”تون هڪ سياسي جنازو بڻجي چڪو آهين“ رئوف حسن فواد چوڌري کي ڀڳوڙو قرار ڏئي ڇڏيو

تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ رئوف حسن فواد چوڌري کي ڀڳوڙو قرار ڏئي ڇڏيو.
رئوف حسن ايڪس تي لکيو ته فواد چوڌري کي پارٽي سان غداري جي ڏوهه ۾ 23 جون 2023 ۾ پي ٽي آءِ مان ڪڍيو ويو.
هن فواد چوڌري کي مخاطب ٿيندي چيو ته تون هڪ سياسي جنازو بڻجي چڪو آهين ۽ سياست ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهڻ لاءِ پِني رهيو آهين.
رئوف حسن واضح ڪيو ته پارٽي ۾ ڀڳوڙن ۽ خوشامدين لاءِ ڪا جاءِ ناهي، هر در تان ڌڪارجڻ کانپوءِ فواد چوڌري ڪنهن نه ڪنهن ريت سياسي اهميت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هڪ ڀڄندڙ ڪوئي جو آخري ٺڪاڻو اها ئي اونداهي ٻِر آهي، جتان رڳو گار ئي نڪرندي آهي، پنهنجي ان ئي ٻر ۾ خوش رهو ۽ ان بدبوءِ ۾ جيئو، جيڪا توهان جو مستقل حصو بڻجي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.