  ۾ 13 آمريڪي اھلڪارن سيمت ڪل 170 افغان شهري مارجي ويا ھئا.جوابدار شريف الله مترجم ذريعي آمريڪي جج سان ڳالھھ ٻول ڪئي. ٻڌڻي دوران اٽارني ٻڌايو تھ  آمريڪي حڪومت ملزم کي وڪيل پڻ مھيا ڪندي.ڪابل ايئرپورٽ تي خودڪش حملي جي ذميواري  انتهاپسند تنظيم داعش قبول ڪئي ھئي.

پاڪستاني سيڪيورٽي ذريعن موجب شريف الله 2016 ۾ داعش جي خراسان شاخ  ۾ شامل ٿيو ۽ ڪابل سميت افغانستان ۾ 21 حملن ۾ ملوث هڪ وڏي ٽيم جو حصو هو ۽ تنظيم جي اڳواڻ شهاب المهاجر جو ويجهو ساٿي آھي. شريف الله افغانستان  ۾سيپٽمبر 2019 ۾ گرفتار  ٿيو هو. جيڪو 15 آگسٽ 2021 تي طالبان جي ڪابل تي قبضي دوران جيل مان فرار ٿيو.ھو فيبروي ۾ ٻين 9 ڄڻن سان گڏ پاڪستان جي آءِ ايس آءِ ۽ آمريڪي سي آءِ اي جي گڏيل آپريشن ۾ گرفتار ڪيو ويو.اھو آپريشن بلوچستان جي سرحدي علائقي ۾ ٿيو.

ميڊيا موجب  سي آءِ اي ڪجهه وقت کان شريف الله جي نگراني ڪري رهي هئي، پر ھڪ ھزار کان وڌيڪ انتھا پسندن ۾ شامل  شريف الله جو گروپ ايران،ترڪي، روس ۽ ٻين ملڪن ۾ سفر ڪندو رھيو،جنھن ڪري ڪارروائي ۾ دير ٿي.ڪجههھ وقت اڳ ان گروپ جي پاڪستان جي ان علائقي ۾ موجود ھجن ۽ ڪجهه وقت ترسڻ جو اطلاع ھو،جنھن بعد اھا ڪارروائي ڪئي وئي.ھن آپريشن بابت  ڳجھي معلومات سي آءِ اي، پاڪستان جي  آءِ ايس آءِ کي ڏني. آءِ ايس آءِ  ۽ پاڪستاني فوج جي هڪ  يونٽ ان بابت وڌيڪ ڪارروائي ڪئي.

ذريعن موجب  عهدي سنڀالڻ کان پوءِ، صدر ٽرمپ سي آءِ اي ڊائريڪٽر جان ريٽڪلف کي هدايت ڪئي ته ايبي گيٽ حملي ۾ ملوث  ملزمن کي سوگھو ڪرڻ کي اوليت  ڏني وڃي. سي آءِ اي ڊائريڪٽر عهدي سنڀالڻ ھي ٻئي ڏينهن ئي پاڪستان ۾ اعليٰ عملدارن سان معاملو اٿياريو ۽ پوءِ فيبروري ۾ ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ هڪ اعليٰ پاڪستاني سيڪيورٽي اهلڪار سان ان مسئلي تي  ڳالھيون ٿيون.

آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته  شريف الله ايبي گيٽ حملي جي تياري ۾ مدد ڪرڻ جو اعتراف ڪرڻ سان گڏ شريف الله، عبدالرحمان ال لوگاري کي داعش خراسان جي هڪ آپريٽو طور سڃاتو ۽ اعتراف ڪيو ته هو کيس اڳ سڃاڻي ٿو. ياد رھي تھ ال لوگاري  ايبي گيٽ تي خودڪش بم ڌماڪو ڪيو هو.شريف الله ڪيترن ئي ٻين حملن ۾ داعش خراسان جي مدد ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آھي.اختيارين جو چوڻ آهي ته ملزم20 جون 2016 تي حملي کان اڳ هڪ خودڪش بمبار جي تياري جي نگراني پڻ ڪئي ۽ بعد ۾ بمبار کي سندس هدف جي ويجهو پھچايو.

ميڊيا رپورٽن موجب ھن آپريشن ۾ گرفتار ڪيل 9 ملزمن مان ءِ روس جي حوالي ۽ 2 ايران حوالي ڪيا ويا.ڪارروائي جو ھنڌ تربت لڳ سرحدي علائقو آھي.ياد رھي تھ ھن متحرڪ گروپ بابت عالمي ميڊيا ۾ وڏي اھميت آھي، اھو ئي سبب آھي جو سمجيھو وڃي ٿو تھ ان گرفتاري کانپوءِ افغانستان مان آمريڪي فوجي جي نڪرڻ دوران آمريڪي اختيارن جي ٿيل ڪوتاھين بابت بھ جاچ ٿي سگھي ٿي.جنھن جو اشارو اڳ ۾ ئي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڏئي چڪو آھي.افغناستان مان فرار ٿيندڙ ھن اھم اتنھا پسند ويڙھاڪ گروپ روس ۽ ايران ۾ پڻ ڪارروائي ڪئي ھئي.جنھن ۾ بھ وڏو نقصان ٿيو ھو.روس ۾ اھو حملو 22 مارچ 2024 تي ھڪ ڪنسرٽ ھال ۾ ٿيو ھو،جنھن دوران 145 ماڻھون مارجي ويا ھئا.ميڊيا موجب آمريڪي ذريعن روس کي ان بابت اڳ ۾ ئي خبردار ڪيو ھو.ايران ۾ ان گروپ ڪرمان ۾ جنوري ۾ ڪارروائي ڪئي ھئي.

چيو ٿو وڃي تھ ھن وقت لڳ ڀڳ ھڪ ھزار کان وڌيڪ داعش جا انتھا پسند مختلف ملڪن ۾ پکڙيل آھن،جيڪي امن لاءِ خطرو سمجھيا پيا وڃن.ذڪر ڪيل ملزمن جي گروپ بابت ميڊيا موجب آمريڪا ستر ملڪن سان انٽيليجنس معلومات شيئر ڪئي ھئي.ان ھوندي بھ اھي ملزم ھڪ کان ٻئي ملڪ فرار ٿيندا رھيا ان ڪري پڪرجڻ کان بچي ويندا ھئا.پاڪ آمريڪا جي لاڳاپن جي حوالي سان اھا ڪارروائي گھڻي مثبت  سمجھي پئي وڃي جنھن جا نتيجا جلد ئي سامھون ايندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.