جسم سان گڏ دماغ کي به فائدو، رڳو هڪڙو ڪم ڪيو!

ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته رڳو پنڌ ڪرڻ جي عادت توهان جي دماغ کي جوان، تيز ۽ متحرڪ رکي سگهي ٿي؟
جي ها! 2011 ۾ Proceedings of the National Academy of Sciences (PNAS) ۾ ڇپيل هڪ تحقيق موجب اهي ماڻهو جيڪي هفتي ۾ ٽي ڏينهن روز 40 منٽ پنڌ ڪندا رهيا، رڳو هڪ سال اندر انهن جي دماغ جي هڪ اهم حصي هيپوڪيمپس (Hippocampus) ۾ واڌ ڏٺي وئي.
هي اهو حصو آهي، جيڪو يادداشت، سکڻ ۽ ڌيان برقرار رکڻ سان سڌي ريت واسطو رکي ٿو.
تحقيق ۾ اهو به ڏٺو ويو ته پنڌ ڪندڙ ماڻهن جي يادداشت جي ٽيسٽن جي نتيجن ۾ واضح بهتري آئي، يعني رڳو هلندڙ جھي عادت انهن جي ذهني ڪارڪردگي کي بهتر بڻائي ڇڏيو.
ڊاڪٽر سلمان فيروز موجب جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته توهان جو ذهر سدائين چست، دماغ جوان ۽ يادداشت مضبوط رهي ته روز ڪجهه منٽ پنڌ لاءِ ڪڍو.
اها سادي عادت حقيقت ۾ توهان جي جسم سان گڏوگڏ توهان جي دماغ کي به تازگي ۽ نئين زندگي ڏئي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.